امن جو نوبل انعام 1901 ع کان 2014 ع تائين، 95 ڀيرا ، 128 شخصيتن ۽ ادارن کي ڏنا ويا آهن. جن ۾ 103 شخص ۽ 25 ادارا شامل آهن. انٽرنيشنل ڪميٽي آف ريڊ ڪراس، 3 ڀيرا (1917، 1944، 1963 ع )، پناهه گيرن جي بحاليءَ لاءِ قائم ڪيل گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر جي آفيس 2 ڀيرا ( 1954 ع ۽ 1981 ع )، ۽ 22 ٻيا ادارا ، امن جو نوبل انعام حاصل ڪري چڪا آهن. امن جو نوبل انعام ماڻيندڙ شخصيتن ۽ ادارن جي ترتيبوار فهرست هيٺ پيش ڪجي ٿي. 2014 ع : ڀارت ڄائَي ڪيلاش ستيارٿي ۽ پاڪستان ڄائِي ملالا يوسف زئيءَ کي ٻارن جو جبري پورهيو روڪڻ ۽ ٻارن جي تعليم جي حق لاءِ پتوڙڻ جي عيوض انعام ڏنو ويو. 2013 ع : ڪيميائي هٿيار روڪڻ واري اداري او پي سي ڊبليو، کي ڪيميائي هٿيارن جي روڪ لاءِ ڪوششون وٺڻ لاءِ انعام ڏنو ويو. 2012 ع : امن، مفاهمت، جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ گذريل ڇهن ڏهاڪن کان پتوڙڻ جي اعزاز ۾ يورپين يونين کي انعام ڏنو ويو. 2011 ع : عورتن جي تحفظ ۽ حقن لاءِ اهنسائي جدوجهد ڪندڙ ٽن عورتن ايلين جانسن (البانيا)، ليما بووي ( ليبيا ) ۽ توڪل ڪرمان (يمن ) کي انعام ڏنو ويو. 2010 ع : چين ۾ انساني حقن لاءِ پتوڙيندر شخص ليو زيابائو کي انعام ڏنو ويو. 2011 ع : عالمي ڊپلوميسي ۽ ماڻهن جي وچ ۾ سهڪار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ امريڪي صدر باراڪ اوباما کي انعام ڏنو ويو. 2010 ع : فن لينڊ ڄائي مارٽي اهتساريءَ کي مختلف عالمي تڪرار نبيرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي موٽ ۾ انعام ڏنو ويو. 2007 ع : موسمياتي تبديليءَ جي حوالي سان ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ انٽر-گورنمينٽل پينل آن ڪلائيميٽ چينج ( آءِ پي سي سي ) اداري ۽ البرٽ ارلونڊ کي انعام ڏنو ويو. 2006 ع : عوام ۾ هيٺين سطح تي معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ ڪوششون ڪرڻ تي بنگلاديش ڄائي محمد يونس ۽ گرامين بينڪ کي انعام ڏنو ويو. 2005 ع : فوجي مقصدن لاءِ نيوڪليئر توانائيءَ جي استعمال کي روڪڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ جي نتيجي ۾ انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي ( آءِ اي ئي اي ) ۽ مصر جي محمد الباراديءَ کي انعام ڏنو ويو. 2004 ع : ڪينيا ڄائي سياستدان وانگاري موتا ماٿئي کي جمهوريت ۽ امن لاءِ ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ انعام ڏنو ويو. 2003 ع : ايران جي وڪيل شيرين عباديءَ کي جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ پتوڙڻ تي انعام ڏنو ويو. 2002 ع : امريڪي سياستدان جمي ڪارتر کي عالمي مسئلن جو پرامن حل ڳولڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ تي انعام ڏنو ويو. 2001 ع : گڏيل قومن جي اداري ۽ ان جي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان کي منظم نموني پرامن دنيا لاءِ ڪم ڪرڻ تي انعام ڏنو ويو. 2000 ع : ڏکڻ ڪوريا جي اڳوڻي صدر ڪم دائي جنگ کي جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ پتوڙڻ تي انعام ڏنو ويو. 1999 ع : فرانس جي اداري ميڊيسنس سانس فرنٽيئر کي مختلف کنڊن ۾ فلاحي ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ انعام ڏنو ويو. 1998 ع : اتر آئرلينڊ جي تڪرار جي پرامن حل ڳولڻ تي جان هيوم ۽ ڊيوڊ ٽريمبل کي انعام ڏنو ويو. 1997 ع : انسان دشمن معدنيات کي استعمال ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ تي انٽرنيشنل ڪيمپين ٽو بين ليند مائين ( آءِ سي بي ايل ) ۽ جوڊي وليمس کي انعام ڏنو ويو. 1996 ع : اوڀر تيمور مسئلي جو پرامن حل ڪڍڻ تي ڪارلوز فلپ ۽ جوز هارٽا کي انعام ڏنو ويو. 1995 ع : عالمي سياست مان نيوڪليئر هٿيارن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ جوسف روبلاٽ، ۽ پگواش ڪانفرنسز آن سائنس ايند ورلڊ افيئرس کي انعام ڏنو ويو. 1994 ع : وچ اوڀر ۾ امن جي قيام لاءِ پاڻ پتوڙڻ تي فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات، شيمون پيرس يٽزڪ ريبن کي انعام ڏنو ويو. 1993 ع : ڏکڻ افريڪا ۾ اپارٿيڊ نظام جو پرامن خاتمو ڪرڻ ۽ اتي جمهوريت جو بنياد وجهڻ تي نيلسن منڊيلا ۽ فريڊرڪ وليم ڊي ڪليرڪ کي انعام ڏنو ويو. 1992 ع : سماجي انصاف لاءِ پتوڙڻ تي گوانٽانامو ڄائي ريووبرٽا کي انعام ڏنو ويو. 1991 ع : ميانمير جي جمهوريت پسند اڳواڻ آنگ سانگ سوڪي ( سوچي ) کي جمهوريت جي بحالي ۽ انساني حقن لاءِ پرامن جدوجهد ڪرڻ تي انعام ڏنو ويو. 1990 ع : دنيا جي امن لاءِ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻ تي ميخائيل گورباچوف کي انعام ڏنو ويو. 1989 ع : روحاني اڳواڻ چوڏهين دلائي لاما کي انعام ڏنو ويو. 1988 ع : گڏيل قومن جي امن لاڳو ڪندڙ فورس کي انعام ڏنو ويو. 1987 ع : آسڪر ايرياس کي وچ امريڪا ۾ امن ڪوششون وٺڻ تي انعام ڏنو ويو. 1986 ع : روس جي سائنسدان ايلي ويسي کي انعام ڏنو ويو. 1985 ع : اداري، انٽرنيشنل فزيشنس فار دَ پريوينشن آف نيوڪليئر وار کي انعام ڏنو ويو. 1984 ع : اپارٿيڊ نظام جي مخالف ڏکڻ افريڪا جي پادري ڊيسمونڊ مپلو کي انعام ڏنو ويو. 1983 ع : پوليند جي ٽريڊ يونينسٽ ليڪ واليسا کي انعام ڏنو ويو. 1982ع : معشيت جي ماهرن الوا مائرڊال ۽ الفونسو روبلس کي انعام ڏنو ويو. 1981 ع: آفيس آف دي يونائيٽيڊ نيشنس هاءِ ڪمشنر فار ريفوجيز کي انعام ڏنو ويو. 1980 ع : ارجينٽينا جي انساني حقن جي اڳواڻ اڊولفو پيريز کي انعام ڏنو يو. 1979 ع : انسانيت جي خدمت ڪرڻ جي اعزاز ۾ مڌر ٽيريسا کي انعام ڏنو ويو. 1978 ع : مصر-اسرائيل امن معاهدو ڪرڻ تي انور السادات ۽ ميناچم بيگِن کي انعام ڏنو ويو. 1977 ع :- انساني حقن جي اداري ايمنسٽي انٽرنيشنل کي انعام ڏنو ويو. 1976 ع : امن اپائن تي بيٽي وليمس ۽ ميريڊ ڪوريگان کي انعام ڏنو ويو. 1975 ع : روس جي نيوڪليئر سائنسدان اينڊري سيڪروف کي انعام ڏنو ويو. 1974 ع : جاپان ۾ جمهوريت لاءِ ڪم ڪرڻ تي ميڪ برائيڊ ۽ سيساڪو ساٽو کي انعام ڏنو ويو. 1973 ع : ويٽنام ۾ جنگ بندي ڪرڻ تي امريڪي پرڏيهي وزير هينري ڪيسينجر ۽ ويٽنامي جنرل لي ڊڪ ٿو کي انعام ڏنو ويو. 1972 ع : هن سال ڪنهن کي به امن جو نوبل انعام نه ڏنو ويو. 1971 ع : جرمنيءَ جي انساني حقن جي اڳواڻ ولي برانڊٽ کي انعام ڏنو ويو. 1970 ع : بکايل دنيا کي کارائڻ جي اعزاز طور نارمن اي بورلاگ کي انعام ڏنو ويو. 1969 ع : انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن کي انعام ڏنو ويو. 1968 ع : فرانس جي جج ريني ڪاسن کي امن لاءِ پتوڙڻ تي انعام ڏنو ويو. 1967 ع : هن سال ڪنهن کي به ايوارڊ نه ڏنو ويو. 1966 ع : هن سال به ڪنهن کي به انعام نه ڏنو ويو. 1965 ع : گڏيل قومن جي اداري يونيسيف کي انعام ڏنو ويو. 1964 ع : امريڪا ۾ ڪارن جي برابريءَ لاءِ پتوڙيندڙ مارٽن لٿر ڪنگ کي انعام ڏنو ويو. 1963 ع : ريڊ ڪراس اداري کي انعام ڏنو ويو. 1962 ع : امريڪي ڪيمياگر لينس پالنگ کي انعام ڏنو ويو. 1961 ع : سوئيڊن جي معاشي ماهر ديگ هجالر اگني کي انعام ڏنو ويو. 1960 ع : ڏکڻ افريڪا جي سياستدان البرٽ جان لوتولي کي انعام ڏنو ويو. 1959 ع : هٿيارن جي ڊوڙ روڪڻ لاءِ ڪم ڪندڙ برطانوي سائنسدان فلپ نوئل بيڪر کي انعام ڏنو ويو. 1958 ع : بيلجيم جي انسان دوست جارجيس پاير کي انعام ڏنو ويو. 1957 ع : سوئيز ڪينال تڪرار جي حل لاءِ ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪينيڊا جي سياستدان ليسٽير بوليز پيئرسن کي انعام مليو. 1956 ع : هن سال ڪنهن کي به انعام نه ڏنو ويو. 1955 ع : هن سال به ڪنهن به انعام حاصل نه ڪيو. 1954 ع : يو اين ايڇ سي آر، کي انعام ڏنو ويو. 1953 ع : امريڪي جنرل جارج مارشل کي ٻي مهاڀاري جنگ ۽ سرد جنگ دوران امن-ڪردار ادا ڪرڻ تي انعام ڏنو ويو. 1952 ع : جرمن فلسفي البرٽ سُوتزر کي انعام ڏنو ويو. 1951 ع : فرانس جي ٽريڊ يونين اڳواڻ ليون جوهاڪس کي انعام مليو. 1950 ع : امريڪي سياسي سائنسدان رالف بلچ کي انعام مليو. 1949 ع : امريڪي سائڪو-سوشولاجسٽ لارڊ بريچن کي انعام مليو. 1948 ع : هن سال ڪنهن کي به انعام نه ڏنو ويو. 1947 ع : فرينڊس سروس ڪائونسل ۽ امريڪن فرينڊس سروس ڪميٽيءَ کي انعام ڏنو ويو. 1946 ع : ايملي گرين بالچ ۽ جان رالف کي انعام ڏنو ويو. 1945 ع : امريڪي سياستدان ڪارڊل هل کي انعام ڏنو ويو. 1944 ع : ريڊ ڪراس اداري کي انعام ڏنو ويو. 1943 ع : هن سال ڪنهن کي به انعام نه ڏنو ويو. 1942 ع : هن سال به ڪنهن کي انعام نه ڏنو ويو. 1941 ع : هن سال به نوبل انعام جي چونڊ نه ڪئي وئي. 1940 ع : هن سال به ڪنهن جي ڀاڳ ۾ انعام نه آيو. 1939 ع : هن سال به انعام نه ورهايو ويو. 1938 ع : گڏيل قومن جي پناهگيرن جي بحاليءَ واري اداري کي انعام ڏنو ويو. 1937 ع : برطانوي امن-ورڪر لارڊ سيسل کي انعام ڏنو ويو. 1936 ع : ارجنٽينا جي سياستدان ڪارلوز ساويدرا لاماز کي انعام مليو. 1935 ع : جرمن جمهوريت پسند ڪارل وون اوسيزڪي کي انعام مليو. 1934 ع : برطانوي سياستدان ارٿر هينڊرسن کي انعام مليو. 1933 ع : برطانيا ڄائي سر نارمن اينجل کي انعام مليو. 1932 ع : هن سال ڪنهن کي به انعام نه ڏنو ويو. 1931 ع : عالمي قانون کي سگهه بخشڻ جي موٽ ۾ جين آدمس ۽ نيڪولس بٽلر کي انعام ڏنو ويو. 1930 ع : سوئيڊن جي پادري لارس اولوف جوناٿن کي انعام ڏنو ويو. 1929 ع : امريڪي قانوندان فرينڪ بلنگس ڪيلاگ کي انعام سان نوازيو ويو. 1928 ع : هن سال ڪنهن کي به انعام نه ڏنو ويو. 1927 ع : امن جي قيام لاءِ پوري زندگي ڪم ڪرڻ جي اعزاز ۾ فرڊيننڊ بيوسن ۽ لُڊ ونگ قوائڊي کي انعام ڏنو ويو. 1926 ع : جرمني جي پرڏيهي وزير ارسٽائيد برائند ۽ فرانس جي پرڏيهي وزير گسٽاف اسٽريسمن کي امن-ڳالهين جي ڪاميابيءَ تي انعام ڏنو ويو. 1925 ع : سر آسٽن چيمبرلين ۽ چارلس گيٽس ڊيوس کي انعام ڏنو ويو. 1924 ع : هن سال ڪنهن کي به انعام نه ڏنو ويو. 1923 ع : هن سال به ڪنهن کي به انعام سان نوازيو ويو. 1922 ع : ناروي جي کوجي سائنسدان فريڊٽوف نينسين کي انعام ڏنو ويو. 1921 ع : ڪارل هئلمر برينٽنگ ۽ ڪرسچن لائوس کي انعام ڏنو ويو. 1920 ع : فرانس جي سياستدان وڪٽر آگسٽ بورجيوئيز کي انعام ڏنو ويو. 1919 ع : امريڪي صدر ٿامس ووڊرو ولسن کي انعام سان نوازيو ويو. 1918 ع : هن سال ڪنهن لي به انعام نه ڏنو ويو. 1917 ع : ريڊ ڪراس اداري کي انعام سان نوازيو ويو. 1916 ع: هن سال ڪنهن به انعام حاصل نه ڪيو. 1915 ع : هن سال به ڪنهن کي انعام نه ڏنو ويو. 1914 ع :- هن سال به امن جو انعام ڪنهن جي نصيب م نه آيو. 1913 ع : انٽرنيشنل پيس بيورو جي صدر هينري لا فونٽين کي انعام ڏنو ويو. 1912 ع : امريڪي قانوندان ۽ سياستدان اليهو روٽ کي انعام ڏنو ويو. 1911 ع : الفريد حرمين ۽ مائيڪل ڪيريل کي انعام ڏنو ويو. 1910 ع : انٽرنيشنل پيس بيورو کي انعام سان نوازيو ويو. 1909 ع : آگسٽ ميري فرانسڪو ۽ پال هينري بينجامين کي انعام ڏنو ويو. 1908 ع : سوئيڊن جي صحافي ۽ امن ورڪر پونٽس ارنولڊسن ۽ فريڊرڪ باجر کي انعام ڏنو ويو. 1907 ع : ارنيسٽو ٽيودورو ۽ لوئس رينالٽ کي انعام ڏنو ويو. 1906 ع : امريڪي صدر ٿيوڊور روزويلٽ کي انعام ڏنو ويو. 1905 ع : آسٽريا جي بيرونيس برٿا سوفي کي انعام سان نوازيو ويو. 1904 ع : انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل لا کي نوبل انعام جو اعزاز بخشيو ويو. 1903 ع : انگريز سياستدان رينڊال ڪريمر کي انعام ڏنو ويو. 1902 ع : سوئيزرلينڊ جي قانوندان چارلس البرٽ ۽ صحافي ايلي ڊوڪومن کي انعام ڏنو ويو. 1901 ع : سوئيزرلينڊ جي سرمائيدار جين هينري ڊونانٽ ۽ فريڊر پئسي کي امن جو پهريون انعام عطا ڪيو ويو. ادب: هن سال جو ادب جو نوبل انعام فرانس جي ناول نگار پيٽرڪ موڊيانو کي ڏنو ويو آهي. معشيت: مارڪيٽ جي سگهه ۽ ضابطي جو تجزيو ڪرڻ تي فرانس جي معاشي ماهر جين ٽائرول کي معشيت جو نوبل انعام ڏنو ويو آهي. نوبل انعام لاءِ ماڻهن جي چونڊ ڪير ڪندو آهي؟ ناروي جي پارليامينٽ مان پنجن ميمبرن تي مشتمل هڪ ڪميٽي 6 سالن لاءِ چوندي ويندي آهي. اها ڪميٽي هر سال، پنهنجي پنهنجي شعبي جي ماهرن، عالمي ساکائتين يونيورسٽين جي پروفيسرن، گذريل سالن جي نوبل انعام ماڻيندڙن، ۽ دنيا جي پارليامينٽري اسيمبلين ۽ حڪومتن ۽ ٻين ادارن کان ايندڙ سال جي نوبل انعام لاءِ اميدوارن جي فهرست، سندن ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ بابت رڪارڊ طلب ڪندي آهي. ان کان پوءِ اها ڪميٽي انهن شعبن جي ماهرن سان مسلسل لهه وچڙ ۾ رهندي آهي ۽ هر سال جي آڪٽوبر مهيني ۾ ناروي جي راڄڌاني اوصلو ۾ نوبل انعامن جو اعلان ڪيو ويندو آهي ۽ اهي انعام سوئيڊن جي راڄڌاني اسٽاڪ هوم ۾ 10 ڊسمبر تي نوبل جي ورسيءَ جي موقعي ڏهاڙي ڏنا ويندا آهن. امن جو نوبل انعام ٺڪرائيندڙ ڪميونسٽ اڳواڻ: لَي ڊڪ ٿو ويٽنام جو انقلابي، ڪميونشٽ پارٽيءَ جو اڳواڻ ۽ ويٽنام آرميءَ جو جنرل رهندڙ ، لَي ڊڪ ٿو، امن جو نوبل انعام ڏيڻ جي پوري تاريخ ۾ واحد شخص آهي، جنهن امن جو نوبل انعام ٺڪرائي ڇڏيو هو. لي ڊڪ ٿو، کي امريڪي پرڏيهي سيڪريٽري هينري ڪيسينجر سان گڏ 1973 ع ۾ امن جي انعام سان اعزازيو ويو هو، لي ڊڪ ٿو ۽ هينري ڪيسينجر کي 1969 ع کان 1973 ع تائين امن ڳالهيون جاري رکڻ ۽ ڪامياب ڪرڻ تي انعام ڏنو ويو هو. وڏين طاقتن سان وڙهڻ جو چڱو خاصو تجربو رکندڙ نوجوان ڪميونسٽ، امن جو نوبل انعام وٺڻ کان ان بنياد تي انڪار ڪيو ته ساڻس گڏ، امن جو نوبل انعام شيئر ڪندڙ امريڪي پرڏيهي سيڪريٽري هينري ڪيسينجر، جنگ بنديءَ واري معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، تنهن ڪري هينري ڪيسينجر کي انعام نه ڏنو وڃي؛ ٻي صورت ۾ اهو انعام ٺڪرائڻ جو حق، کيس حاصل آهي. نوبل انعام واري ڪميٽيءَ، هينري ڪيسينجر جو، لي ڊڪ ٿو جي احتجاج باوجود نالو نه ڪٽيو ته هن ويٽنامي انقلابيءَ پنهنجو ايوارڊ ٺڪرائي ڇڏيو