(منهنجي ٿر جي ماروئڙن جو حال پڇندي ته پوءِ روئي پوندي) ٿر ۾ وري ڏُڪار ۽ موت جا پاڇولا ! مدد ڪريو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    (منهنجي ٿر جي ماروئڙن جو حال پڇندي ته پوءِ روئي پوندي)
    هن لاپرواهيءَ جا اسان سڀ برابر جا قصور وار آهيون چاهي گورنمينٽ هُجي، سياسي، سماجي پارٽيون، اپوزيشن، علائقي جا ڏاهاماڻهون،يا سرڪاري ۽ خانگي ادار! جرنلسٽ يا چئنلن جا مالڪ! وقت ناهي ويو اڃا! پوءِ به اڳتي وڌو جي رحم جو ٿورڙو مادو به اٿوَ ته! پوري سنڌي قوم ۽ بلخصوص ٽيليويزن، اسٽيج، ريڊيو جا فنڪار جيڪي هن دئور جي نئين ٽهيءَ ڏهاڪا اڳ پهرئين شروعات ڪندا هُئا.
    سنڌي ميڊيا جي مڙني اخبارن، چئنلن، رپورٽرن، جرنلسٽ، اين جي اوز ، سنڌ سماج سوسائٽي۽ ويلفيئر ادارن کي اپيل :

    ٿر جي ابتر صورتحال ۽ ٻارڙن جي مسلسل موت جي ڪري خدارا پنهنجي سمورين خوشين جي شادمانن کي هاڻ فلحال کڻي ملتوي ڪيو وڃي متان اڳ وانگر اهو انگ وڌي سون ۾ نه پئجي وڃي. اهي ڍول تماشا، ناچ گانا وري پوءِ به ڪري سگهجن ٿا ، فلحال سنڌ جي وحدانيت سان گڏ ٿر جو ڏڪار به اسانکي اسانجي ڪيل گُناهن جي ياد پيو ڏياري ۽ خبردار ڪري ! هاڻ ته سڀ ڪم ڇڏي اڳتي وڌي ٿر جي مُتاثره خاندانن لاءِ گڏجي، ساسي اختلاف ۽ نظريا، پنهنجون انائون، خود ليڊري وساري گڏ ٿي ڪي اُپاءَ وٺو!

    سنڌ جا به تمام فنڪار، اشٽيه، ريڊيو، ٽي. وي، فلم الغرض ميڊيا جي هر شعبي جا چاهي پرنٽ هُجي يا اليڪٽرانڪ يا انٽرنيٽ جي سوشل ميڊيا! يا واري اين. جي. اوز، سول سوسائٽي! هيئنر ئي گهران نڪري شهر شهر، گهٽي گهٽي، محلو محلو، روڊ رستا نڪري ٻاهر اچو ۽ ٿر جي ماڻهن لاءِ نه صرف امداي ڪئمپون هڻو ۽ امداد جمع ڪريو ۽ ٿر جي متاثره خاندان جي جهڙي ريت به ٿي سگهي مدد ڪن. کين ميڊيڪل ايڊ جي گهڻي ضرورت آهي.

    اُهي تمام ڊرگ انسپيڪٽرس، فارماسسٽس، دوائن جي اسٽور وارا، والنٽيئر ڊاڪٽر، نرسون، پئٿالجسٽ، ريڊيالاجسٽ، ٽيڪنيشنس، ٻارڙن جا اسپيشلسٽ، ٿر ۾ اڪثريت يا اقليت ڪليم ڪندڙ ، پير، مخدوم، مير شاه، ڪامورا، ڪاروباري شخص، ميڊيڪل ڪاليجن جا شاگرد، هاسپيٽل ۽ ميڊيڪل اسٽورن جا مالڪ، دوائن جو ڪمپنيون، ايڪسري مشين وارا، رت ٽيسٽ ڪرڻ وارا پنهنجو مشينون ۽ ٻيا ٽيسٽ جا اوزار ٽرانسپورٽ وسيلي کڻي ٿر جي ڪئمپ تي وڃن ڇو جو هن بيماريءَ جو ترت علاج ئي لازمي آهي جيئن ٿر جا ٻارڙا وڌيڪ موت کان بچائي سگهجن.

    وس ۽ هوند وارا وارا ٽراسپورٽر والنٽيرئر طور تي انهن سامانن کي پهچائڻ مدد ڪن. وڏيرا، رئيس، پير مير، شاه، ڪانڀو خان ، جاگيردار به هاڻ غريبن جي خدمت جي عيوض پنهنجا کيسا خالي ڪن، گهڻيون ڳالهيون ٿيون، هڪ ٻئي تي تنقيد به، هڪ ٻئي کي مود الزام ٿيا! هاڻ ته ڳالهيون، بحث، ڪانفرنسون، مقالا ڪري ۽ ٺلهيون رپورٽون لکي، پڙهي، عملي ڪم لاءِ به اڳتي وڌي اچو جي واقعي سنڌ لاءِ سچو سُور ۽ درد رکو ٿا بجاءِ جو واڪا ۽ ڍول تماشي ، ناچ ، اسٽيج جي فنڪشن، پارٽين وسيلي سنڌيت جو اظهار ڪري پاڻ وڻائجي.

    ادا دير آيد دُرست آيد.. سُڀوءَ جو نڪتو شام گهر وريو.. وڃايل نه چئبو! غريبن جي ڏنن تي پنهنجا گهر هلائڻ وارا پير، مير، شاه به مهرباني ڪري هاڻ انهن امدادي ڪمن کي جاري ساري ٿيڻ ڏيو بلاوجه سياسي نمبر گيم لاءِ تنقيد کان پاسو ڪريو جيئن مُتاثره جي مُڪمل مدد ٿي سگهي ۽ فلحال ڪوشش ڪيو ته پوليٽيڪل رفٽ يا نظريا پاسيرا ٿي وڃن گڏ ٿي هڪٻئي جا ٻانهه ٻيلي ٿي هن نيڪ ڪم ۾ هٿ وجهي حصيدار بڻجي وڃو! جي خدمت ڪري واپس ورو ته ڏسو ته هر ڪڻڪ جي، خوراڪ جي ٻوري، پاڻيءَ جا ڪين يا بوتلون، دوا درمل امانتن ٿر جي ضرورتمندن کي پُهچي ويو آهي ۽ نه ڪنهن گودام ۾ سڙڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي ۽ تنهن کان پوءَ جڏنهن هئو مئو ٽري وڃي، ٿري سک جو ساه کنن ته پوءِ ڀلي رواجي دشمني ۽ انا پرستي ڪري هڪ ٻئي جا پٽڪا لاهجو. سنڌ ۾ انهن اجائي رفٽن ۽ تنقيدن جي ڪري ته موٽ گهٽ ٿي ملي. تڏي تي به جڏنهن دُشمن ايندو آهي ته نه چاهيندي به اختلافن کان پاسو ڪبو آهي، زندگي رهي ۽ سنڌ سلامت رهي ته اهي جهيڙا مُڙسن کان پري ناهن ويا. اچون ته اهي هاڻ پاڻ مان اجايون تنقيدي بُراين جو خاتمون آڻي ڪوشش ڪريون، جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو هاڻ ڪريل پاڻي ته مٽ ۾ واپس نٿو وجهي سگهجي ٿورڙو عقل به استعمال ڪري اڳتي وڌڻ گهُرجي. صرف حڪومت نه اسان سڀ قصور وار آهيون حڪومت، حاڪم، ميڊيا، جرنلسٽ، بيوروڪريسي، اپوزيشن، سڀئي پوليٽيڪل پارٽيون، علائق جا هڪومتي ته اپوزيشن نمائندا، ڪامورا ڪنهن ڪنهن کي ڏوه ڏجي بس هاڻ اها ڪوشش هُجي ته آئنده خيال رکجي ۽ ٿر لاءِ ذاتي عناد ڇڏي ملي جُلي پلاننگ ڪجي، حڪومت ۽ ڪامورا پنهنجي طريقي سان، جرنلسٽ ميڊيا، اين جي اوز پنهنجي طريقي سان اپوزيشن ۽ ٻيون پارٽيون پاڻ ۾ ملي پنهنجي طريقي سان. بجاءِ جو واويلا ڪري ڳالهه جوڳالهوڙو ٺاهجي هاڻ سڀ قصور وار ميدان تي اچن ته ٿرين جي زخمن تي ملي مرهم هڻجي. جيڪي فنڪار اسان سان ٻانهه ٻيلي ٿي هن نيڪ ڪم ۾ اڳتي اچڻ چاهين تُرت ئي رابطي ۾ اچن ته جيئن اسانهي ڪافلو اڳتي وڌي هر قسم جي مدد فراهم ڪري.
    (منجانب : ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر نيوسعيدآباد ضلع مٽياري سنڌ)
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 آڪٽوبر 2014
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو