مبارڪپور(پريس رليز) جيئي سنڌ محاذ ضلعي جيڪب آباد جي اڳواڻن اسلم آزاد مهر، رحيم ٻرڙو، جي ايم ڀٽي ۽ صدام ڀٽي پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته اسان هندو برادري جي مذھبي ڏِڻَ ڏياري جي خوشي ۾ ساڻن گڏ آھيون. اسان کي نه وسارڻ گهرجي ته اِهي ڏينهن سنڌ ۾ ھڪ تاريخي حيثيت رکن ٿا. سنڌ جي هندن سميت اسان پوري دنيا جي هندو برادري کي ان خوشيءَ جي موقعي تي کين مبارڪون ڏيون ٿا. اسلم آزاد مهر ضلعي اڳواڻ جيئي سنڌ محاذ. ضلعو جيڪب آباد.