• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

الهداد جهنجهي:

سائل مهراڻ

سينيئر رڪن
pic.php
الهداد جهنجهي: سگهڙ حاجي الهداد ولد حافظ ميگهه جهنجهي، پهرين جولاءِ 1928ع تي ڳوٺ جنجهي، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي -تعليم- ”جهنجهي“ ۽ ڳوٺ ڪانڪيي“ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ڇاڇري ۾ فقہ ۽ ڪلام پاڪ جي -تعليم- ورتائين. 1946ع ۾ مسلم اسڪول ”بقا ڪَرن“ تعلقي مٺيءَ ۾ -استاد- مقرر ٿيو. 1960ع کان 1965ع تائين ننگرپارڪر تعلقي ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. 1981ع ۾ -تعليم- کاتي مان رٽائر ڪيائين. ننڍي هوندي کان ئي، والد صاحب جي صحبت ۾ لطيف سائينءَ جا -بيت- ٻڌندو ۽ ياد ڪندو هو. شاهه جي ڪلام سان عشق هئڻ ڪري مختلف ماڻهن وٽان شاهه جي قلمي رسالن ۽ ڪن شاهه جي ڄاڻن وٽان زباني شاهه جاا -بيت- گڏ ڪندو رهيو. 1992ع ۾ شاهه لطيف جو هڪ ناياب نسخو ”شاهه جو گنج“ نالي رسالو ڇپرايائين، جنهن ۾ تقريباً ڇهه هزار -بيت- جمع ٿيل آهن. تازو اهو نسخو ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد طرفان ٻيهر ڇپجي پڌرو ٿيو آهي ۽ ادبي حلقن ۾ -ان- تي ٽيڪا ٽپڻي اختلاف بحث هلندڙ آهي.


اهو مضمون نسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون تان کنيل آهي
 
Back
Top