آنلائن وڊيو اسٽريمينگ سائيٽس “يوٽيوب” يا ڪنهن به ويبسائيٽ تان جڏهن توهان ڪا به وڊيو ڏسو ٿا ته اها توهان جي سسٽم جي ڪيشي ۾ ڊائونلوڊ ٿي ويندي آهي . اڪثر وڊيوز ان ڪيشي ۾ رهجي وينديون آهن جن کي توهان ڳولهي آفلائن (نيٽ کان بغير) به ڏسي سگھو ٿا. ان ڪم جي لاءِ هڪ بهترين پورٽيبل ٽول “ڪيشي وڊيو ويو” موجود آهي. جيئن ته هي پورٽيبل آهي ان ڪري توهان هن کي بغير انسٽال ڪرڻ جي به استعمال ڪري سگهو ٿا. سسٽم ۾ هلڻ کان پوءِ سڀني وڊيوز کي ڳولهي توهان کي رپورٽ ڏيندو . ان رپورٽ سان توهان ڏسي سگھو ٿا ته ڪيتريون وڊيوز توهان جي سسٽم ۾ موجود آهن، انهن جي سائيز ڪيتري آهي ۽ اهي ڪهڙي ويبسائيٽ سان تعلق رکن ٿيون سسٽم ۾ ڪهڙي جڳهه تي پيل آهن وغيره.. توهان چاهيو ته ان رپورٽ مان ڪنهن به وڊيو تي ٽڙڪ ڪري پلي به ڪري سگهو ٿا يا ان جي لوڪيش معلوم ڪري وڊيو کي پاڻ وٽ ڪاپي به ڪري سگهو ٿا. وڊيو کي منتخب ڪري F7 جي بٽڻ تي ٽڙڪ ڪندا ته وڊيو کي محفوظ ڪرڻ لاءِ توهان کان هنڌ گھُرندو بس پوءِ توهان پنهنجي مرضي جي ڊرائيو ۾ محفوظ ڪري سگهو ٿا. فائيل سائيز 97 ڪلو بائيٽ.
سليمان وساڻ ، ذيشان رشيد ، فاروق سومرو ، سائل مهراڻ ، عبدالحفيظ لغاري ، عبدالغني لوهار ، عامر خان چاچڙ عامرضياء چارڻ ، ابو واصف ، سجاد علي چنا ، سجاد علي سومرو .