هڪڙي ڀيري جي ڳالهه آهي. هڪڙي ڳوٺ جي بازار ۾ هڪڙوڳوٺاڻو گاڏي تي ناسپاتيون کڻي آيو. اهي ناسپاتيون ڏاڍيون سٺيون ۽ مٺيون هيون. تنهنڪري ماڻهو اچي گاڏي جي چوڌاري ميڙو ڪري بيٺا. ايتري ۾ ڦاٽل ڪپڙن ۾ هڪڙو پادري به اتي آيو. هن هاريءَ کان هڪڙي ناسپاتي گهري، پر هاري ڏاڍو ڪنجوس ۽ بيحيا هو. انهيءَ ڪري هن ناسپاتي ڏيڻ کان بنهه انڪار ڪري ڇڏيو. غريب پادري اتي ئي بيٺو رهيو ۽ ناسپاتين کي ڏسندو رهيو. هاريءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ پادريءَ کي چوڻ لڳو ته: ”تون هتان وڃين ڇو نٿو؟“ پادريءَ چيو: ”ميان، تو وٽ هيتريون ساريون ناسپاتيون آهن، جيڪڏهن تون انهن مان هڪ ناسپاتي مون کي ڏيندين ته تنهنجو ڪهڙو نقصان ٿيندو؟“ ماڻهن جي ميڙ مان هڪ شخص چوڻ لڳو ته: ”جيڪڏهن تون هن پادريءَ کي سٺي ناسپاتي نٿو ڏيئي سگهين ته ڪا خراب ناسپاتي کڻي ڏينس.“ هاريءَ کي ويتر ڪاوڙ لڳي ۽ چوڻ لڳو ”مون هيڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪري ناسپاتين جو باغ هنيو ۽ جڏهن ناسپاتيون ٿيون، تڏهن بازار ۾ وڪڻڻ لاءِ آيو آهيان ۽ نه خيرات ڪرڻ لاءِ.“ هاريءَ جي اها ڳالهه ٻڌي، هڪڙو شخص اڳتي آيو ۽ هاريءَ کي ناسپاتيءَ جي قيمت ڏيندي چيائين ته ”هيءُ پئسا وٺ، پادريءَ کي هڪڙي ناسپاتي ڏي.“ هاريءَ انهيءَ شخص کان پئسا ورتا ۽ هڪ ناسپاتي کڻي پادريءَ کي ڏني. پادريءَ چيو ته “ ”آءٌ حيران آهيان ته خدا هن هاريءَ تي هيتري مهرباني ڪئي آهي، پر هيءَ هڪ ناسپاتي به ڪنهن کي خيرات ڏئي نٿو سگهي. جڏهن آءٌ پادري ٿيو هوس، تڏهن مون پنهنجو گهر ٻار ۽ پئسا سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو هو. مون وٽ هن وقت ناسپاتين جو هڪ ڀريل وڻ آهي. جيڪڏهن اوهين ٿوري دير ترسو ته آءٌ اوهان کي ناسپاتيون کارايان.“ هڪڙي شخص چيو: ”جيڪڏهن تو وٽ ناسپاتين جو وڻ آهي ته پوءِ تو هن کان ناسپاتي ڇو گهري؟“ پادريءَ جواب ڏنو ”ميان، ناسپاتين جو وڻ ته آءٌ هينئر پوکيندس.“ ائين چئي، هن ٿوري کڏ کوٽي هڪ ناسپاتي ۽ ان جو ٻج زمين ۾ وڌائين، وري پاڻي گهرائي انهي تي هاريائين، ماڻهو پادري کي ڏسي کليا ئي ۽ هن کي بيوقوف پئي سمجهائون. ٿوريءَ دير ۾ زمين مان هڪ ٻوٽو اُڀرڻ لڳو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي، هڪ اوچو وڻ ٿي ويو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ناسپاتيون هيون. وڻ کي ڏسي ماڻهو اچرج ۾ پئجي ويا. پادري وڻ مان ناسپاتيون پٽيندو، هرهڪ ماڻهوءَ کي هڪ هڪ ناسپاتي ڏيندو ويو. هاريءَ به اهو تماشو ڏاڍو غور سان پئي ڏٺو ۽ حيران هو. جڏهن سڀئي ناسپاتيون ورهائجي ويون ۽ وڻ خالي ٿي ويو، تڏهن پادريءَ ڪهاڙي کڻي وڻ کي پاڙؤن وڍيو ۽ اهو ڪلهي تي رکي هڪ طرف هليو ويو. هن جي وڃڻ کان پوءِ هاريءَ پنهنجي گاڏي ڏانهن نهار ڪئي ته اهو سڄو خالي هو. هن کي هڪدم شڪ پيو ته پادري جيڪي ناسپاتيون ماڻهن ۾ورهايون هيون، اهي سڀئي منهنجون هيون. هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هڪدم پادريءَ کي جهلڻ لاءِ هن جي پٺيان ڊوڙڻ لڳو. پر هن جو ڊوڙڻ اجايو ٿيو، ڇاڪاڻ ته پادري ڪنهن پاسي گم ٿي ويو هو. البت ماڻهن کي جڏهن انهيءَ ماجرا جي خبر پئي ته پادريءَ ڪنجوس هاريءَ سان هڪ مزيدار ڀوڳ ڪيو آهي، ته ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هاري پنهنجو منهن وٺي بازار مان موٽي هليو ويو.
ادا تمام بهترين آکاڻي ٻڌائي، مون اها آکاڻي پڙهي به هئي پر خبر نه آهي ڪنهن ڪورس جي ڪتاب ۾ پڙهي هئي يا رسالي، اخبار ۾