جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن
ماڳ جو نالو: آراڙو قبرستان
ماڳ جو دور: ڪلهوڙا دور
ماڳ جو هنڌ:ديھ آراڙو تعلقو جوهي ضلعو دادو تپو بکر شهيد
هن کي ڀٽه قبا به چوندا آهن،هي قبرستان واهي پانڌي،جوهي روڊ سان آهي،جوهي کان اٽڪل 13 ڪلوميٽر اولهه ۽ پَٽُ سليمان کان اٽڪل 2 ڪلوميٽر اتر تي آهي.روايت آهي ته هتي ميان وال تحريڪ جا ٻه سپوت عالم خان ۽ گهنور خان ٻئي ذات جا لُنڊَ دفن ٿيل آهن.تاريخ ۾ هن ماڳ جو ذڪر هن طرح ٿيل آهي،ته هي ماڳ ڪلهوڙن کان اڳ موجود هو،هتي ڪل 9 مقبرا موجود آهن،جن مان پنج مقبرا پڪ سِرا آهن،جڏهن ته چئن جي مٿان گنبذ موجود ڪونه آهن،صرف هڪ رانڪ مڪمل نظر ايندي جيڪا گنبذ سان ۽ لِتلَ آهي.اندر گُل چِٽَ نڪتل آهن.اندران ڪنڊ جوڙون زمين کان مٿي ڇت ڏانهن نڪرن ٿيون،فرش به چُنَ گاري سان لِتَلُ آهي.
(سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري مان ورتل)