ٻارن تي ڪيئريئر جي چونڊ لاءِ زور نه ڀرڻ جي موضوع تي ٺهيل ٿري ايڊيٽس نالي هڪ فلم ڄڳ مشهور ٿي وئي ۽ هر شاگرد، مائٽ ۽ استاد کي ڏسڻ لاءِ تجويز ڪئي ٿي وئي. مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي اها فلم بابا کي ڏيکاريم ته چيائين؛ ”ٺيڪ آهي اسان اهو ٻارن تي ئي ڇڏيون ته هو ڇا ٿا ڪرڻ چاهين؟ پر اسان جي هن معاشري ۾ ڪيترا اهڙا ٻار يا نوجوان آهن جيڪي پاڻ ئي طئي ڪري ٿا وٺن ٿا ته کين ڇا ڪرڻو يا ٿيڻو آهي؟ جڏهن کين اها خبر ئي ناهي ته مجبورن مائٽ کي پنهنجي سمجهه مطابق زور وٺي اهو پاڻ ڪرائڻو پئي ٿو. يا وري کين تعليمي ادارن ۾ پنهنجي قبليت آڌار مليل شُعبو ئي پڙهڻو پئي ٿو جيڪو وڻيو ته دل سان نه وڻيو ته بي دليو پر پورو ڪبو آهي.“ اها ڳالهه منهنجي دل سان لڳي ۽ پوءِ ڪيترن ٻين به اها ئي ڳالهه ورجائي ته ڪيڏو نه سُٺو ٿئي جو ٻار وڏو ٿي ڇا ٿيندين جي جواب ۾ رٽيل جواب ”ڊاڪٽر“ يا ”انجنيئر“ بجاءِ واضع طور ڏين جيڪو سندن پنهنجي خواهش ۽ عزم جي ترجماني ڪري. پر جڏهن پرڏيهه جي نوجوانن کي ڏِسجي ٿو ته گهڻي قدر اهي مستقبل لاءِ هڪ واضع عزم رکندي ڏسبا آهن. نه رُڳو منهنجو ذاتي طور پر ٻين پرڏيهه ويندڙ هم وطنن جو به اهو تجربو رهيو آهي. ڪراچي جو ڊاڪٽر سلمان طارق خان جڏهن چائنا مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ ويو ته اُتي سندس گهرائپ هڪ چيني سان رهي جنهن انٽرنيشنل رليشن ۾ بيچلر ٿي ڪئي ۽ خواهش هُئس ته هو پنهنجي مُلڪ جو سفارتڪار ٿي ٻين مُلڪن ۾ نوڪري ڪري. ان جتي ان لاءِ خوب دل لڳائي محنت ٿي ڪئي اُتي ڪافي خواهشن کي به ماريو ٿي. چائنا جي نوجوانن ۾ عام جام موجود عياشي جي سڀني عُنصرن تي سمجهوتو ڪري ويٺو هو. رُڳو ان لاءِ ته هڪ سُٺي سفارتڪار جو ماضي عياشي ۽ بي راهه روي کان پاڪ هُجڻ کپي. هڪ سال رزلٽ سُٺو نه آيس ته روئڻ لڳو ته جيڪڏهن منهنجا گريڊ سُٺا نه هوندا ته آئون سفارتڪار نه ٿي سگهندس يا ٿي ويس ته به وڏن مُلڪن بجاءِ ننڍن ۽ غير ترقي يافته مُلڪن ۾ رکيو ويندو. مطلب ته هُن پنهنجي مُستقبل بابت نه رُڳو ڪورسز کي ٿي پڙهيو پر ان سان لاڳاپيل هر لازمي توڙي نقصان ڏيندڙ شين جي خبر رکي ٿي. اهو ئي مُشاهدو تُرڪي ۾ به ٿيو. شمن قبيلي سان تعلق رکندڙ اونيور تولگا اوڪان کي ورثي ۾ مليل ٻوٽن جي کوجنا جو شؤق ته ننڍپڻ کان هو پر هُن ستين کان ڏهين ڪلاس تائين مختلف ڪتابن پڙهندي اهو سکيو ته ماحول مان اسان لاءِ ايندڙ ڪافي مسئلن جو حل وڻ ۽ ٻوٽن مان ئي ملي ٿو. مثال طور ڪاربان ڊاءِ آڪسائڊ جي ماحولي آلودگي جو ازالو توڙي انيڪ بيمارين جو علاج وڻن ۽ ٻوٽن جي ڪري ئي ممڪن ٿئي ٿو. هُن بيچلر کان پوءِ اسڪالرشپ حاصل ڪري آسٽريا مان وڃي هڪ ڪورس ڪيو ۽ پوءِ مُلڪ ۾ شعبهِ جنگلات جي بهترين شُعبي جي پُڇا ڪري پنهنجي شهر کان 900 ڪلوميٽر پري اچي بحرِ اسود يونيورسٽي ۾ اچي داخلا ورتي. کيس پي ايڇ ڊي دؤران ئي هتي اسڪالرشپ توڙي نؤڪري پڻ ملي وئي. هتي قدرتي طور نه ڄمي سگهندڙ بليو بيريز جيڪي آمريڪا مان آڻي هتي پوکي ان جا بمپر فصل حاصل ڪيا ويا. تِن جي ڪيميائي جانچ ڪري رهيو آهي. سندس شؤق آهي ته پي ايڇ ڊي کان پوءِ هو ٽين دُنيا جي مُلڪن جهڙوڪر ايٿوپيا کان وٺي انڊيا تائين جي انهن ٻوٽن تي تحقيق ڪريان جن تي اڃان تائين ڪم ناهي ٿيو. سندس ڀيڻ الائدا وري گُذريل سال قانون جي ڊگري وٺڻ لاءِ داخلا وٺڻ ۾ ناڪام ٿي سال انتظار ڪري به ٻيهر داخلا وٺڻ جي ڪوشش ۾ آهي جو کيس لڳي ٿو ڊاڪٽري کان پوءِ ڪمائي ۽ عزت جي لحاظ سان وڪالت بهترين ڪيريئر آهي. ايئن ئي وري هتي بحرِ اسود يونيورسٽي ۾ يورپ جي ڏوراهين مُلڪ لٿئونيا کان آيل ايليڪ پرائمري تعليم حاصل ڪندي ٽئين ڪلاس ۾ ئي تاريخ پڙهڻ جو سوچي ويٺو ۽ اُهي ڏينهن هي ڏينهن کيس تاريخ پڙهڻ جو جُنون ٿي ويو ۽ مُستقبل ۾ تاريخ پڙهائڻ جو شؤق رکي ٿو. کيس اهو شؤق ڇو ٿيو جي جواب ۾ هو چئي ٿو، ”پرائمري ڪلاسز ۾ پڙهندي مون کي ڪافي ٽيچرس مُتاثر ڪيو پر تاريخ جي سبجيڪٽ پڙهائيندڙ ٽيچر جي ڳالهين ۾ هڪ اهڙو سحر هو جنهن کان آجو نه رهي سگهيس. مون کي لڳو ته تاريخ، فلسفو ۽ مذهب هڪ ٻئي سان جُڙيل شيون آهن. ان تجسس مون کي بي چين ڪيو ۽ آئون بُنيادي تعليم حاصلي ڪري شُعبه تاريخ ۾ آيس. جڏهن مون کي گورنمنٽ ڇهه مهينن جي هڪ سيميسٽر لاءِ ڌارئين مُلڪ موڪلڻ جي آفر ڏني ته مون تُرڪي جو هي خِطو چونڊ ڪيو جتي تاريخ ۽ ڏند ڪٿائن جي گهڻائي آهي ۽ مذهبي طور پڻ هتي جا ماڻهو وچٿرو ذهن رکن ٿا ۽ ڪٽر ناهن. مون کي لڳو ته هتي اچي آئون پنهنجا ڪافي سوالن جا جواب وٺي سگهان ٿو“. ايئن ئي اسان جو پير ڳوٺ لڳ هڱورجا جو دوست اظهر اياز پيرزادو پنهنجي فرينچ دوست ٿامس بابت ڏَسي ٿو ته جڏهن هو 19 سالن جو هو ته کيس اليڪٽرانڪ جو سبجيڪٽ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سؤلو ۽ وڻندڙ لڳو. هُن پنهنجي هڪ استاد سان اها ڳالهه ڪئي جنهن سندس همت افزائي ڪئي. کيس سمجهايو ته هن وقت نينو اليڪٽرانڪس جو دؤر آهي ان تي غور ڪر. اڄ هو ان سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو ۽ ڏاڍو خوش آهي ته هُن اِن سبجيڪٽ جي چونڊ ڪئي. اهڙا انيڪ مثال ڏِسي جتي متاثر ٿيڻ کان سواءِ نه ٿو رهي سگهجي اُتي اها به فڪر ستائي ٿي ته اسان وٽ اهو ڇو ناهي؟ يقين جتي آبادي ايتري هُجي جو هڪ انٽر پاس يا وڌ ۾ وڌ بي اي پاس استاد کي ستر اسي ٻار پڙهائڻا هُجن ته هو ڪٿي ٿو ٻارن ۾ ڪو جذبو ڄاڳائي سگهي ۽ ٻار مستقبل بابت ڪو منصوبو ٺاهن. بغير پلاننگ جي وڌندڙ آبادي، غير تجربيڪار اُستادن هٿان بس ڍڳو پير پيران واري انداز ۾ هلندڙ تعليمي نظام ۽ مائٽن جي عدم دلچسپي جي ڪري اسان وٽ اهو رواج ويجهڙ ۾ ته ايندو نه ٿو ڏِسجي جيڪو پرڏيهه ۾ ڏسي رشڪ پيو ايندو آهي. پر جيڪڏهن ڪُجهه ننڍين ڳالهين تي توجه ڏِجي. جيڪڏهن مائٽ پڙهيل ناهن ته انهن جي خاندان جا اُهي فرد جيڪي پڙهيا لکيا آهن ۽ ٿوري توجه ڏين ته هڪ وڏي ۽ ڏُکئي مقصد جي پوري ٿيڻ جي عزم لاءِ پهرين وِک ته کڻي ئي سگهجي ٿي. سَڀ کان پهريون مسئلو اهو آهي ته ٻار پڙهڻ دؤران اهو سوچي پڙهن ٿا ته اسان جي مجبوري آهي. اسڪول نه وينداسين ته مار ملندي يا خرچي نه ملندي. مطلب ته بي دلي سان پڙهڻ وارو ڪم ڪن ٿا. پر ٿوري محنت، توجه ۽ اٽڪل سان هو اهو خوشي سان به ڪري سگهن ٿا. اصل ۾ گهڻا ٻار ته سُست ۽ ٽوٽي ٿين ٿا جن کي وڏي توجه ۽ محنت طلب هوندي آهي پر ڪافي هوشيار ۽ محنتي ٻار رُڳو ان ڪري اڳتي ناهن نڪري سگهندا جو کين اهو احساس هوندو آهي ته هو پڙهڻ ۽ سُٺن نتيجن جي جاکوڙ پنهنجي ذات لاءِ نه پر بَس مائٽن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪري رهيا آهن. پر ٻارن جي نفسيات تي تحقيق ڪندڙ چون ٿا ته جيڪڏهن اُنهن کي اسڪول ۾ استاد توڙي گهر ۾ مائٽ يا ويجها عزيز اهو احساس ڏيارين ته ”تنهنجو اهو ڪم ڪو معمولي ناهي. اهو هڪ ڪمال آهي. اهو هر ٻار جي وس جي ڳالهه ناهي.“ ان سان ٻار جي سوچ ۾ فرق ايندو ۽ هُو اهو ساڳيو ڪم هڪ ٻيو احساس رکي ڪرڻ لڳندو. ۽ خوش پڻ هوندو. هِڪ ٻيو وڏو مسئلو آهي ته مائٽ توڙي اڪثر استاد ٻارن جو ذاتي شؤق منفي ڪري پيش ڪندا آهن. مثال طور جيڪڏهن هڪ ٻار يا نوجوان کي راند يا ڊرائنگ سان دلچسپي آهي ته کين سواءِ ان کان روڪڻ جي ٻيو ڪُجهه ناهي ڪيو ويندو. پر جيڪڏهن ٻارن کي اهو باور ڪرائجي ته اوهان ڪيريئر لاءِ ان ڪم جي چونڊ پڻ ڪري سگهو ٿا پر اوهان کي ان لاءِ ايتري پڙهائي به ڪرڻي پوندي جو اُن فيلڊ ۾ پاڻ مڃائي سگهو. اوهان کي ان کان علاوه ٻيوعلم ۽ ڊگري نه هوندي ته اوهان ان شؤق ۾ پڻ اڳتي نه وڌي سگهندا. هڪ دفعو ٻار اهو سمجهي ويو ته پنهنجو جُنون پورو ڪرڻ لاءِ هو مجبور ٿي پڙهڻ طرف راغب ٿيندو. ان جو مثال ايئن آهي ته ڪو ٻار ڊرائنگ ڪرڻ جو شؤق رکي ٿو پرسندس والد چاهي ٿو هو تاريخ پڙهي. هاڻ ٻار کي اهو باور ڪرائڻ جو هڪ سؤلو طريقو آهي ته جيڪڏهن هو تاريخ پڙهي ۽ تاريخ کي ڪمال مهارت سان ڊرائنگ ۾ بيان ڪري سگهي ته هوند واهه واهه ٿي وڃي. اهو ٻُڌي هو خوشي سان ڊرائنگ جيترو ئي وقت تاريخ پڙهڻ کي به ڏيندو ۽ ايئن اهي ٻئي ڪم بهتر نموني پورا ٿيندا. هن مقصد جي پوري ٿيڻ ۾ مائٽ استاد ۽ ٻار ٽنهي جو هڪ جيترو ڪردار گهُربل آهي. شاگرد جي شؤق کي سمجهڻ ۽ کيس ان حساب سان فيلڊ چونڊڻ ۾ راغب ڪرڻ اُستاد جو ڪم آهي. جيڪي استاد نه ٿا پڙهائن سي ته ٺهيو پر جيڪي پڙهائن ٿا تِن کي به گهُرجي ته رُڳو ڪورس نه پر دلسچپي وٺي وقت جي ضرورت مطابق ڪيريئر بابت ٻارن ۾ دلچسپي پئدا ڪن. اهو مٿن فرض آهي ته هو ان لاءِ ذاتي ٽائم ڪڍي مطالعو ڪن ۽ شاگردن کي موٽيويٽ ڪن. اُن کان پوءِ ئي مائٽ کيس ان جي حاصلات دؤران گهُربل مدد ۽ خرچ پکو ڏيئي سگهي ٿو. پر ضرورت آهي ٻار کي سمجهي ۽ ان کي دڳ تي لڳائڻ جي. کيس جذبو ڄاڳائي کيس ان روائتي احساس مان ڪڍڻ ته پڙهبو رُڳو ان لاءِ ناهي ته ڊاڪٽر انجنيئر يا آفيسر ٿجي ۽ ڪُجهه نه ٿيو ته ماستر ٿي نؤڪري ڪبي. هن جهان ۾ اڻ کُٽ شين بابت علم حاصل ڪرڻ جي جنون پئدا ڪرڻ لاءِ ننڍي هوندي کان ٻارن ۾ تجسس پئدا ڪرائي شؤق پئدا ڪرائڻ وقت جي اولين ضرورت آهي. نوجوانن کي به گهُرجي ته جيڪو سبجيڪٽ کين سمجهه ۾ اچي ٿو وڌيڪ دلچسپ لڳي ٿو ۽ وڻندڙ پڻ. ان بابت پنهنجي استاد کان ويندي گهڻو پڙهيل لکيل مائٽن سان پڻ رابطو ڪن ۽ ان بابت مُڪمل معلومات وٺن. نه رُڳو ان جي مستقبل جا فائدا پر ان کي صحيح نموني پڙهڻ ۽ سمجهڻ جا سڀ رستا پُڇي پڪ ڪري وٺن ۽ پوءِ زندگي جو مقصد ان جي حاصلات بڻائي ڇڏين.
يار واقعي هي باب ته لازمي ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ گهُرجي ها...... بهترين لکيو اٿئي. هن موضوع کي اڃان اڳتي وڌا. وي ڪين ڊسڪس مور ابائوٽ اِٽ.