ازمير کان ترابزون واپسي وايه انقره ۽ گورڌن سان ڪي گهڙيون افيسس وارو قلعو ڏسي اچي تاريخي شهر سلجوق جون پُر ڪيف گليون ڏٺيوسين. هڪ ننڍڙو شهر جتي ايئن پيو لڳي ڄڻ ته سڀني چُپ جو روزو رکيو هُجي.بلڪل خاموش. اهو هالا پراڻا يا ٽنڊو ڄام جيان ننڍو شهر هو، جتان بس ۾ ازمير وڃڻو هو. پر چڪر هڻندي وڃي ريلوي اسٽيشن پُهتاسين. جتي خبر پئي ته ڊينزلي شهر کان ايندڙ لوڪل ٽرين اچڻ ۾ باقي 12 منٽ آهن. جيڪا ازمير طرف ويندي. ڪرايو به بَس کان ٽي ليرا سستو. مون دير ئي نه ڪئي ٻه ٽڪيٽ وٺي ورتا. مقصد رُڳو پئسا بچائڻ نه پر لوڪل ٽرين جي سفر جو مزو وٺڻ هو ۽ ائڊوينچر پڻ. سؤٽ قيوم ڪاوڙ جي حد تائين پريشان ته ٽرين ليٽ آئي يا ليٽ پُهچايائين ته ڇا ٿيندو؟ پاڻ کي رات ٻارنهن بجي انقره لاءِ نڪرڻو آهي. چيم ”ليٽ آئي ته ٽڪيٽ واپس ۽ بس پڪڙبي. رهي ڳالهه ليٽ ٿيڻ جي ته ليٽ به آخر ڪيترو پُهچائيندي. آفيشل ٽائم جا سوا ڪلاڪ آهي. کڻي اڍائي ڪلاڪ وٺي ٻيو ڇا.“ قيوم وري به مطمئن نه ٿيو. چئي ”پر هي لوڪل ٽرين ازمير جي وڏي ساري شهر ۾ الائي ڪٿي هلي لاهي. بس ٽرمينل تي پُڄڻ ۾ ئي دير ٿي ويندي“ ”انقره جي بس جو وقت رات جو ٻارنهن بجي آهي. پُڄي پونداسين“ ٽرين ٽائم تي آئي ۽ ٽائم تي ازميرپُهتي توڙي جو وچ ۾ ڪافي دفعا بيٺي به سهي جنهن ۾ ڪي ڳوٺن جا ماڻهو لٿا ته ڪي چڙهيا. بلڪل لوڪل ٽرين هُئي رُڳو صاف سُٿري ۽ وقت تي هلڻ اسان جي پاسي جي ٽرينن کان مختلف ڳالهين منجهان هُيون. ازمير جي ريلوي اسٽيشن اسان جي گهُمڻ لاءِ چونڊ ڪيل جاءِ کان گهڻو پري نه هُئي. اسان کي ڪوناڪ اسڪوائر ۽ اُتي جي ٽاور کي ڏسڻو هو جيڪو هن شهر جي سڃاڻپ آهي. اهو ٽاور سلطنتِ عُثمانيه جي ٽوٽل 36 سُلطانن مان 34 هين سُلطان عبدالحميد کي 25 سال پورا ٿيڻ 1901ع ۾ تي فرانس جي هڪ همراهه ٺهرائي ڏنو. اهو سلطان آخري سلطانن مان هو جنهن جي دؤر ۾ ارمانيا جي ماڻهن جو قتلام ٿيو ۽ ٻين سبب ڪري پڻ سلطنت جي زوال جو شڪار هُئي. هن کڻي ڪافي تعميراتي ۽ جدت لاءِ ڪم ڪرايا پر کيس اهو عُهدو ڇڏڻو پيو. ڪم ته پوين کان به نه هليو جو جلد ئي سلطنت ٽُٽي ۽ ڪمال اتا تُرڪ جديد تُرڪي جو بُنياد رکيو. بهرحال اهو ٽاور ان سلطان جي سلور جوبلي جي ياد ۾ ٺهيل آهي جنهن ۾ لوهه سان بُنياد وجهي ان کي زلزله پروف ٺاهيو ويو. اهو ئي سبب آهي ته اڄ به اهو ٽاور سلامت آهي ۽ پاسي ۾ هڪ ننڍڙي مسجد پڻ جيڪا هن شهر جي خوبصورت ترين مسجد آهي. توڙي جو اها ارڙهين صدي ۾ تعمير ٿي پر اٺ ڪُنڊن جي ديوارن سان ٺهيل خوبصورت ٽائلز سان اهو تعمير جو هڪ شاهڪار آهي. سامهون ئي سمنڊ هو جتان ٻيڙا يورپ يا تُرڪي جي ويجهن جزيرن ڏانهن ٿي ويا. ڪافي دير اهي ڏسي جڏهن بس ٽرمينل وڃڻ جو سوچيوسين ته اچانڪ هڪ ڀلو همراهه مليو جيڪو سول انجنيئر هو. انگريزي به آيس ٿي ته پاڪستان سان به عشق هُئس. اسان ٽرمينل وڃڻ جي پريشاني ڏَسي ته همراهه ٽائم سيڙهائي نه رُڳو بس ڳولي ڏنائين پر ڪِرايو به ڏيئي ويهاريائين ۽ ڊرائيور کي پارت ڪيائين ته هي پنهنجا ڀائر آهن خيال سان بس ٽرمينل تي ويهارجان. بس اچڻ تائين ڀُٽو جي دؤر جي پاڪستان جا احوال ڪندو رهيو ۽ ساڻس فوٽو پڻ ڪڍيوسين. بس ٽرمينل پُهچي پهريان پيٽ پوڄا ڪئيسين. قيوم کي وقت سان ٽرمينل پُهچڻ جي جيڪا فڪر هُئي سا لهڻ تي لڳو پئي ان خوشي سان ئي پيٽ ڀرجي ويو هُئس. مون کي تُرڪن جو مشحور چوربه (شوربه) ۽ تووُڪ (ڪڪڙ) جي ٻوٽين ڏاڍو مزو ڏنو سو خوب کاڌم. بس پوري وقت تي هلي جيڪا هڪ لگزري بس هُئي. هتي اهڙين بسن کي SUIT چون. جنهن ۾ هڪ سائيڊ تي هڪ سيٽ هئي ۽ ٻي ته ٻه. اسان هڪ واري سيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿياسين جنهن کي پوئتي ڪري آرام سان ليٽي پيو سگهجي. مون کي سفر ۾ ننڊ گهٽ اچي پر اُن رات اچي وئي. الائي ڪيڏي مهل گاڏي ازمير جون حدون ڇڏيون ۽ وچ تي آيل الائي ڪهڙا شهر رات جي اوندهه ۾ گُذري ويا. اسان جي منزل انقره هو جيڪو آهي ته تُرڪي جي گادي جو هنڌ پر گهُمڻ جي گهٽ جاين ۽ ڪا ٻي ڪشش نه هُجڻ ڪري منهنجي سپروائزر به اهو چئي ڏنو ته انقره گهُمڻ لاءِ هڪ ڏينهن ئي ڪافي آهي. اسان به هڪ ڏينهن جو پلان ڪيو هو. دراصل تُرڪي جو مشحور تواريخي شهر استنبول (مقبوض هوندي قسطنطيه يا قسطنپول، جيڪي نالا هاڻوڪا تُرڪ ٻُڌڻ به پسند نه ڪن) ئي گادي جو هنڌ هو. اڄ به دُنيا جا اڌ ماڻهو تُرڪي جو گادي جو هنڌ استنبول سمجهن ٿا جيئن اسان لاءِ ڪراچي پر پهرين جنگِ عظيم کان پوءِ جڏهن سلطنت عُثمانيه ٽُٽي ته اناطوليه جي ڪافي خطي تي انگريزن جو قبضو هو ۽ سندن خيال هو ته اهو ورهائي کڻجي. تنهنڪري جيئن ئي سلطنت کان پوءِ هن جمهوري تُرڪي جو وجود پيو ته ڪمال اتا تُرڪ آڪٽوبر 1923ع ۾ انقره کي گادي جو هنڌ ٺاهيو ته جيئن اهو مرڪز هُجي ته آسپاس به ڪو ميري اک سان نه ڏسي. جڏهن صبح جي روشني ٿيندي ئي سُڄاڳي ٿي ته اسان کي انقره پُهچڻ ۾ اڃان ٽي ڪلاڪ هُئا جو ان مهل پنج پئي ٿيا. اسان جي منزل تي رسائي جو وقت ساڍا اٺ هو. صبح سوير جبلن تي ساوڪ ڏسي ٽئين ڪلاس ۾ پڙهيل بوبڪ جي سير وارو سبق ياد اچي ويو ته ”مار مار پاڻي ئي پاڻي اک کُٽي پر پاڻي نه کُٽي“. ايئن هتي اک کُٽي پر ساوڪ نه کُٽي. حق تي هتي اچي گورڌن ولاسائي بار بار ٽريڪنگ تي وڃڻ جي عادت وِڌي هُئي. ايئن پئي لڳو ڄڻ جبلن تي ڪنهن لکين ايڪڙن جيتري چادر ٺاهي وڇائي آهي. اهي رهيل ٽي ڪلاڪ بس اها ساوڪ ڏسندي گُذري ويا. پورا ساڍا اٺ بجي اسان انقره جي مشهور ۽ ايئرپورٽ نما بس ٽرمينل تي پُهتاسين جنهن جو نالو آشتي آهي. گورڌن کي اڳ ئي فون ڪئي هُئم جيڪو هتي موجود دُنيا جي ٽاپ 500 يونيورسٽيز مان هڪ هيجيتيپي يونيورسٽي جي بيتيپي ڪئمپس ۾ رسرچر آهي. اسان کي وٺڻ لاءِ هو اڳ ۾ ئي نڪري چُڪو هو. اهو ڪئمپس شهر کان ايئن پري آهي جيئن حيدرآباد کان ڄامشورو. گورڌن آيو ته منهنجي ساڻس اها ٻي ملاقات ٿي جيڪا پهرين طويل ملاقات به هُئي جو هن کان اڳ رُڳو هڪ دفعو سندن رهائشگاهه ويجهو هنڊا پيليس حيدرآباد جي هڪ ريسٽورينٽ تي چانهه پي هيلو هاءِ ڪيل هُئي. گورڌن سدائين کلڻو ملڻو ۽ چرچي ڀوڳ جو هونئن ئي تيز آهي پر ڪنهن جي به ڪيل ڄٽڪي ڳالهه کي قطعي ڪونه بخشي ۽ چرچو يا ٽوڪ واهي ڪڍي اها خبر ساڻس گُذريل چار سالن کان سوشل ميڊيا توڙي فون تي ڪچهرين ۾ خبر پئي. پاڻ اصل ڪلوئي جو پر وڏي وقت کان حيدرآباد ۾ رهي تعليم به حاصل ڪندو رهيو آهي ته گُذريل ڪُجهه سالن کان قائد عوام يونيورسٽي ۾ به پڙهائي پيو. سوشل ميڊيا تي اسان جي تر مان شايد ئي ڪو ايترو ايڪٽو هُجي. نه رُھو اهو پر ماحول سان رلي ملي ان جهڙو ٿي وڃڻ سندس بهترين خوبين مان هڪ آهي. اُن ڏينهن ايندي ئي چيائين ”هلون گهُمڻ؟“ ”نه فل حال هلو هاسٽل. فريش ٿيون پوءِ ڏسون ٿا“. روائتي سنڌين واري عادت موجب ڳالهه ڪيم. اسان وٽ هونئن جيڪي ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن ڪونه وهنجن يا ڪپڙا مٽائن پر جوڙ ۾ سفر ۾ هوندا ته ايئن محسوس ڪرائيندا ته اها ته سفر جي مجبوري ٿي پئي جو روز هڪ دفعو پيا وهنجي ڪپڙا مٽايون نه ته جيڪر پنهنجي گهر اسان ڏينهن ۾ ٽي دفعا اهو ڪم ڪريون. سفر ۾ پاڻ سان گڏن زائفن کان وڌيڪ ڪاسميٽڪ جو سامان کڻي نڪرندا. مطلب ته اهو موقعو پوري طرح ڪيش ڪرائيندا آهن اهو ثابت ڪرائڻ لاءِ ته اسان ڏاڍا صاف سُٿرا، نازڪ مزاج ۽ شين تي سمجهوتو ڪندڙ ناهيون. آئون انهن کي ڪونه پُڄان نه مڃان پر وري به عادت کان مجبور ٿي چيم. ”آرام ڇا جو؟ اڄ رات ترسو به نه ٿا. هتان روانگي جي ٽڪيٽ اڳ ئي ڪرايو آيا آهيو. اڃان فريش ٿيڻ به هلندؤ سو به اچڻ وڃڻ جا ٻه ڪلاڪ لڳندؤ. شام پنجين تائين گهُمڻ جون سڀ جايون بند ٿي وينديون پوءِ اچڻ جو فائدو؟ هلو هلي ڪٿي پارڪ ۾ ويهون ٿا ۽ پوءِ ڏسڻ جون شيون ڏسون“. مون کي ته ڳالهه سمجهه ۾ آئي جو خود آئون هُجان ها ته به اهو ئي ڪريان ها. پر سؤٽ قيم به گڏ هو. ان جي فڪر هُئم ته ڪٿي اهو نه سوچي ته ڪهڙي دوست وٽ وٺي آيو آهي جيڪو هاسٽل به نه پيو وٺي هلي. خير اها فڪر غلط هئي جيڪا اڳتي هلي خبر پئي پر اسان هلياسين يونيورسٽي لاءِ. انقره ۾ لوڪل سفر جا ٽي طريقا آهن هڪ ٽئڪسي (اميرن ۽ وقت جي مارن لاءِ)، مني بسز (سستيون پر ٽرئفڪ ۾ ڦاٿو ته سر ويو) ۽ زيرِ زمين هلندڙ ميٽرو/انڪارائي ٽرين جيڪا سستي ۽ سؤلي پڻ آهي. پهريون اسٽاپ اهو بس ٽرمينل اٿس جتان هلندي هلي هڪ علائقي ڪزلائي پُهچي ٿي جتان وري ٻي ٽرين ۾ چڙهي اڳتي شايد (الوس) تائين وڃي سگهجي ٿو. 2013 جي انگن اکرن موجب اهي ٽرينون روزانو اڍائي لک ماڻهن جي اچ وڃ ڪرائين ٿيون. هو به ايئن اسان ٽڪيٽ وٺي هيٺ زير زمين اسٽاپ تي وياسين ته ماڻهن جي رش ڏسڻ وٽان هُئي. ۽ ٻيو اهو ته فلمن ۾ به سدائين ڏٺو آهي ته اسٽيشن تي ماڻهو هلن ايئن پيا جهڙو ڀڄن ٿا. ”يار اهو ڇو آهي؟ ڇا سڀ تڪڙا آهن؟ “رهيو نه ٿيو ته گورڌن کان پُڇيم. ”کڻي نه به هُجن پر پئسا بچائڻ لاءِ ايئن ڪن ٿا“ منهنجا سواليه تاثر ڏسي گورڌن ڳالهه اڳتي وڌائي ”اصل ۾ اوهان جيڪو ٽڪيٽ 1.3 ليرا (لڳ ڀڳ 60 روپيا) ۾ وٺو ٿا ان کي اوهان 75 منٽن تائين ڪيترا دفعا به استعمال ڪريو ڪو مسئلو ناهي. مثال طور اوهان جي منزل هڪ ٽرين سان نه ٿي ملي. هڪ ٽرين مان لهي ٻي ۾ چڙهڻ ضروري آهي. يا وري ڪٿي ٻاهر ڪم آهي جلدي ۾ اُهو ڪري ٻاهران ٿي وري اندر اچي ويهڻو آهي ته 75 منٽن تائين اوهان جڏهن به انٽري ڪندا خودڪار گيٽ تي اوهان جو ڪارڊ چيڪ ضرور ٿيندو پر چارج نه ٿيندو“. هاڻ سمجهيس ته اهڙين ٽرينن تي سفر ڪندڙ ماڻهن جي سدائين پُڇ کي تيلي ڇو هوندي آهي. هڪ ڪارڊ وٺي ڀڄندا سفر ڪندا ڪم ڪار لاهيو واپس اچيو پُهچن جو 75 کان 76 منٽ ٿيا ته وري نئون ٽڪيٽ وٺڻو پوندن. اسان ٽرين رستي يونيورسٽي جي ويجهي اسٽاپ تي پُهتاسين جتان بس ۾ ويهي يونيورسٽي وياسين جو اهو ڪئمپس ڪافي پري هُجڻ ڪري اوڏانهن ٽرين نه ٿي هلي. هاسٽل پُهچي تڙ تڪڙ ۾ وهنجي ڪپڙا مٽائي ورتاسين ان وچ ۾ گورڌن اها ميار لاهڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ته سنڌي مهمان ”خدمت ڪهڙي چانهه به ڪونه پياريائين“ واري دانهن نه ڪن پر ناڪامي ٿيس ته نيٺ ڪافي ٺاهي ورتائين. گورڌن هونئن به کائڻ پيئڻ ۽ گهُمڻ ڦرڻ کي ترجيح ڏي ايستائين جو لگزري يا پائڻ جي ڪپڙن وغيره جي بجيٽ به ڪٽ ڪري انهن ٻن ڪمن کي ترجيح ڏي. سندس هاسٽل جي ڪمري جي ننڍي فرج ۾ جوسز آئس ڪريم جا ڍير هُئا مٿي ڪٻٽ ۾ وري ڊراءِ فروٽ جا ڍير جيڪي هو وقفي وقفي سان آفر ڪندو رهيو ۽ جڏهن واپس شهر لاءِ نڪتاسين ته پنهنجي شولڊر بئگ ۾ پڻ سٿيائين ته کائبا پيا. کاڌي جي ڳالهه اڃان به پوري نه ٿي جو گورڌن چيو پهلي طعام فر ڪلام. اسان کي وٺي هليو ڊيئر ويلي ريسٽورينٽ تي جيڪو هن ڪئمپس جي مرڪزي مارڪيٽ ۾ هو. کائيندي پيئندي اسان جا اعتراف ۽ گورڌن جي تسلي ٿيندي رهي ته برابر اسان ترابزون چشمه ۽ ازمير به ڏٺا پر حُسن جي ڀلان ڀلي انقره ۾ آئي. گورڌن کي به تسلي ٿي ته هو هر ڀرو خوش ناهي ته هي نئون جهان آهي جتي ماڻهو مُتاثر ٿيڻ بنا رهي نه ٿو سگهي. جيسين ماني اچي تيسين ٿيل ڳالهين مان ڪافي اهڙيون آهن جيڪي اُتي ئي ٿيون ۽ ٽهڪن ۾ گُم ٿي اوتي ئي رهجي ويون ۽ ورائي لکڻ نه ٿو پُڄي. . . . . هاڻ هڪ دفعو وري اسان بس اسٽاپ تي آياسين. بس آئي ته جهٽ ۾ چڙهياسين. مون کي اڳي ئي وساري جو مرض مٿان قيوم پنهنجو جيڪٽ مون کي کڻڻ لاءِ ڏنو. جيڪو مون کان اُتي اسٽاپ تي ئي رهجي ويو. شهر پُهچي قيوم پُڇيو جيڪٽ ڪٿي ته ياد آيو اُهو ته مون اتي اسٽاپ تي ئي وساري ڇڏيو. ان کان پوءِ قيوم ڪوشش باوجود به دل سان نه کليو جو بار بار کيس اهو احساس پئي ٿيو ته ”ميلو لڳو ئي منهنجي کٿي چوري ٿيڻ لاءِ هو“. هونئن ته اها ڪا قيمتي شئي نه هُئي پر ترابزون اچي خبر پئي هُئم ته هن شهر ۾ جيڪٽ رُڳو سي نه پر برسات کان به بچائي ته ڀلو. مون به جيڪو اُتان آندو اُن اهي ٻئي ڪم نه ٿي ڪيا ته نيٺ هتي ٻيو (چئوڻ تي مهانگو) وٺڻو پيو. قيوم آيو پئي ته اڳواٽ ئي چيوهومانس ته همراهه لائٽ هائوس وڃي صفا ڀلي شئي ڳولي وٺي آيو سا به هتان جي حساب سان صفا سستي. اها جو ايئن گُم ٿي ته ڏُک ته ٿيڻو ئي هُئس. گورڌن ٻُڌايو ته اوهان وٽ ٻه آپشن آهن. يا ته رحيم ڪوچي ميوزيم ڏسو يا وري اناتڪبير هلو جتي اتا تُرڪ جي مزار آهي. مون سوچيو ميوزيم اڳي به ڏٺا آهن پر اتا تُرڪ جي حاضري نه ڀرڻ تُرڪي سان بي واجي چئبي. پر جڏهن اسان اُتي پُهتاسين ۽ گورڌن وٺي جو تعريفون ڪيون ته اهو رحيم ڪوچي ميوزم جهڙو تهڙو يا عام رواجي ناهي. تُرڪي توڙي دُنيا جي انقلاب ۽ ترقي جي تاريخ آهي اُتي. اُهي شيون آهن جيڪي ڏسي عقل دنگ رهجيو وڃي ته اهي هنن ڪيئن سنڀاليون آحم. مثال طور تُرڪي جو موجوده جهنڊي جو پهريون جهنڊو جنهن ڪپڙي تي ٺهيو اُهو اُتي آهي. گرامون فون ايجاد ٿيو ته ان جا پهريان 50 پيس ٺهيا ته انهن مان هڪ هتي آهي. نه رُڳو اهو پر ان ۾ آيل جدت جا تفصيل پڻ. ريڊيو کان وڍي انٽرنيٽ تائين جي تاريخ رُھو لکت ۾ نه پر اصل شين سان موجود. هاڻ حالت اها جو نه ميوزيم تي پيا پُڄي سگهون نه وري ڪمال اتا تُرڪ جي مزار پئي مزو ڏي. خير ڄڳهه هي به عام نه هُئي. هن جديد تُرڪي جي باني ڪمال اتا تُرڪ جي آخري آرامگاهه جيڪا ٺهڻ تائين ان جي مڙهه کي استنبول ۾ محفوظ ڪيو ويو. جڏهن هي بلڊنگ ٺهي وئي ته مڙهه هتي آڻي دفن ڪيو ويو. قيم کي الائي ڇو هي شاهڪار نه وڻيو ۽ چئي هي بلڊنگ جي طرزِ تعمير سُٺي ناهي.گورڌن کي ڪاوڙ آئي تنهن چيس ”الائي ڪيتريون بلڊنگون هن کي ڏِسي پوءِ ٺاهيون ويون ۽ توکي نه ٿي وڻي. تازو مهراڻ يونيورسٽي جي مرڪزي لائبريري پڻ ان بلڊنگ جي طرز تي ٺهي آهي“. گورڌن وٽ هڪ ڪمال فوٽو گرافري پڻ آهي. ان جو فائدو وٺندي خوب فوٽو ڪڍراياسين. ۽ هُن به سُستي نه ڪئي ۽ اسان جا خوب فوٽو ڪڍيا. ان دؤران هڪ جوڙو مليو جنهن سان ڪُجهه عليڪ سليڪ ٿي. ڇوڪرو، جنهن جي ٻانهن مان ڇوڪري هٿ ئي نه پئي ڪڍي تنهن جي شرٽ تي جيڪو لکيل هو سو ڏسي حيرت پئي ٿي ته ڇوڪري اهو ڪيئن پئي سهي. پر اصل ڳالهه اها هُئي ته شرٽ تي جيڪا شئي لکيل هُئي سا ڇوڪري کي خبر نه هُئي جو انگريزي پوري ساري هُئس. جڏهن غور ڪيائين ته پوءِ ڏاڍا ٽهڪ ڏنائين جو لکيل هو ته آئون پنهنجي سس کي ڪنٽرول الٽ ڊليٽ ڪرڻ گهُران ٿو. بهرحال اُتي مزار تي اها تفريح ئي رهي ۽ ٽائم ڪافي ٿي ويو. ڀڄي ميوزم پُهتاسين پر بند ٿي ويو. ميوزم بند هو پر پاسي ۾ هڪ دُڪان واري سان عليڪ سليڪ ٿي جنهن روائتي گفٽ پيس پئي وِڪيا. ريٽ چڱا ڏِسي ورتاسين به سهي. ”هاڻي ڪيڏاهن هلجي؟“ گورڌن کان پُڇيم جيڪو اڳي ئي هتان ڪافي شيون وٺي چُڪو هو تنهنڪري آسپاس ڏسي وقت پاس ڪري رهيو هو. ”منهنجي خيال ۾ تفريحي ماڳ ته سڀ بند ٿي چُڪا. هاڻي ويجهي ۽ ڀلي شئي هڪ ئي آهي ڪزلائي. جيڪا نه رُڳو شهر جي دل آهي پر ان چؤڪ تي سگنل کُلڻ ۽ بند ٿيڻ تي سوين ماڻهو رستو ڪراس ڪن ٿا ته اُهو ئي سين ڏسڻ ۾ اچي ٿو جيڪو فلمن ۾ انگريز مُلڪن ۾ ڏيکارين ٿا“ اهو هنڌ ڏسڻ لاءِ اُتي پُهتاسين ته واقع به ايئن هو. سگنل گاڏين لاءِ کُليل ۽ ماڻهن لاءِ بند هُجي ته گاڏين جي پيهه هُجي پر جڏهن سگنل گاڏين لاءِ بند ۽ ماڻهن لاءِ کُلي ته ماڻهن جا انبوهه تيزي سان روڊ پار ڪن پيا. ايئن پيو لڳي ڄڻ ساڳيو ئي ٽولو بار بار ايئن ٿو ڪري پر سڄي دُنيا جيان هتي به گادي جو هنڌ (اهُو به مرڪزي حصو) رش وارو هُجڻ معمول جي ڳالهه هُئي. ڪافي دير ايئن ئي بيٺا اهو ڏسندا ۽ فوٽو ڏسندا رهياسين.انقره جو اهو هنڌ حيدرآباد جي گاڏي کاتي يا ڪراچي جي صدر سان ڀيٽي سگهجي ٿو. جتان هر پاسي جي گاڏي به ملي ته هر قسم جو دُڪان به موجود توڙي کاڌي پيتي جا ريسٽورينٽ پڻ. پر پوءِ محسوس ٿيو ته هتي پوليس جي رش وڌي پئي ۽ ماڻهو آهستي آهستي گهٽ پيا ٿين. جنهن جي وجه به جلد معلوم ٿي ته تازو جيڪو ڪوئلي جي کاڻ ۾ واقعو ٿيو جنهن کي سوما ٽريجڊي جو نالو ڏِنو ويو هو ۽ 200 کان مٿي مزدور ان ۾ مري ويا هُئا. هونئن به اهو مڃيو وڃي ٿو ته تُرڪي دُنيا سڄي ۾ ڪوئلي جي کاڻ جي مزدورن جي تحفظ لاءِ ڪمزور ترين مُلڪ آهي ٻيو وري ان وقت جي وزيرِاعظم طيب اردگان جيڪو اهو بيان ڏِنو ”هي معمول جو واقعو آهي سڄي دُنيا ۾ اهڙا واقعا ٿين پيا“ ته عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر اچي وئي. اُن وقت به ان جاءِ تي ڪو وڏو احتجاج رِٿيل هو. اسان ڪنهن اڻ وڻندڙ صورتِحال کان بچڻ لاءِ اُتان کسڪڻ جي ڪئي. پريان وڃي هڪ پارڪ ۾ ويهي ٻن عورتن جي هڪ ٻئي سان ڄُنڊا پٽ ويڙهه ڏٺيسين جن کي به پوليس ئي اچي ٿڌو ڪيو. عورتن جي جهيڙي ۾ هڪ واٽهڙو مرد به پيو پر عورتون ته سڄي دُنيا جون عورتون آهن نه! ڪٿي ٿيون بس ڪن. پوليس آئي ته ٿڌيون ٿيون. ڪافي دير اُتي ئي ويهي گورڌن سان ڀوڳ ٺڪا ٿيندا رهيا. اُتي ئي ڪچهري ۾ ويٺي گورڌن سان ڳالهه ڪيم ته ترابزون کان ازمير ايندي سن ايڪسپريس وارن هر شئي (ايستائين جو پاڻي به) به پئسن سان پيا ڏين. ته گورڌن ٻُڌايو اهو هر مُلڪ ۾ لوڪل فلائٽ جي ايئرلائينز ۾ ايئن آهي. رُڳو اسان وٽ ڏاڍ مُڙسي لوڪل سفر ۾ به ريفريشمينٽ نه رُڳو مفت ورتي وڃي ٿي پر نخرا پڻ ڪيا وڃن ٿا. کائڻ جي ڳالهه ٿيندي ئي بُک لڳڻ لڳي تنهنڪري هڪ ريسٽورينٽ جو رُخ ڪيوسين ۽ ڊنر جو فرض پورو ڪري واپس آشتي ٽرمينل تي پُهتاسين. ميٽرو وارن کان پُڇا ڪري پڪ ڪئيسين ته 100 کن گاڏين جي بيهڻ جي گنجائش وارن نمبر لڳل هنڌن مان ڪهڙي نمبر تي گاڏي بيهندي. اسان اهو پُڇون ئي پيا ته هڪ ڪراڙي عورت کي ٿيلها گهليندو ڏسي ترس آيو. ”امان چئين ته تنهنجي مدد ڪريون؟“ ”ها ابا. ڌڻي وڌائيندؤ. وارو ڪريو“ پر جڏهن ٿيلهي ۾ هٿ وِڌاسين ته محسوس ٿيو ٿيلهن ۾ مائي چڱو وزن کنيو آهي. لڳو پئي رُڳو ڪتاب آهن. هڪ ٿيلهي ۾ قيوم هٿ وِڌا ٻيو مون ۽ گورڌن کنيو پر اسان واري ٿيلهي کڻندي اسان جا پاسا جهُڪڻ لڳا ته پوڙهي پاڻ به سهارو ڏنوگورڌن کي ڏسي هلندي هلندي ۽ سهڪندي چيم ”يار مائي وزن ته وڏو کنيو آهي. ٽڪيٽ به جنهن ڪمپني کان ورتو اٿس ان جي آفيس هڪ دنگ تي ته گاڏي بيهڻ جو هنڌ ٻي دنگ تي. هي ته اڄ هتي ئي رهجي وڃي ها جيڪر اسان ٿيلهن ۾ هٿ نه وجهونس ها!“ ”ها پر پاڻ به ته تُرڪن کي ڏسي مدد ڪرڻ ۾ اڳي کان اڳرا ٿيڻ جي پيا ڪريون. سوچ هي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڪيترا مددگار هوندا. ڪو نه ڪو مجاهد ٿيلهو کڻائيس ها“ ”ها باقي ڪري ياد ها“ منهنجو اهو چوڻ ۽ پوءِ ٽهڪ هُجن. رُڳو اسان جا نه پر مائي جا به. جيڪا يقينن سنڌي نه پئي سمجهي پر اهو سو اندازو هُئس ته کِلن منهنجي سامان جي ڳري هُجڻ تي ئي پيا. خير خدا خدا ڪري وڃي مائي کي سامان سميت گاڏي ڀيڙو ڪيوسين. اسان جي گاڏي جو ٽائم 11 هو جنهن ۾ اڃان ڪلاڪ کن هو پر گورڌن کي سستي سواري ۾ يونيورسٽي پُهچڻ لاءِ ڇڏيوسين ته ڀلي وڃي. ان دؤران ميٽرو بس جي آفيس ۾ وڃي واءِ فاءِ جو پاسورڊ وٺي نيٽ استعمال ڪيوسين. هن ڪمپني جون گاڏيون آفيس واري هنڌ کان ويجهيون ٿي بيٺيون تنهنڪري گهڻي دير اُتي ئي ويٺا رهياسين. گاڏي وقت تي نڪتي ۽ پوءِ اُهو ئي ٿيندو رهيو جيڪو هتي گاڏين ۾ ٿئي ٿو. هر ٻه ٽي ڪلاڪ کان پوءِ اڌ ڪلاڪ جو اسٽاپ هڪ اهڙي هنڌ جتي يا وڏو بس ٽرمينل هُجي يا ان جيتري سهولت ڏيندڙ هنڌ جتي واشروم يا ريفريشمينٽ جا سڀ بندوبست موجود. هر هر جهاز (انٽرنيشنل فلائٽ) ۾ سَرو ٿيندڙ چانهه ڪافي يا جوس. رات جو سفر هُجڻ ڪري گهڻو ڪري لائٽ بند ۽ هر ڪو آرام ۾. رکي رکي ڪو بور ٿئي ته اڳيان اسڪرين تي لڳل فلم ڏسڻ لاءِ اسڪرين آن ڪري ۽ هيڊفون لڳائي ٻُڌي. اهو ڪم قيوم به ڪيو ٿي پر انگريزي جا ڪا ڀلي فلم تُرڪن جي ترجمي سان کيس خانو خراب ٿيل لڳي سو بند ٿي ڪيائين. مون ڪڏهن ننڊ جو جهٽ ٿي هنيو ته ڪڏهن گاڏي ۾ انٽرنيٽ واءِ فاءِ جي سهولت هوندي فون تي نيٽ تي پئي وقت پاس ڪيو. ايئن صبح جو ساڍا ڏهه بجي پوري وقت تي گاڏي واپس ترابزون پُهتي جتان اسان هفتو اڳ آچر تي رات جو هوائي جهاز ۾ نڪتا هُئاسين ۽ ڏيڍ ڪلاڪ ۾ ازمير پُهتا هُئاسين ۽ واپسي تي اهو سفر لڳ ڀڳ 24 ڪلاڪ جو پورو ڪري رُلي ڦري خوب گھهُمي اڄ ڇنڇر تي گهر پُهتاسين. هڪ هفتڳ جيڪو خوبصورت يادگيرين ۾ هڪ وڌيڪ ياد جو اضافو ٿي رهجي ويو. (پورو ٿيو). هي سڄوسفرِ خير جڏهن ٿي گُذريو ته ڪُجهه پنهنجي شؤق ۽ ڪُجهه دوستن جي همت افزائي ڪري ڪافي طويل احوال لکجي ويو. جن کي پسند آيو تن جي مهرباني جن کي بور لڳو يا بيڪار تن کان وقت جي ضايع ٿيڻ جي معذرت. ڪوشش اها به ڪندو رهيو آهيان ته ڪٿي ڪا ڳالهه اهڙي نه ٿئي جيڪا ڪنهن جي ذاتي، مذهبي، اخلاقي يا سماجي طور دل آزاري ڪندي هُجي. پر جي وري به ايئن ٿيو هوندو ته يقين مڃو بي خيالي سان ٿيو هوندو. تنقيد توڙي تبصري جي ڀرپور آجيان ڪئي ويندي. گورڌن سان سندس هاسٽل تي ماني آئي ته گورڌن موبائل ميسيج کان ٽوڪيو پر . . . . . اُها آيل فون ڪال جنهن قيوم جو جيڪٽ وڃرايو انڊرگرائونڊ ٽرين ڪنهن ڪنهن مهل ٻاهر به نڪريو اچي وري زمين اندر. (پر قيوم ڪيئن کلي) اناتڪبير ويندي اُڃ لڳي ته تُرڪي جي سڀني شهرن ۾ لڳل صاف پاڻي جا نلڪا هتي به ڪم آيا بس اسٽاپ کان اناتڪبير پنڌ ڪافي آهي. اها حاضري ڀرڻ لاءِ ٻه ڪلوميٽر کان مٿي پنڌ ڪرڻو پئي ٿو مزارِ اتا تُرڪ هن عظيم شخص کي مزاجي سلام اهو جوڙو جنهن سان شرٽ تي لکيل عبارت تي کل ڀوڳ ٿي انقره شهر جو بئڪ گرائونڊ الوس ۾ ننڍن ٻارن ۽ ڪبوترن سان گڏ انقره جي شاهي بازار جتي پُهچي گورڌن جي چوڻ کان اڳ ئي حيدرآباد شاهي بازار ياد آئي جڏهن مسلم ڪاليج کان داخل ٿي ته ساڳي بدبو اچي ٿي جيڪا هتي آئي ملاحن جو مُڇون سڄي دُنيا ۾ وڏيون (الائي ڇو) ڇوٽڪي گهٽي آف انقره تحفن جي دُڪان جو دُڪاندار اُها ڪراڙي جنهن جو وزن کڻي ٻانهون لهي پيون
شايد مون کي گهڻي انٽريسٽنگ اسٽوري ان ڪري پئي لڳي جو آئون انهي جو حصو هُئس. پو به اهي ورجايل ڳالهيون تمام زبردست لڳي رهيون آهن. اها جهوني جنهنجو جو ٿيلهو کنيوسين سا هڪ بينڪ ۾ ملازم هُئي، ۽ آخر ۾ ڦوٽو ڇِڪرائڻ مهل گهٻرائجي وئي هُئي ته ڦوٽو ڇو ٿا ڪڍو؟ چانهه ٺاهڻ ۾ ناڪامي ان ڪري ٿي جو کير جو پيڪٽ شايد پراڻو کُليل هو، سو ان ڪري چانهه ڦٽي وئي. قيوم مولائي واري وڃايل جيڪٽ بابت مون واپسي تي اچي سيڪيورٽي وارن کان پُڇا ڪئي جن اهو وراڻيو اهو هاڻي ڌڻين کي پرتو..... توهان جو سفرنامو خيريت سان پورو ٿيو. مون کي حيرت ٿي ٿئي ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪٽ ڪرڻ توڙي سينسر ڪرڻ باوجود قصو ڪيڏو نه ڊگهو ٿي ٿو پئي!!!! آئون جيڪڏهن ڪهاڻي لکڻ شروع ڪريان ته پاڻ ئي بور ٿي پوان جيڪر......
بلڪل. اوهان هن قسط جا ڪردار آهيو. پاڻ ڏَسيو ته ڪيتريون ڳالهيون رهجي ويون جيڪي ٿيڻ/ڪرڻ ڄوڳيون هُيون. پر پوءِ به ڇتي ڪوري کان گهٽ نه ٿي سگهي. جن کي وڻي سي به ٿڪا ضرور هوندا پڙهي پڙهي.
قيم واري ميڊم سيوگي ڪولائلي جو مڙس الياس ڪولائلي به ملاحن جي خاندان مان آهي. ان لاءِ هي چوندي آهي اهي ”هلڻ پوءِ سکندا آهن پر ترڻ پهرين“. ان جو به مُڇون وڏيون آهن. هاڻي به ماستري جي مصروف پيشي (هتي تُرڪي ۾) هوندي به ٽائم ڪڍي ويندو آهي بليڪ سي ۾ مڇي پڪڙڻ. هيٺ فوٽو ۾ ڏسو ته مُڇون ڪافي وڏيون اٿس. جڏهن اهو فوٽو ڪڍيو ويو ته ان وقت بليو فش جو شڪار ڪري رهيو هو جيڪا هتي ناياب ۽ مهانگي ترين سمجهي وڃي ٿي. ان ڏينهن پڪڙڻ ۾ ڪامياب ويو ته اسان کي به ڳوٺ وٺي هليا ۽ کارايائون. (ان جا تفصيل ڪنهن ٻي دفعي). پر مُڇن جو پُڇيم ته ان جو هو به جواب نه ڏيئي سگهيو.
ترڪ پاڪستانين جو ايترو خيال رکن ٿا شاباس اٿن، باقي ٻين اسلامي ملڪن ته ڪم لاهي ڇڏيا آهن. ڀٽي حڪومت کي ياد ڪرڻ جا سبب، آر سي ڊي جو ٺهڻ يا وري اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۽ اسلامي ملڪن جو اتحاد به ٿي سگهي ٿو. اهو ڪم تمام ڀلو .... ڪنهن دور ۾ ڪراچي ۾ ميٽرو بس شروع ٿي هئي .... ان ۾ به اهو سلسلو هلندو هو جو ماهانا ڪارڊ وٺندا هئاسين ۽ پوء روزاني ٻه چڪر به صدر جا هڻي وٺندا هئاسين. باقي گورڌن جي ٽوڪڻ به صحيح آهي ۽ ايئن هجڻ به گهرجي .... پر جي مرتضى جا ٺڪاء هجن ۽ اجايا وچ هڻڻ آهن ۽ اتي گورڌن هجي ... !!!! خير ... اوهان جو سفر ۽ لکڻيون وڻيون ... تصويرون ته ڪمال جون آهن.... جمعي جي ڏينهن جو انتظار آهي ته اوهان سان ملاقات ٿئي. خوش هجو ... سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان اچڻ کان پهريان استنبول ۾ هڪ اسٽاپ تان مون کي صبيحه ايئرپورٽ تي وڃڻو هو، بس اسٽاپ تي موجود ماڻهن کي پُڇا ڪئي، هڪڙا ماڻهو چون هيڏانهن وڃن، هڪڙا هڪڙي پاسي جو ڏس ڏين ته ٻيا وري ٻئي پاسي جو. تقريبن 5 منٽ کن اها ڪار هُئي. انهي هڻ وٺ دوران هڪ همراه کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ مون کي ٻانهن مان پڪڙي اڌ گابري انگريزي ۾ چيائين ته هُن پاسي کان بس ويندي، 7 ليرا ڪرايو لڳندو ٽيڪسي جو، زوري هڪ ٽيڪسي ۾ ويهاريائين. پاڻ اڳين سيٽ تي ويٺو. مون کي ته ٿورو ڊپ به لڳو ته متان ڪيڏانهن کڻي نه وڃي..... ايئن 5، 8 منٽن ۾ ان جا تي پهتاسين جتان مون کي ايئرپورٽ لا بس ملڻي هُئي. اتي لهي ڪري يڪدم پاڻ ئي ان همراه ٽيڪسي واري کي 7 ليرا ڪرايو ڏنو، منهنجي ڀرپور روڪڻ باوجود نه مُڙيو ۽ منهنجي شڪريه ادائگي کان اڳ ئي پُٺ ڏئي واپس روانو ٿي ويو. (هڪ ٻه ڳالهيون سينسر ڪرڻ تي سوري.....) اهي آهي تُرڪن جا حال احوال....... هڪ ٻيو به اهڙو ئي واقعو آهي، ٻئي دفعي......
لاجواب بهترين سفرنامو اصل ٽرين جو منظر ڏسي دل ٺري پئي دل چوي پئي ته اهڙين ٽرينن ۾ سفر ڪجي توهان جو سفر خير سان پورو ٿيو الله خير سان آڻيدو