اگئي جيڪو انسان نانگ بلائن ۽ وڇون کان ڊنو پئي اهو انسان هن وڇون کان به اگتي نڪري ويو آَهي ڪڏهن ڪنهن زلفن سان ته ڪڏهن نيڻن سان ته ڏنگ لگندا هئا ڪٿي ڪنهن سانوري جي مرڪ سان جنهن کي شاعر پنهنجي لفظن ۾ اظهار پئي ڪيو ...پر اڄ ڪله انسان جتي ترڪي پيو ڪري اتي پنهنجن سان ويجھا گھتائي ٿو پيو انسانيت جو دائيرو گھٽندو ٿو وڃي سڇو پيار ته ڪتابن ۾ پڙهون ٿا پر جسمن جا سودا سرعام پيا هلن جنهن اکڙين ڪنهن هڪ کي ٿي گھايو اڄ هر واٽ ويندڙ کي پنهنجو اسير ڪن ٿيون جزبات ته رهيا ئي ناهن انسان کي سرعام گولي هڻي يا بمن سان سوين ماڻهو ايئن ٿا ڪٺا وڃن ڄڻ اسان ۾ انسانيت جو نالو ئي ناهين هاڻي ته ٿر جا وڇو به اسان کان لڪن ٿا متان ڪنهن انسان جي هٿ لگي وڃون پيار محنت عشق انسانيت هاڻي بس بازار جو سودو آهي آخر ڇو انمول شيون ايڏو بي ملھ ٿي ويون آهن هي ڏسي دل ڏاڍو اداس ٿيندي آهي دل ڇوندي آهي ته ڀلين منصور وانگر سولي تي ڇاڙهي چڏن پر مون کان ماٽ نٿو ٿئي بس ڪو آهي جو جيڪو ڪجھ اسان کان وڃائجي ويو آهي اسان کي موٽائي ڏي منهنجي هن ديس ۾ نفرتون ختم ڪري الفت جي لاٽ ٻاري وڃي امن زنده آباد (بيوس علي حسن چڍڙ)