شادي جي پهرين رات ڪمري ۾ اچڻ کان پو گھوٽ ۽ ڪنوار پاڻ ۾ فيصلو ڪيو ته صبح تائين ڇا به ٿيئي پر دروازو نه کولڻو آهي.... ٿوڙي ئي دير کان پو اچانڪ دروازو کڙڪيو ، پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته گهوٽ جي امي ۽بابا هئا جيڪي ملڻ لا آيا هئا، هن ٻنهي هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ پنهنجو وچن ورجهايو، ڪافي انتظار ڪرڻ کانپو هو واپس هليا ويا ۽ دروازو نه کوليو ويو، هوٻئي بيڊ تي ويهي ڪري ٻيهر راز ونياز جي ڳالهين ۾ مصروف ٿي ويا ڪجھ ئي دير کان پو ٻيهر دروازو کڙڪيو ۽ پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته هن ڀيري ڪنوار جا والدين هئا، هن ٻنهي ٻيهر هڪ ٻئي جي اکين ۾ ڏٺو ۽ پنهنجو واعدو دُهرايو، پر ڪجھ ئي دير کانپو ڪنوار جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ مڙس کي چيائين ته هو دروازو کولي، ڇو ته هن کي والدين جي واپس وڃڻ تي ڏاڍو ڏک محسوس ٿي رهيو هو، نيٺ دروازو کوليو ويو ۽ ڪنوار پنهنجي والدين سان ملي ورتو، گهوٽ جي چپن تي هڪ معنى خيز مُسڪراهٽ تري آئي، پر هن ڪنوار کي ڪجھ به نه چيو. وقت گزرندو رهيو ڪافي سال کانپو چار پٽن بعد هنن جي گھر ۾ ڌيّ پيدا ٿي، ڌي جي ڄمڻ تي پيُ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان جي ڄمڻ تي هڪ عليشان دعوت جو بندوبست ڪيائين، جڏهن دعوت کائي سب مٽ مائٽ واپس هليا ويا ته اڪيلائي ۾ زال مڙس کان پڇا ڪئي ته ان جي ڇا وجھ آهي جو اوهان چار پُٽن جي ڄمڻ تي ته ايترا خوش نه هئا جيترا اوهين هاڻ خوش پيا ڏسجو؟ ۽ نه ئي وري ڪنهن پٽ جي پيدا ٿيڻ تي اهڙي دعوت جو بندوبست ڪيو هو؟ پيُ خوش ٿيندي ماضي جي سوچن ۾ گم ٿيندي وارڻيو ته هي اوها آهي جيڪا مون لا دروازو کوليندي....