• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

”مفاهمت “ واري ” چاٻيء “ جو ڪمال

* سنڌ اسيمبليء جي نا اهل شهري ۽ ٻهراڙيء جي ظالم وڏيرن ، اڄ پنهنجا هٿ وڍرائي ، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي حوالي انهيء ڪري ڪيا ته اسان تمام نالائق ۽ جاهل آهيون اسان کان سنڌ اندر سپريم ڪورٽ جي آرڊر تحت ” تڪ بنديون “ اسين نٿا ڪري سگھون ،انهيء لاء لازمي آهي ته توهان اچي ڪري نيون يا پراڻيون ” تڪ بنديون ته ڪري ڏيکاريو ( جن ۾ ڌمڪي پڻ اها سمجھي وڃڻ گھرجي )
*مقصد ۽ راند ساڳي ته لوڪل باديز جو چونڊون ناهن ڪرائڻيون ، ايم ڪيو ايم پنهنجو وجود انهيء لوڪل گورنمينت آرڊيننس تي ڪيئن بحال ڪرائي جڏهن ته اها ( ايم ڪيو ايم ) ان قانون کي پاس ڪرڻ وقت به اڄ وانگر بائيڪاٽ ڪري چڪي هئي. اڄ ته صرف انهيء آرڊيننس ۾ ترميم اها ڪرڻي يا ڪرائني هئي ته اسين پنهنجو بار اڇليون ٿا ، اليڪشن ڪميشن تي ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ايتري سگھ يا ظاقت آهي ڪانهي جو اچي اسان جي سنڌ ۾ اچي تڪ بنديون ڪرائي ڏيکاري ................!
* هيء سمورو ڊرامو صرف اڄ جي ڏينهن جو هيو ۽ آهي
ته پوء سنڌ جي انهن قومپرستن کي ” چاٻي “ ڪنهن ڏني آهي ، جيڪي هڙتال ، ڌمڪين يا پريس ڪانفرنسون ڪرڻ لاء ٻرن مان نڪري آيا ، جيڪي ڪالھ ڳوهيا نه پيا ملن ؟
يقينن هي 23 تاريخ واري قومي عوامي جمهوري پارٽيء جي هڙتال اڳي وانگر ملتوي ٿي ويندي ، جنهن جو نئون جنرل سيڪريٽري سمورو صاحب ، پريس ڪانفرنس ڪري ٽيڪر هلائي ڪٿي آرامي هوندو
ايئن جيئي سنڌ وارا به پنهنجي نانگن واريون ڪلهي پيل ” جهوريون “ کولي مرلين کي ” تيل “ڏيڻ شروع ڪيو آهي
پاڪستان پيپلزپارٽي انهن سڀني کي ڪيش ڪندي ، ڄاٻي ڏيندي نظر اچي رهي آهي ، ته جيئن ايم ڪيو ايم ڪراچيء وارا انهيء سموري گھيراء ۽ هڪلن کي ڏسندي وري آرام سان ” زرداري صاحب “ جي جھوليء ۾ اچي ڪرن .
جڏهن ته زرداري صاحب کي اها به خبر آهي ته هيء صرف هڪ ڏينهن جي ڪهاڻي آهي ، سڀاڻي ايم ڪيو ايم وري هنن سان پرچي ايندي ، جيڪا سموري مفاهمت تحت آهي
صرف هاڻي ڪم اهو ڪرڻو آهي جو هنن سان هڪ ڌڪ ۾ ٻه شڪار ڪجن .
باقي جن جيڪي ڪيو ۽ جيڪي ڪري رهيا آهن ، انهن کي پنهنجو سمورو ”اجرو “ايمانداريء سان ”پيش “ ڪيو ويو آهي !!!
 
Back
Top