حلال گوشت :_ اسان مان اڪثر ماڻهون کيسن ۾ حرام جي ڪمائي کڻي حلال گوشت جو دوڪان ڳوليندا آهن. ماني:_ ماني امير شهر جي ڪتن ڦري ورتي. فاقو غريب شهر جي ٻارن ۾ ورهائجي ويو. رشتن جي رسي:_ رشتن جي رسي ڪمزور تڏهن ٿيندي آهي ،جڏهن انسان غلط فهمي ۾ پيدا ٿيل سوالن جا جواب به پاڻ ٺاهي وٺهندو آهي. اک:_ اک دنيا جي هر هڪ شيء ڏسندي آهي پر جڏهن اک جي اندر ڪا شيء پئجي وڃي ته ان کي ڏسي نه ٿئي سگهي،انهيء طرح انسان ٻين جا عيب ته ڏسندو آهي پر پنهنجا عيب هن کي نظر نه ايندا آهن. ناز:_ ڏاڍو ناز آهي توکي پنهنجي دوستن تي اي انسان !!!! تنهنجي ئي جنازي ۾ اچي پڇندا ”ڪيتري دير آهي دفنائڻ ۾ !!!“