ڇا صوفي ازم اسانجي دور سان يڪسانيت رکي ٿو؟ مبارڪ علي هاڻوڪي مذهبي دهشتگردي جي باري ڪجهه ماڻهن کي يقين آهي ته جيڪڏهن صوفي ازم کي هڪ ڀيرو ٻيهر زنده ڪيو وڃي ته مذهبي ڏاڍ ۽ ڪٽر پن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. پراڻو نظام ۽ خيالن جي بحالي ڪو نئون خيال ناهي. گذريل سماج تخليق ڪاري ۽ نواڻ جي کوٽ هجڻ سبب نئين خيالن سان هلڻ جي قابل نه هوندا آهن اُهي نئين چئلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي پراڻي خيالن ڏانهن ڏسندا آهن ته جيئن انهن کي استعمال ڪري مسئلن جو حل ڳوليو وڃي. ”دي ايٽينٿ برومير آف لوئيس بوناپارٽ“ ۾ ماڪرس بلڪل ٺيڪ چيو آهي، هن لکيو آهي ته ”پوءِ جڏهن هو پاڻ کي تبديل ڪري پهريان کان مختلف ٿيڻ جا جتن ڪندا آهن ۽ ان تبديلي جي وقت ماضي جون ڳالهيون گڏ ڪري ساڳيا نالا، جنگي ڪارروايون، ريت رواج کي پنهنجي وقت جي نئين تواريخ سان ڀيٽائيندا آهن. هونئن جيڪي ماضي جون دليلون ڏيندا آهن دراصل هو اهڙي سوچ کان محروم آهن ته هر نظام هڪ خاص وقت ۽ جاءِ لاءِ هوندو آهي جيڪو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کانپوءِ غير ضروري ٿي ويندو آهي. اُڀرندڙ نئين چئلنجز واري حالتن جي تبديلي لاءِ نئين حڪمت عملي ضرور هجڻ گهرجي. برصغير ۾ صوفي ازم 13 صدي ۾ مشهور ٿيو، انهيءَ دور ۾ هندستان ۾ تُرڪين جي حڪمراني قائم ٿي رهي هئي، ان وقت مقامي حڪمرانن جي خلاف جدوجهد جاري هئي جيڪي حملي آورن جي سياسي حڪمراني کي روڪڻ لاءِ وڙهي رهيا هئا. انهيءَ ڏکي وقت ۾ دهلي جي سُلطان کي ڪافرن جي خلاف سندس سپاهين جي پٺڀرائي ڪرڻ لاءِ صوفين جي حمايت جي ضرورت هئي انڪري هنن صوفين جي مدد سان جنگ هجي يا ڪو ڏکيو وقت ٽاريو ۽ انهن کان فيض حاصل ڪيائون. سلطاني حڪمراني جي دور ۾ ٻه صوفي لڙيون چشتيه ۽ سهرورديه اهم ڪردار ادا ڪيو. صوفين جي وحدت الوجود جي خيالن جي خمت مذهبي برداشت کي قائم ڪري هندو ۽ مسلمانن جي وچ ۾ جهيڙي کي جواز بڻايو. اِها پاليسي انهن حڪمران جي هئي جن کي اِها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته اسين فوجي طاقت جي ڀروسي تي گهڻي عرصي تائين حڪومت نه ڪري سگهندا سين. غلام عوام کي اِهو يقين ڏيارائڻ ضروري هو ته انهن سان رواداري وارو رويو اختيار ڪيو ويندو. خانقاهن ۽ صوفين جي مزارن جو نظام گڏوگڏ هلايو ويو ته جيئن عوام کي سياسي نظام سان راضي ڪيو وڃي. عام طور تي صوفي عوام کي بغاوت يا حڪمرانن جي خلاف ناراضگي جو اظهار ڪرڻ لاءِ نه ڀڙڪائيندا هئا. اُهي ماڻهن کي ڏکيو وقت برداشت ڪرڻ ۽ دنياوي ڏکياين لاءِ روحاني سُڪون ڳولڻ جو درس ڏيندا هئا. اطاعت ۽ تابعداري اهڙا اصول هئا جن تي سندن پوئلڳ عمل ڪندا هئا. صوفين جي روحاني اهميت کي سڃاڻيندي سلطان ۽ اعليٰ طبقن صوفين جي گادي نشيني قائم ڪئي ۽ مالي امداد ڪري سندن حڪمراني کي يقيني بڻايو. صوفين کي سدائين حڪمرانن جي امداد جو آسرو هوندو هو. ائين سلطاني دور ۾ صوفين سياسي نطام جو ساٿ ڏنو ۽ ڪڏهن هنن جي خلاف بغاوت نه ڪئي. پر مغلن جي حالتون بدلجي رهيون هيون. جڏهن اڪبر سندس سلطنت وڌائي ۽ مغل بادشاهت کي يقيني بڻايو ته مغل بادشاهن کي صوفين جي حمايت ۽ دُعا جي ضرورت نه هئي. اڪبر خواجه سليم چشتي ۽ خواجه معين سان پنهنجي ڀرپور عقيدت جو اظهار ڪيو پر انهن کي سياست ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو. صلح جي پاليسي سان هن مسلمانن ۽ هندن کي سياسي ۽ سماجي طور تي گڏ ڪري هلڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ڪري گڏيل معاشرو ۽ گڏيل تواريخ جو جنم ٿيو جنهن ۾ ٻنهيءَ ڀرپور تعاون ڪيو. ائين صوفين کي اڳتي رکڻ بدران پوئتي رکي ڪري انهن جي مدد کانسواءِ رواداري کي سياسي طور تي پاليو ويو. دارالشڪوه جي صوفي ازم سان چاهت عملي سياسي ۾ ڪتب آڻڻ پڙهڻ موجب بيحد اونهي هئي. اسين ڏسي سگهون ٿا ته هن جي صوفي اُستادن هن کي برباد ٿيڻ کان بچايو نه. دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته مغل سلطنت جي ذوال سان صوفي ازم جو ادارو به ذوال جو شڪار ٿي ويو. مغلن جي آخري دور ۾ جڏهن سياسي بحران ۽ سماج ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو ته جعلي صوفين جو وڏو انگ اُڀريو جيڪو پنهنجي حرفت ۽ اٽڪل سان عوام کي بيوقوف بڻائي رهيو هو. سياسي نظام ۽ سماجي قدرن جي تباهي سبب غريب ڇا، امير به بيوس ٿي چُڪا هئا جنهن کانپوءِ وڏا وار، ڳاڙهي رنگ جون پوشاڪون ۽ آڱرين ۾ سون جون مُنڊيون پائڻ وارن کان متاثر ٿي ڪري صوفين تي اعتقاد ڪرڻ شروع ٿي ويا جيڪي سندن مشڪلاتن کي روحاني طاقت سان حل ڪن. پر بستي واد ۽ سياسي نظام قائم ٿيڻ سان سڄو منظر بدلجي ويو. سياسي استحڪام جي صوفين کي مليل ذميواري هاڻي غير ضروري ٿي وئي پاڪستان ۾ جيڪي مذهبي ڪٽر پڻ جي خلاف وڙهڻ جا خواهشمند آهن انهن کي سڀ کان پهريان انهيءَ کي هاڻوڪو ماضي سمجهي ڪري پوءِ سماج جي معاشرتي ۽ سياسي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ نوان خيال استعمال ڪرڻ گهرجي. پراڻا خيال ۽ ريت رواج کي ٻيهر زنده ڪري يا صوفي شاعري ڳائي سماج جي ڀلائي نٿي ٿي سگهي. وچار ڊاٽ ڪام تان ورتل