مُحَبَتِي مَيهَارَ جُون، دِل اَندَرِ دُونهيُون
آڻِيَو وجَهي آرَ ۾، لُهَاڻَو لُوهِيُون
جَي سَاهَڙ جُون سُونهيُون، سِيرَ سرَاڙو تَنِ کَي
سُرُ سُهُڻي
دُونهيُون = مچ، آڙاهه، ڀڀڙ – دونهين : ڪکن، پنن کي ميڙي ٽانڊي جي چڻنگ سان دکائبي آهي جيڪا دکي دکي مچ ٻري پوندو آهي.
آرَ = وهڪرا، اوڙاهه، سير
لُهاڻَو = عشق - جيڪو ساڙي، ٻاري ۽ جلائي ٿو
لُوهيُون = عشق جي آڳ ۾ سڙيل عاشقياڻيون
سُونهيُون = واقف ڪار، ڄاڻ واريون
سرَاڙو = پٿر، روهي، سرَ، سڪي زمين، وک، ٻرانگهه
بيت جو پس منظر
سهڻيءَ جي دل، سيني ۽ جان ۾ محبوب ميهار جي عشق جا آڙاهه ۽ مچ ٿا ٻرن. جيڪي عشق جي عاشقياڻيءَ کي گهلي وڃيو وچ سِير ۾ اڇلن.
جي مرن ۽ جيئن رڳو ميهار لاءِ ٿيون، جن جي مَنَ ۾ ميهار ئي آهي انهن لاءِ وچ سِير به سڪي زمين ۽ هڪ وک مثل آهي.
سمجهاڻي
ڀٽائي هن عشق ۽ محبت جي لازوال داستان ذريعي اسان کي سمجهائي ٿو ته جيڪي محبوبن ۽ منزلن جا ڳولائو هوندا آهن، انهن جا سک ۽ آرام ڦٽلهوندا آهن. عشق جي آڳ جا ڀڀڙ هر پل سندن دل، سيني ۽ جسم ۾ ڪنهن آتش فشان ۽ لاوي جيان ٻرندا ئي رهن ٿا. هي شعلا ۽ باهيون اڳيان ايندڙ هر رنڊڪ ۽ رڪاوٽ کي بسم ڪيو ڇڏين. هي عشق انهن عاشقن کي گهليو وڃيو پار پڄائي. سهڻيءَ کي هن عشق دلير ۽ بهادر بڻايو.
اچو ته پاڻ به سهڻيءَ جي واٽ تي هلندي پنهنجي محبوب ۽ منزلن جي ڳولا ڪيون ۽ سر ساهه گهوري ڪاميابيون ماڻيون.
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: