
پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ علامه طاهر القادري پاران اسلام آباد ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ آهي ته هاڻ تحريڪ سڄي ملڪ ۾ هلندي ۽ هر شهر ۾ ٻن ڏينهن جا ڌرڻا هنيا ويندا. 25 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته قادري صاحب اهو اعلان به ڪيو هو ته جيڪڏهن هو يا ٻيا اڳواڻ بغير ڪاميابي جي واپس ورن ته هنن کي قتل ڪيو وڃي. پر قادري صاحب تحريڪ کي ڪامياب سڏيندي ان کي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. اسلام آباد ۾ 68 ڏينهن تائين ڌرڻو هنيو ويو.