الهداد جهنجهي: سگهڙ حاجي الهداد ولد حافظ ميگهه جهنجهي، پهرين جولاءِ 1928ع تي ڳوٺ جنجهي، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي
-تعليم- ”جهنجهي“ ۽ ڳوٺ ڪانڪيي“ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ڇاڇري ۾ فقہ ۽ ڪلام پاڪ جي
-تعليم- ورتائين. 1946ع ۾ مسلم اسڪول ”بقا ڪَرن“ تعلقي مٺيءَ ۾
-استاد- مقرر ٿيو. 1960ع کان 1965ع تائين ننگرپارڪر تعلقي ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. 1981ع ۾
-تعليم- کاتي مان رٽائر ڪيائين. ننڍي هوندي کان ئي، والد صاحب جي صحبت ۾ لطيف سائينءَ جا
-بيت- ٻڌندو ۽ ياد ڪندو هو. شاهه جي ڪلام سان عشق هئڻ ڪري مختلف ماڻهن وٽان شاهه جي قلمي رسالن ۽ ڪن شاهه جي ڄاڻن وٽان زباني شاهه جاا
-بيت- گڏ ڪندو رهيو. 1992ع ۾ شاهه لطيف جو هڪ ناياب نسخو ”شاهه جو گنج“ نالي رسالو ڇپرايائين، جنهن ۾ تقريباً ڇهه هزار
-بيت- جمع ٿيل آهن. تازو اهو نسخو ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد طرفان ٻيهر ڇپجي پڌرو ٿيو آهي ۽ ادبي حلقن ۾
-ان- تي ٽيڪا ٽپڻي اختلاف بحث هلندڙ آهي.
اهو مضمون نسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون تان کنيل آهي