مون وٽ ايم بي 2010 سنڌي پروگرام لڳل آهي ـ ڪجھه وقت کان هڪ مسئلو پيدا ٿي پيو آهي سو دوستن کي گذارش آهي ته ڪا واهر ڪن ـ مان فيس بوڪ جي پنهنجي پيج تي سنڌيءَ ۾ ڪا پوسٽنگ ڪريان ٿو ته سڀ سنڌي اکر چٽا نظر اچن ٿا پر جيڪڏهن اها پوسٽنگ ٻين گروپن تي ڪريان ٿوته اڪثر، سنڌي اکرجھڪا ٿي وڃن ٿا ـ هڪ دوست جو چوڻ هو: جيئن ته مان سنڌي پوسٽنگس جون انگريزي هيڊنگ به ڏيان ٿو سو ائين ٿئي ٿوـ جڏهن مون انگريزي هيڊنگ به هٽائي ڌٺيون ته مسئلو پنهنجي جاءِ تي برقرار آهي سو دوست انهيءَ سلسلي ۾ واهر ڪن ته سندن مهرباني ـ
سائين توهانکي عرض ڪريان ته اهو ٽيسٽ ورجن طور لانچ ڪيو ويو هو....پر ان ۾ ڪجهه خاميون موجود هيون ۽ اڃان تائين آهن....... ان لا اوهانکي عرض ته ايم بي سنڌي 2007 جو ورجن بهترين آهي.......هر طرح جي ونڊوز جو سپورٽڊ آهي پر جيڪڏهن اوهان منهنجي ويب سائيٽ تان هڪ سافٽ ويئر (انسٽال سنڌي اينڊ اردو) وٿائوٽ ونڊوز سي ڊي ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو ته اوهان کي ايم بي سنڌي ڊائونلڊ ڪرڻ کان پو ايم بي سنڌي جو ڪي بورڊ انسٽال ڪرڻ لا ونڊوز سي ڊي جي هر گز، هر گز ضرورت نه پوندي...مهرباني.... www.daurcity.8m.com ايم ايڇ جمالي فرام نواب شاهه سنڌ پاڪستان.....