سنڌ جي ڀوتارن جا ڪرسيءَ عيوض ڪيل ڪارناما رسول بخش پليجو پاڪستان ٺهيو هو 1940ع جي ٺاهه موجب، جنهن ۾ پاڪستان، فيڊريشن، مضبوط مرڪز، مارشل لا وغيره جي ڪا به گنجائش نه هئي، نه وري اها گنجائش هئي ته هڪڙي ملڪ جون فوجون وڃي ٻئي ملڪ تي قبضو ڪري ملڪ جي اصلي مالڪن کي غلام بنائي ويهي رهن. پر اسان سان دوکو ٿيو، اسين پهرئين ڏينهن کان وٺي زير دست بڻايا وياسين. مس مس روئي پٽي جيڪو منو سئو سالن کان پوءِ بمبئي واري ون يونٽ جو ڳٽ ڳچيءَ مان ڪڍي مس اڇلايو سين ته ان کان اڃا به بدتر حالتن جو نئون ڳٽ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. سنڌ مٿان الف کان ي تائين ڌارين جي حڪومت مڙهجي ويئي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين عملي طرح مڙهيل آهي. پر اسان جي وڏيرا شاهي عملي طرح چپ سبيو ويٺي رهي. اڄ 65 سالن ۾ صورتحال هيءَ اچي بيٺي آهي ته، (1) اسان جي تعليم دهشتگردن جي حوالي آهي ۽ مڪمل طرح تباهه ڪري ڇڏي ويئي آهي. (2) اسان جا ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص جهڙا شهر اسان کان ڄڻ ته کسيل آهن. (3) اسان جي سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ جو وڏو مقدار پهرئين ڏينهن کان وٺي اسان کان کسيل آهي، ڪيترا ڊيم مڙهجي چڪا آهن. سنڌ جي لاڙ ڏانهن سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو وهڪرو بند آهي. (4) ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جون تياريون زور شور سان شروع آهن، پر وڏيرا چپ آهن. وڏيرن جي اڪثريت واري نام نهاد مفاهمتي پارليامينٽ چپ آهي، چئي ٿي ته، اهو ”مئل مسئلو آهي“. جيئن ته پارليامينٽ کان اهو مسئلو باقاعدي طئي ڪرايل ڪونهي، تنهن ڪري چئبو ته ڄاڻي واڻي مخالفن لاءِ رستو کليو ڇڏيو ويو آهي ته جڏهن به وارو ملين، تڏهن هڪدم ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏين. مڪريل وڏيرا شاهي واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙي، هاءِ هاءِ ڪري گهر سمهي رهندي، چوندا ”اسان جي حڪومت نه وڃي ها ته هيئن ڪو نه ٿي سگهي ها!“. (5) ڀوتارن سنڌ جي تخت گاهه ڪراچيءَ ۾ سنڌين لاءِ تعليم ۽ روزگار جا دروازا بند ڪرائي کين ڪراچيءَ ۾ ڄڻ خانه بدوش بنائي ڪرسيون ورتيون آهن. (6) سموري سنڌ ۽ خاص ڪري اپر سنڌ کي سنڌي ٻارن ۽ نياڻين جو قتل گاهه بنائي ڇڏيو ويو آهي. ”دين ۾ زبردستيءَ جي اجازت ناهي!“ واري مقدس فرمان جي علي الاعلان خلاف ورزي ڪري مذهبي رواداريءَ جي اعليٰ ترين سونهري اصولن کي غرور ۽ تڪبر سان لتاڙيو ۽ سنڌ جي اڳيئي تباهه ٿيل امن امان کي وڌيڪ تباهه ڪيو پيو وڃي. (7) معصوم ٻارن سان زبردستي ڪري کين جيئري دفن ڪيو پيو وڃي. (8) پوليس ۽ قانون جي حفاظت هڪڙي وڏيرڪي مسخري ۽ رونشو بنائي ڇڏي ويئي آهي. سرڪاري ملازم ڀوتارن جي درن جا غلام بنايا ويا آهن، جيڪي سڄو ڏينهن سندن جتيون سڌيون ڪرڻ ۾ پورا آهن. (9) سنڌ جي زراعت هٿرادو ٻوڏن ۾ تباهه ڪري لکين سنڌي ماڻهن کي پينو فقير بنايو ويو آهي ۽ تباهيءَ جي تدارڪ کي هڪڙو بيهودو ناٽڪ بنائي ڇڏيو ويو آهي. (10) اٽي، اَن، تيل، بجلي ۽ ٻين زندگيءَ جي ضرورتن لاءِ ماڻهو حيران ۽ پريشان آهن. (11) ٿر جي ڪوئلي جو اڌ ري گناهه مرڪز جي حوالي ڪيو ويو آهي. ڪي زمانا ٿي وياآهن، وڏيرڪين حڪومتن پاڻ ارب کرب کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن، پر هي سنڌ جي ڀلي جو بنيادي منصوبو کانئن چري ئي نٿو. ڪلهه ٽيون ڏينهن ان کي خيرن سان بند ڪري ڇڏيو ويو آهي. (12) دنيا ۾ گذر سفر جو وسيلو رڳو سرڪاري نوڪريون، پٽيواليون، ڪلارڪيون ۽ ماستريون وغيره ڪو نه هونديون آهن، مکيه ذريعو زراعت، واپار، ڪارخانا وغيره هوندا آهن. سنڌ ۾ ٻٽي ڪارخانا وجهي پوءِ هٿرادو بدامنيءَ جو بهانو ڪري اهي پنجاب پهچايا ويا. فصلن جي بهتريءَ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو آهي، جيڪي انڌا منڊا ڪمند وغيره جا فصل ٿيندا، انهن جي لاءِ يا ته ڪارخانه وقت سر نه کوليا ويندا ۽ کين سڪائي ڇڏيو ويندو يا وري ٻاهران کنڊ مرچ ۽ ٻيون جنسون فصل لهڻ مهل گهرائي انهن جا اگهه هٿرادو اهڙا ڪيرايا ويندا، جو مسڪين کي خرچ به ڳچيءَ ۾ پئجي ويندا. (13) ٻوڏ ستايلن لاءِ جيڪا امداد گڏ ٿي، اها ڀوتارن پاڻ پنهنجن هٿان کارائي ۽ وڪڻائي چٽ ڪري ڇڏي. غريب ٻوڏ ستايل اڃا تائين پينوئن وانگر ڀٽڪن پيا. (14) سرڪاري نوڪريون به ڀوتارن ذاتي جاگيرون سمجهي پنهنجن اڪثر چمچن ۾ ورهائي ڇڏيون، غريب رڳو ڏسندا، سڪندا ۽ تڙپندا رهجي ويا آهن. (15) سوين پرائمري اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بنيا بند پيا آهن. ماسترن جو نالو نشان ڪونهي. امتحان قوم سان هڪڙو بي رحم مذاق بنايا ويا آهن. تعليمي ادارن ۾ پڙهائي نالي ڪا شيءِ ڪانهي، ماستر يا ته آهن ئي ڪو نه يا ته ٽيوشن سينٽر کوليو ڪوڙي تعليم ڏيو پنهنجا گهر پيا ڀرين. (16) سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن سان جيڪا حالت ڪئي وئي آهي، سا جيڪر ڪو دشمن کان دشمن ماڻهو به نه ڪري. سنڌ جي اعليٰ تعليم جا ادارا يعني تعليمي بورڊ ۽ يونيورسٽيون ان ڌر جي گورنر بهادر جي حوالي ڪيل آهن، جيڪا ڌر ڪراچيءَ ۾ سنڌي شاگردن جي شڪل به ڏسڻ نٿي برداشت ڪري. ڪنهن سنڌي غريب کي نوڪري ڪندي ڏسي نٿي سگهي ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن جي سنڌي اسڪولن ۾ ماستر اردو ڳالهائيندڙن کانسواءِ نٿي رکي. (17) پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته ڪنهن به رٽائر آفيسر کي وري ادارن مٿان نه رکيو وڃي، پر سنڌ جي بورڊن ۽ يونيورسٽين مٿان گذريل 24 سالن کان رٽائرڊ آفيسر مقرر ڪيا پيا وڃن، جن جو مکيه فرض 24 ڪلاڪ گورنر صاحب جي خاڪشوري ڪرڻ آهي. جيستائين سنڌ جي هنن ڀوتارن ڦورو ۽ ظالم قوم دشمن راڄ مان قطعي طرح ۽ هميشه لاءِ جند نه ڇٽندي، پوليس ۽ ڪامورا وڏيرڪي ڄٽ لوڌ جي غلاميءَ بدران عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ پابند نه هوندا. جيستائين ماڻهو بکن، بيمارين، خوف، دهشت، ڦرلٽ ۽ ڪرپشن جي قيد مان آزاد نه ٿيندا، جيستائين سنڌ جي تعليم کي وڌيل لاقانونيت، گورنر شاهي، دهشتگردي ۽ غنڊا گرديءَ جون ٻيڙيون ۽ زنجير نه ٽوڙيا ويندا، رت جي راند ڪندڙ غنڊن کي مقدس تعليمي ادارن مان تڙي ٻاهر نه ڪڍيو ويندو، جيستائين روزگار، امن امان، تعليم ۽ زندگيءَ جا انسانيت وارا معمول بحال نه ٿيندا، تيستائين سنڌ هڪڙو نازي قيد خانو بنيل رهندي، جيڪا ڳالهه سنڌي قوم جا سچا پچا سجاڳ ۽ سمجهو سپوت هرگز هرگز برداشت نه ڪندا.