• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوگل جا اهم لنڪس جيڪي هر ڪنهن کي معلوم هجڻ گهرجن

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڇا مان معلوم ڪري سگهان ٿو ته مون ڪهڙن ڪهڙن گوگل اشتهارن تي ڪلڪ ڪيو آهي..؟
ڇا گوگل کي خبر آهي ته مون تازو ئي ڪهڙا ماڳ ۽ مقام گهميا آهن..؟
گوگل جو ماسٽر پاسورڊ وساري ويٺو آهيان.. هاڻي ڇا ڪجي...؟
ڇا گوگل کي خبر آهي ته منهنجيون دلچسپيون ڇا آهن...؟

jhoWBtBFzdnjv.png

اهڙا سوال يا وڌيڪ دلچسپ حقيقتون توهان کي گوگل جي اڪائونٽ ڊيش بورڊ مان معلوم ٿي سگهن ٿيون.. پوءِ اچو ته توهان کي ٻڌايان ته گوگل توهان بابت ڇا ٿي ڄاڻي... :) گڏ گوگل جا اهي سيڪريٽ لنڪس به ٻڌايان جيڪي هر انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ کي معلوم هجڻ گهرجن...
  • پنهنجي موجوده اي ميل ايڊريس ذريعي گوگل جو نئون کاتو بڻايو... هوئن ته عام طور سائين اپ پروسيس ۾ گوگل طرفان يوزر کي gmail.com@ تي کاتو ٺاهڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي.. ته هيٺين اسپيشل يو آر ايل ذريعي ڪنهن ٻي اي ميل ذريعي توهان گوگل کاتو بڻائي سگهو ٿا..
https://accounts.google.com/SignUpWithoutGmail

jbnuROWwYkTGNz.png


  • گوگل توهان جو پروفائيل توهان طرفان سائيٽس جي وزٽ، گوگل پلس ۽ ٻين اشارن تحت ٺاهيندو آهي.. گوگل توهان جي جنس جو اندازو، عمر جو اندازو ۽ توهان جي دلچسپين کي سامهون رکي توهان اڳيان پنهنجا اشتهار رکندي آهي.. هيٺين يو آر ايل تي اچي توهان معلوم ڪري سگهو ٿا ته گوگل توهان کي ويب تي ڪيئن ٿي ڏسي..​
  • گوگل توهان جي سموري ڊيٽا کي گوگل ايڪو سسٽم تي ايڪسٽريٽ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي.. توهان پنهنجا فوٽو، ڪانٽيڪٽ نمبر، جي ميل ميسيج، بلاگر، بوڪ مارڪ ۽ ايسيتائين جو اپلوڊ ڪيل يوٽيوب وڊيوز به ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا.. ان لاءِ هيٺين ٽاڪ آئوٽ ويب پيج تي اچو ۽ ڊائونلوڊ لنڪ جنريٽ ڪريو..
  • جيڪڏهن توهان پنهنجو مواد ڪنهن ٻي اهڙي سائيٽ تي ڏسو جيڪا گوگل جي هڪ يا وڌيڪ پروڊڪٽ جهڙوڪ بلاگر، اشتهار، گوگل پلس يا وري يوٽيوب وغيره استعمال پئي ڪري ته توهان ان سائيٽ خلاف DMCA complaint لانچ ڪري پنهنجي مواد بابت ٻڌائيندي ان سائيٽ تان ختم ڪرائي سگهو ٿا.. ان سلسلي ۾ هڪ وزارڊ پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو جنهن سان توهان ان سائيٽ کي گوگل سرچ تان ريموو ڪري سگهو ٿا..
  • توهان جي اينڊروائيڊ ڊيوائيس اڪثر توهان جي موجوده لوڪيشن ڊيٽا ۽ توهان جي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ گهمڻ ڦرڻ جي رپورٽنگ گوگل سرورن کي موڪليندي رهندي آهي.. جيڪا توهان گوگل جي نقشن تي وڃي ڏسي سگهو ٿا.. ۽ جي چاهيو ته ان کي KML فائيل ۾ ايڪسپورٽ پڻ ڪري سگهو ٿا.. KML فائيل گوگل ارٿ ۽ گوگل ڊرائيو تي امپورٽ ڪري ڏسي سگهجي ٿي.. پنهنجي لوڪيشن هسٽري ڏسڻ لاءِ هيٺين لنڪ کي کوليو..
  • گوگل توهان جي هر ان ڳولا کي جيڪا توهان گوگل سرچ تي ڪندا آهيو جو ريڪارڊ محفوظ رکندي آهي.. ايسيتائين جو توهان جنهن گوگل اشتهار کي جنهن ويب سائيٽ تي گهمندي ڪلڪ ڪيو هو سو به سندن وٽ محفوظ هوندو آهي.. رڳو ايترو ئي نه پر جيڪڏهن توهان گوگل وائيس ڳولا به جيڪر ڪئي آهي ته ان جو ريڪارڊ پڻ گوگل وٽ محفوظ رهندو آهي.. جنهن کي ڏسڻ لاءِ توهان هيٺيان لنڪ گهمي سگهو ٿا..
https://history.google.com
https://history.google.com/history/audio
  • توهان لاءِ ضروري آهي ته 9 مهينن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو پنهنجو جي ميل کاتو ضرور کوليو ٻي صورت ۾ گوگل پنهنجي program policies تحت توهان جو کاتو ختم ڪري سگهي ٿي.. ۽ اهو عمل توهان کي وڌيڪ تڏهن به الجهائي سگهي ٿو جيڪڏهن توهان وٽ گوگل جا هڪ کان وڌيڪ کاتا موجود آهن.. پر ان جو حل توهان اهڙي طرح ڪري سگهو ٿا جو توهان پنهنجو هڪ کاتو جيڪو اڪثر کوليندا آهيو کي ٻين کاتن لاءِ ٽرسٽيڊ طور رکي سگهو ٿا.. جنهن سان گوگل توهان کي توهان جي سيڪنڊري کاتن بابت اي ميل ڪندي رهندي ته توهان ڪيتري وقت کان انهن کاتن تي لاگ ان نه ٿيا آهيو.. ان سلسلي ۾ هيٺين لنڪ تي اچو..

https://www.google.com/settings/account/inactive
  • جيڪڏهن توهان کي شڪ ٿو رهي ته ڪو ٻيو به آهي جيڪو توهان جو گوگل کاتو ڏسي يا استعمال ڪري رهيو آهي.. ته توهان ايڪٽوٽي رپورٽ تي اچي پنهنجي هر ڊيوائيس جا لاگس ڏسي سگهو ٿا.. ته توهان گوگل کاتي تي ڪڏهن ۽ ڪاٿان لاگن ان ٿيا آهيو..
  • هيٺين لنڪ تي ويب ايپس، برائوزر ايڪسٽينشن، گوگل ايڪسٽينشن ۽ موبائيل ايپس جيڪي استعمال ڪندي توهان گوگل کي ريڊ ۽ رائيٽ جا اختيار ڏنا آهن جي فهرست آهي..
  • هيٺيون لنڪ گوگل ايپس يوزر لاءِ انتهائي اهم آهي.. جيڪڏهن سندن گوگل کاتو هيڪ ٿو ٿي وڃي ته هيٺيون سيڪريٽ لنڪ استعمال ڪندي پنهنجي ماسٽر ايڊمن پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري سگهي ٿو .. جنهن لاءِ کائن پڇيو ويندو ته پنهنجي ڊومين جو نالو ويريفائي ڪريو.. جيڪو DNS ۾ CNAME ريڪارڊ ذريعي ٺاهي سگهجي ٿو..
https://admin.google.com/domain.com/VerifyAdminAccountPasswordReset [*]
هتي domain.com کي پنهنجي ڊومين سان تبديل ڪريو..

*******************
اميد ته هي موضوع سڀني گوگل يوزرس لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.. :)
 
هل ...... هيڏا ڪم پيا ٿين ۽ اسان کي خبر ئي ناهي ....

لک قرب قيمتي ڄاڻ واري شيئرنگ آهي. اميد ته ڪمپيوٽنگ ۽ انٽرنيٽ ٽپس جو هي سلسلو جاري رکندا ۽ ڪو وڏ بريڪ نه لڳندو
 
ڪڏهن ڪڏهن دوستن جو فرمائشون پوريون ڪرڻ ڪري بريڪ لڳي به ويندا آهن.. :)
پر جي بريڪ کان اڳ يا پوءِ وارو ليک قيمتي لڳي .. ته جهڙوڪ قيمت ملي وئي.. :)
 
Back
Top