• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جنگ جو طبل

Rabel Napar Sindhi

سينيئر رڪن
جنگ جو طبل ......
مياڻ جي سُتل تلوار مٿان
ڏيئو جاڳي رهيو آهي
ڌرتيءَ کان حفاظتن جا سمورا حق
وڃائجڻ لڳا آهن
محاذ تان هٽي ويل سپهہ سالار
لذت لڱن مان مڌ جهڙا پيالا پي
جسم جي بستر تي مدهوشيون ماڻي رهيو آ
سالن کان خيمي جي در تي بيٺل سپاهي
جنگ جون سڀئي مشقون مارائي چڪو آ
ڌرتي ڌارين جي لتاڙ هيٺان
پنهنجا سمورا دنگ ڌوڙ ۾ وڃائي ويٺي آ
پر غيرتن مٿان ڪا بہ گار اثر ئي نٿي ڪري
۽ هڪ جهوني بُرج جي پر ۾ رکيل
جنگ جو جوان طبل
اڄ بہ وڄائيندڙ هٿن لاءِ واجهائي رهيو آهي.
اياز
 
Back
Top