• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آدم خان مريءَ جو مقبرو

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
ماڳ جو نالو: آدم خان مريءَ جو مقبرو

ماڳ جو قسم: مقبرو

ماڳ جو دور: 1211هه

ماڳ جو هنڌ: کپري کان اٽڪل پنج ميل ڏکڻ طرف ڳوٺ کاڻي راڄڙ ڏانهن ويندڙ رستي تي.

احوال: ٽنڊي آدم جي باني آدم خان مريءَ جو مقبرو کپري کان پنج ميل ڏکڻ طرف آهي، قبي جي اندران توڙي ٻاهران بهترين چٽساليءَ جو ڪم ٿيل اهي. چوڌاري ڪلر سبب پاڙون کاڄي ويون آهن، اندران ڪلمه طيبه ۽ قرآني آيتون سهڻي نموني لکيل آهن. چٽسالي ڪندڙ محمود نقاش آهي، جيڪو هالا ڪنڊي جو ويٺل هو ، قبي جي اندر اولاهين پاسي ڪم جي نگراني ڪندڙ حافظ عبدالشڪور جو نالو لکيل آهي. دروازي تي ڪاشيءَ جي سرن جو ڪتبو لڳل آهي، جنهن تي سن 1211هه لکيل آهي. قبي جي اندر ٻه قبرون آهن، قبي جي مٿان ۽ ڀتين تي چُن جو پلستر ٿيل هو، جيڪو سڄو لهي چڪو آهي.
(سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري مان ورتل)
 
adam-jo-mukbro.jpg
 
Back
Top