”هڻ-کڻ“ تي هسوار

'استاد بخاري' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ”هڻ-کڻ“ تي هسوار

    استاد بخاري

    تون هاڻي مون کي پيارنه ڏي!
    مان راهه- مسافر يار آهيان
    تون قرب وڌائي محبت جا،
    هي ڪُلف، ڪڙا، ديوار نه ڏي!
    مان هاڻ، هوا هسوار آهيان.

    تون پيار ٿو ڏين،
    جيون ٿو وڻي.
    هي جيون ڇا،
    هي جهور، مگر تَن، مَن ٿو وڻي.
    هي گلشن ڇا،
    هن گلشن جو ڪک پن ٿو وڻي.

    هن دُنيا جا،
    مونکي تنهنجي سونهن-سنوار جو سُنهن،
    ڌنڌا ٿا وڻن،
    هن دنيا جا.
    تنهنجي وارن جي وَر وَر جو قسم،
    ڦندا ٿا وڻن.
    هن گلشن جا،
    گؤنچ ته ڇا ڪنڊا ٿا وڻن
    هن دنيا.

    هي تنهنجون اکيون، ابرو، پنبڙيون سڀ شاهد
    بڙڇون، نيزا، ڀالا ٿا وڻن
    هن دنيا جا.
    هي تنهنجا ڳاڙها مِٺڙا مِٺڙا لَب شاهد،
    طعنا، تنڪا، دڙڪا ٿا وڻن
    هن دنيا جا.

    هن رياست جون،
    تنهنجي ئي ڪڙين، ڪنگڙين جو ڪري،
    سنگهرون ٿيون وڻن.

    هن خلقت جون،
    تنهنجي ئي ڳڻن، ڳالهين جي ڪري،
    تعديون ٿيون وڻن.

    تون مون کي ڪرڻ ديدار نه ڏي،
    اک پنڇيءِ کي،
    انهي پڃري جي ديوار نه ڏي!
    اک منهنجي کِلي، اک تنهنجي ڇُهي،
    تون گُهنڊ وجهي، اک ڇِڀندي ڇِڀندي، ڇِڙٻون ڏي!
    مان، جيءُ چوان،
    تون ڪنڌ ورائي، ڀُڻڪي ڀُڻڪي ڦوٽون ڏي!
    هٿ منهنجو وڌي، هٿ تنهنجو وٺي،
    تون ڇِرڪ ڀري، ڏند ڪرٽي ڪرٽي، هڪلون ڏي!
    ها محبت کي وِجهه کَڏ کڻي.
    ڪنهن ٿوهر، اَڪ جي دَڏ ۾ کڻي.
    هر نُڪتي تي انڪار ئي ڏي!
    جو ڏيئي سگهين آزار ئي ڏي!
    جيئن جيون کان بيزار ٿيان،
    ڇو ته موت- وَتوبيمار آهيان،
    ۽ ”هَڻ-کَڻ“ تي هسوار آهيان.

    منهنجي جذبن جو احساس نه ڪر!
    ها مون تي ڪو ئي قياس نه ڪر!
    هِن جسم ڪڙيل تي ڪرم نه ڪر!
    ڪو روح ونگيل تي رحم نه ڪر!
    جا توسان واڻيل آهي تنهن
    نَس نَس کي ڪَٽ، رڳ رڳ کي ڪٽ!
    جو توسان ڳنڍيل آهي تنهن
    گس گس کي ڪٽ، دڳ دڳ کي ڪٽ!
    هن ساهه کي ڪو سهڪار نه ڏي،
    اتساهه کي ڪو آڌار نه ڏي،
    هر گُفتي تي ڌڌڪار ئي ڏي.
    ڏي چاهه کي هاڻي باهه کڻي،
    لاڳاپا سڀ لاهه کڻي،
    جيئن –
    تن من کان بيزار ٿيان،
    ۽ جيوت کي ”ٽي لفظ“ ڏيان،
    ڇو ته موت-وتو بيمار آهيان
    هن وقت ته مان،
    کڻي ڇا به ڪريان،
    مختار نه پر لاچار اهيان.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    توهان جي اهڙي تحريرن جو انتظار رهندو ادا توهان جي اهڙيون ڪوششون لاجواب آهن ادا
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين توهان جي اهڙين ناياب شيئرنگ جو انتظار رهندو مٺا مولا شاد رکئي آباد رکئي
     
  4. نثار منگي

    نثار منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين توهان جي اهڙين شيئرنگ جو انتظار رهندو
     
  5. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ”هڻ-کڻ“ تي هسوار


    http://www.youtube.com/watch?v=BQQevCdurUw
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو