• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سَسُئِي آبِرِي هَيجُ نَه هَوندَو جَنِ سِين، سَي ڪِيئن وِندُرَ وِينديُون؟

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10370816_10204737267529772_8778705204483414558_n.jpg

هَيجُ نَه هَوندَو جَنِ سِين، سَي ڪِيئن وِندُرَ وِينديُون؟
وِهَو وِچَ رَهَنِ، سَهَسِين سَڌُن وَارِيُون


سُرُ سَسُئي آبري

هَيجُ = سڪَ، اُساٽ، اُڪير، اُڪنڍ
وندُرَ = لس ٻيلي جي نديءَ جو نالو - هي ندي پٻ جبل مان نڪري 32 ڪوهه وهي سونمياڻيءَ جي ڏاکڻي پاسي اچي سنڌي سمنڊ ۾ ٿي ڇوڙ ڪري. نديءَ سان لڳ جبل کي به وندر جبل سڏن ٿا.
وِچِ رَهَنِ = وچ ۾ ئي ويهي رهن، اڌ پنڌ ۾ ئي ٿڪجي ويهي رهن.
سَهَسين = سوين، ڪيتريون ئي
سَڌُن واريون = ڪوڙي حب ۽ ڪوڙي سڪ واريون

بيت جو پس منظر

جن کي اندر ۾ اُسَاٽَ ناهي، سڪَ ناهي، اُڪير ناهي سي وندر جبل ڏانهن ڪيئن پنڌ ڪنديون ؟
ڪُوڙي سڪَ ۽ حُبَ رکڻ واريون ته اڌ پنڌ ۾ ئي ٿڪجي ويهي رهن ٿيون.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ذريعي انهن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي آهي جيڪي سست، ڪاهل ۽ ڪوڙا آهن. جن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي. جيڪي ڳالهه ڪري ڦري ٿا وڃن، جيڪي ڳالهه هڪڙي ڪن ٿا عمل وري ٻيو .دنيا ۾ سولي ۾ سولو ڪم آهي ڳالهه ڪرڻ ۽ ڏکيو ڪم ان تي عمل ڪرڻ. ڳالهائڻ کان اڳ سوچيندا ڪيو ته ڇا ان تي عمل به ڪري سگهندس؟پهرئين طئه ڪيو ته اوهان کي ڪرڻو ڇا آهي؟ پوءِ ان ٽارگيٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ اورچائي، ڏاهپ ۽ مستقل مزاجيءَ سان ڪوششون ڪيو.خواهشون ته لا محدود آهن ضروري ناهي ته سڀ پوريون به ٿين. دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهون ناڪام ۽ ٿورا ڪامياب ٿين ٿا فرق صرف عمل ڪرڻ جو آهي.
اچو ته سسئيءَ جيان پنهنجي محبوب ۽ منزل جي ڳولا ڪيون پوءِ مليا ته ملندياس نه ته گهوري جان جتن تان.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
دنيا ۾ سولي ۾ سولو ڪم آهي ڳالهه ڪرڻ ۽ ڏکيو ڪم ان تي عمل ڪرڻ. ڳالهائڻ کان اڳ سوچيندا ڪيو ته ڇا ان تي عمل به ڪري سگهندس
ڀٽائي جا بيت نصيحت ڀريا آهن اوهان جا لک قرب جو اوهان انهن جون سمجهاڻيون بيان پيا ڪيو
 
Back
Top