• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سُهُڻي تَه ڪَرَ ڪِيئَن سُئي؟ جَي سِيرَ نَه گِهڙَي سُهڻِي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
9973_10204721282250150_6008760087990111130_n.jpg


تَه ڪَرَ ڪِيئَن سُئي؟ جَي سِيرَ نَه گِهڙَي سُهڻِي
هِتِ حَياتِيءَ ڏِينهَڙا، هَڏِهنِ تَان نه هُئي
چُڪِي تَنهَن چَرِي ڪَئي، جو ڏِنَس اُنَ ڏُهي
سُهڻِيءَ کَي سَيَدُ چَئَي، وِڌَو قُربَ ڪُهي
هُنئَهِين هُوندَ مُئي، پَرَ ٻُڏِيءَ جا ٻِيڻَا ٿِيَا


سُرُ سُهُڻي

ڪَرَ = جيڪر، جيڪڏهن
سُئي = ٻڌڻ ۾ آئي، ٻڌي وئي
هَڏهن = هرگز
چُڪي = سُرڪي، چُڪي، پڪَ
اُنَ = ميهار
هَنئَهين = اُئَئين، هونئن به
هُوندَ = ضرور
ٻيڻَا ٿيَا = هنَ ۽ هُنَ جهان ۾ امر ٿي، شهادت ماڻيائين

بيت جو پس منظر

جَي سُهڻي ميهار جَي سڪ ۽ محبت وچان درياهه ۾ ڪاهي نه پئي هان ته دنيا ۾ سندس نالو پوءِ ڪيئن ڳائجي هان؟ مري ته هونئن به وڃي هان.
سُهڻيءَ کي ته ان سُرڪيءَ چريو ڪيو هو جيڪا ميهار پياري هيس, پوءِ ئي ته سهڻي ميهار جي محبت ۾ مست ٿي.
سهڻي مري ته ڀلا هونئن ئي وڃي هان پر جڏهن درياهه ۾ ميهار لاءِ پاڻ لوڙهي ۽ ٻوڙي ڇڏيائين ته امر ٿي وئي.

سمجهاڻي

پيار، پاٻوهه ۽ رومانس جي هن خوبصورت بيت ذريعي ڀٽائي اسان کي قربانيءَ ۽ سر ساهه گهورڻ جي تعليم ۽ تربيت ڏئي ٿو. سهڻيءَ جي جڏهن ميهار سان اڃان محبت نه هئي ته هوءَ هڪ عام عورت هئي. پر جڏهن ميهار پنهنجي چپن تان لٿل سڪ جي سرڪي پياريس ته سهڻي ميهار جي محبت ۾ قيد ٿي. سهڻي جڏهن ميهار جي ڪري دهشت واري درياهه ۾ گهڙي ۽ ٻُڏي مئي تڏهن ئي ته هميشه لاءِ امرتاماڻيائين.ڀٽائي به اسان کي سيکاري ٿو ته پنهنجي محبوب، ڌرتي ۽ قوم سان ڪيل واعدا ۽ وچن نه رڳو نڀايو پر جي سر ساهه صدقي ڪيو ته اوهان به امرتا ماڻي سگهو ٿا.

_____
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top