هوشوءَ جي شهادت جا سنڌ جي مزاحمتي تاريخ تي پيل اثر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    هوشوءَ جي شهادت جا سنڌ جي مزاحمتي تاريخ تي پيل اثر

    عثمان راهوڪڙو

    هوشو شيدي سنڌ جو اهڙو جرنيل هو، جهڙو ويٽنام جي جنگ آزادي ۾ جنرل گياپ هو. جنرل گياپ ويٽنام کي آزاد ڪرائڻ لاءِ آمريڪي فوجين سان جيڪا ويڙهه ڪئي، کيس ويٽنامين عوامي هيرو ڪوٺيو، هو اڄ به ويٽنام جو عوامي هيرو آهي ۽ دنيا کيس سندس بهادري تي کيس اڄ به سلام ڪري ٿي. ويٽنام جي گوريلا جٿن جو گوريلو هو، کيس ڪنهن آمريڪي فوجي چيو هو ته تون ڪيڏو بهادر آهين ته کيس موٽ ۾ جنرل گياپ چيو ته بهادري اسان جو ورثو آهي ۽ هتي دٻي جي ميدان تي جنرل هوش محمد شيدي به جنرل گياپ جيان وڙهي رهيو هو. هوشو به سنڌ جو عوامي هيرو آهي، کيس درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيو وڃي يا نه ڪيو وڃي. هو ميرن جو نوڪر هو، سو وڙهيو ۽ ماڳ تان نه موٽيو، جنهن ميدان جنگ ۾ دشمنن کي للڪاريندي اهو نعرو ڏنو ته ”مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون“ وارا لفظ سنڌ ۾ نعرو بڻجي گونجيا، جن جي گونج اڄ به گونجي پئي. دٻي جي ميدان تي 1824ع مارچ جو سج ڇا اڀريو، اهڙو سج اڀريو جهڙو سج 10 محرم تي ڪربلا ۾ حسين ۽ سندس ساٿين لاءِ اڀريو هو. اُتي ڪربلا ۾ به حق ۽ باطل جي ويڙهه هئي ۽ هتي سنڌ جي دٻي واري ميدان تي به حق ۽ باطل قوتن جي وچ ۾ ويڙهه هئي. هڪ پاسي ست سمنڊ پار کان آيل انگريز سپاهي هئا، ٻئي طرف کان ميرپور خاص وارو مير شير محمد ۽ حيدرآباد واري ميرن جو نوڪر هوشو شيدي هو. دٻي ۾ ان قتل صبح جي ٻنپهرن جو جڏهن پنهنجن جي ئي مخبري تي انگريز لشڪرين ديسي سپاهين جي بارود کي باهه ڏئي ڇڏي ته فضا رت رنو هو ۽ ناريجن جي ڳوٺ وارا گلابن جا گل ڪومائجي ويا هئا. انهيءَ ويل جنگ جي ميدان تي مير شير محمد اٻاڻڪو ٿي ويو، کيس دلداري هوشو ڏيندي چيو ته اوهان ٻي حملي لاءِ وڃي تياري ڪريو ۽ جنگ جي ميدان مان هليا وڃو. اهڙي حڪمت عملي تي مير شير محمد جنگ جي ميدان مان نڪري ويو ۽ جنگي سربراهه هوشو کي مقرر ڪري ويو. هوشو سڙي ويل بارود جي رک تي بيهي دشمنن جي لشڪر سان تاريخ جي ان تاريخي شام جو ايئن وڙهيو، جيئن ڪربلا ۾ حر وڙهيو هو ۽ ويٽنام ۾ جنرل گياپ وڙهيو هو. هن وٽ هٿيار کٽي ويا ها ۽ بارود ساڙي رک ڪيو ويو هو. چيو ٿو وڃي ته مير شير محمد جڏهن ميدان جنگ مان هليو ويو ته بلوچ سردارن ۽ انهن جي لشڪري سپاهين هوشو جي ڪمان ۾ وڙهڻ ۽ پيش قدمي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان دليل ۾ ڪيتري صداقت آهي بهرحال هوشو شيدي جي اڳواڻي ۾ جيڪي سنڌي وڙهيا ۽ ڌرتي ۽ وطن تان شهيد ٿي ويا، تن جون قبرون اڄ به دٻي جي ميدان تي موجود آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ميرن جي پاليسين سبب سندن لشڪر ۾ شامل وڌ ۾ وڌ ٻروچ قبيلا هئا ۽ ميرن جي پاڻ ۾ اڻبڻت سبب ئي انگريز واپارين جا پير سنڌ ۾ مضبوط ٿيا ۽ واپاري بڻجي آيل انگريزن جي لشڪرين سنڌ جي سرزمين تي دٻي واري ميدان تي هار ۽ جيت جي جنگ جوٽي هئي، ان جنگ ۾ 24 مارچ 1843ع جي نما شام جو هوشو وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويو ۽ آزاد سنڌ جي نيرون ڪوٽ واري قلعي تي ۽ دٻي جي ميدان تي فاتح سر چارلس نيپيئر فرنگي جهنڊو کوڙي وائسراءُ هند کي سنڌ جي فتح بابت خط لکيو. ان خط ۾ گوري فاتح پڻ هوش محمد شيدي کي خراج پيش ڪيو ۽ سنڌي قوم جنهن جي آزادي لاءِ هو وڙهندي شهيد ٿيو، اها قوم دٻي جي ميدان تي يادگار قائم ڪري نه سگهي آهي ۽ دٻي واري ميدان تي قبضو ٿي ويو پر ڪنهن نه ڪڇيو ته ڇو؟ دٻي واري ميدان تي مري ويل انگريز سپاهين جو ته انگريزن يادگار قائم ڪيو پر سنڌ جا ڪيترا جوڌا ان جنگ ۾ شهيد ٿيا ان بابت مڪمل ريسرچ نه ڪئي وئي. انگريزن سان سنڌ خاطر وڙهندي شهيد ٿيل شهيد هوش محمد شيدي ۽ حر تحريڪ جي باني ۽ انگريزن سان وڙهندي 100 سالن کانپوءِ شهيد ٿيل شهيد صبغت الله شاهه راشدي ۽ هوشو شيدي سنڌ جا ٻه اهڙا شهيد آهن، جيڪي وطن خاطر انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿيا. سنڌ جا هي ٻئي اهڙا شهيد آهن، جيڪي انگريز سامراج سان سنڌ خاطر وڙهندي شهيد ٿيا. انهن جي شهادت جا عظيم باب آهن. انهن ٻنهي کي هيرو ڪري سائين جي ايم سيد پيش ڪيو. برصغير ۾ 16 صدي ۾ انگريزن واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون ۽ آهستي آهستي برصغير تي قبضو ڪري ويا، ساڻس برصغير ۾ مرهٽا، سک ۽ ميور جو حيدر علي جو پٽ ٽيپو سلطان وڙهيا ۽ سنڌ ۾ هوشو ۽ حر تحريڪ جو باني شهيد صبغت الله شاهه راشدي ۽ سندس حر وڙهيا ۽ عذابن ۾ رهيا ۽ آخر ۾ ساڻن ڪانگريس ۽ مسلم ليگ سياسي جنگ وڙهي. ان وقت عالمي صورتحال اهڙي پيدا ٿي وئي جو 1947ع جي 14 ۽ 15 آگسٽ تي انگريزن هندستان جوورهاڱو ڪري هندستان ۽ پاڪستان جا نقشا جوڙي پاڻ هليا ويا ۽ برصغير ٻن اڌن ۾ تقسيم ٿي ويو. سنڌ وارو حصو جتي حر ۽ هوشو دٻي ۾ وڙهندي شهيد ٿيا ۽ صبغت الله شاهه کي قيد ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڦاسي چاڙهيو ويو. اُهي علائقا ۽ سنڌ پاڪستان جي الحاق ۾ آيا، قيام پاڪستان بعد انگريزن خلاف ويڙهه ۽ سياسي جدوجهد جي جيڪا سرڪار طرفان تاريخ لکرائي وئي، ان تاريخ ۾ شهيد صبغت الله شاهه راشدي، حر تحريڪ ۽ دٻي واري ميدان تي هوشو شيدي جي شهادت بابت ڪوبه باب نه آهي. اڄ 23 مارچ آهي، جيڪو ڏينهن هوشو شيدي جي شهادت جو ڏينهن آهي ۽ 23 مارچ 1843ع تي اڄوڪي ڏينهن جڏهن سنڌ چارلس نيپيئر فتح ڪري آزاد سنڌ جو جهنڊو نيرون ڪوٽ کان لاٿو، جيڪو وري نيرون ڪوٽ تي ڦڙڪي نه سگهيو آهي
    (عوامي آواز جي ٿورن سان(
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو