ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
السلام عليڪم سنڌ سلامت فورم جا دوستو ڀائرو ڀينرو
دوستو جيئن ته توهان کي خبر آهي ته سنڌ سلامت فورم تي هي سڪيشن سنڌ سلامت سکيا ، نون دوستن کي سکيا ڏيڻ لا۽ رکيو ويو آهي اڄ مان ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي اوهان کي اڄ سنڌ سلامت فورم تي پنهنجي تصوير پروفائيل ، اوتار ۾ محفوظ ڪرڻ بابت ڄاڻ ڏيندس ،
سڀ کان پهريائين ته توهان کي رڪن جو ڪنٽرول پينل تي ڪلڪ ڪرڻي آهي

توهان جيئن ئي رڪن جي ڪنٽرول پينل تي ڪلڪ ڪندا ته توهان جي اڳيان هي پيج اچي ويندو هاڻي توهان پروفائيل ۾ شامل تصوير جي ترميم تي ڪلڪ ڪريو

هاڻي وري توهان جي اڳيان هي سنڌ سلامت فورم جو هي پيج موجود هوندو جيئن ته هن ۾ توهان کي ٻه آپشن ملندا ته توهان پنهنجي پروفائيل ۾ شامل تصوير کي ڪنهن ٻئي سائيٽ تي اپ لوڊ ڪري هتي صرف ان جو توهان يو آر ايل ڏئي سگهو ٿا
آپشن نمبر ٻه توهان پنهنجي ڪمپيوٽر تي موجود ڪا به تصوير کڻي سگهو ٿا هاڻي اها توهان جي مرضي ۾ شامل آهي ته توهان کي ڪهڙو آپشن ٿو پسند اچي هاڻي توهان ڪا به تصوير ڪمپيوٽر تان يا وري ان جو يو آر ايل ڏئي ڪري تبديليون محفوظ ڪريو جي بٽن تي ڪلڪ ڪري ڇڏيو

دوستو هاڻي توهان ڏسندو ته توهان جي تصوير پروفائيل ۾ اپ لوڊ ٿئي چڪي آهي (هي تصوير مون جي پروفائيل ۾ مون جي استاد محترم جي آهي




دوستو هاڻي توهان تصوير جي ترميم تي ڪلڪ ڪريو
ته توهان جي اڳيان وري ساڳئي ئي طرح جو پيج اوپن ٿيندو ته توهان پنهنجي تصوير کي يو آر ايل جي ذريعي تان ڳنڍڻ چاهيو يا وري ڪمپيوٽر تان تا ڪا تصوير ڳنڍڻ چاهيو اها ته هاڻي توهان جي مرضي تي ڇڏيل آهي ته توهان اها تصوير ڪمپيوٽر تان ٿا کڻو يا وري ڪنهن سائيٽ تي تصوير اپ لوڊ ڪري ان جو يو آر ايل ٿا ڏيو پو۽ تبديليون محفوظ ڪريو جي بٽن تي ڪلڪ ڪري ڇڏيو (ڏسو ااسڪرين شاٽ )

بس بس هاڻي توهان جو ڪم ختم ٿيو هاڻي توهان واپس اچي ڪري ڪا به ريپلائي ڪري پنهنجي تصوير يا اوتار ڏسي سگهو ٿا ۽ رڪن جي ڪنٽرول پينل ۾ وڃي ڪري توهان پنهنجي پروفائيل تصوير به ڏسي سگهو ٿا .
صرف دعا ۾ ياد