ﻣﺤﻤﺪ ﺳﻮﻣﺎﺭ ﺷﻴﺦ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ ﺳﻤﻮﻥ ﺑﺪﻳﻦ ﺟﻲ ڊﻱ ﺳﻲ ﺍﻭ ﭼﻮڪ ﭜﺮﺳﺎﻥ ﻗﺎﺋﻢ ﻻڙ ﻣﻴﻮﺯﻳﻢ ﺟﻲ ﺑﺎﻧﻲ ۽ ﺻﺪﺍﺭﺗﻲ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ﻳﺎﻓﺘﻪ ﺍﻥ ﺷﺨﺺ ﺟﻮ ﭘﺮﻭﻓﺎﺋﻴﻞ ﭜﻠﻲ ﺭﻭﺍﻳﺘﻲ ﺋﻲ ﻫﺠﻲ ﭘﺮ ﺳﻨﺪﺱ ڪﺮﺩﺍﺭ ﻻڙ ﮐﻲ ﻧﻮﺍﮠ ﺿﺮﻭﺭ ڏﻧﻲ. ﺟﺘﻲ ﺟﺘﻲ ﻻڙ ﺟﻲ ﺩڙﻥ، ﺁﺛﺎﺭﻥ، ﺭﻭﺍﻳﺘﻦ، ﻗﺼﻦ، ڪﻬﺎﮢﻴﻦ ۽ ﺍﺩﺏ ﺟﻮ ﺫڪﺮ ﭤﻮ ﭤﺌﻲ، ﺗﻪ ﻫﺎﻥﺀَ ﺗﻲ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻫڪﺪﻡ ﺗﺮﻱ ﭤﻮ ﺍﭼﻲ. ﭘﺮﺍﮢﻦ ﻣﺎﮘﻦ ۽ ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺭﺣﻪ ﺟﻲ ﺑﻴﺘﻦ ﭘﭡﻴﺎﻥ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﻫﻦ ﺳﺮﺣﺪﻥ ﺟﻲ ﺑﻪ ﭘﺮﻭﺍﻫﻪ ﻧﻪ ڪﺌﻲ. ﺍﺩﺏ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﮐﻲ ﮔڏ ﮔڏ ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻨﺪڙ ﻫﻲ ﺷﺨﺺ ﺑﻴﻤﺎﺭﻱﺀَ ﺟﻲ ﺑﺴﺘﺮﻱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﺳﺎﭢ ﻧﭝﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﺭﻫﻴﻮ. ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڪﻢ ﺳﺎﻥ ﺟﻨﻮﻥ ﺟﻲ ﺣﺪ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻋﺸﻖ ڪﻨﺪڙ ﻫﻲ ﺷﺨﺺ ﻫﻦ ﺧﻄﻲ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﻟﮑﻨﺪﻱ ﻟﮑﻨﺪﻱ ﭘﺎﮠ ﺑﻪ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ. ﻣﺮﺯﺍ ﻗﻠﻴﭻ ﺑﻴﮓ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﺳﻨﮅ ۾ ﻫﻮ ﻭﺍﺣﺪ ﺷﺨﺺ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ۳۶۱ ڪﺘﺎﺏ ﻟﮑﻴﺎ ﻫﺌﺎ، ﺟﻦ ﻣﺎﻥ ﻫﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ۶۳ ڪﺘﺎﺏ ﮀﭙﺠﻲ ﭼڪﺎ ﺁﻫﻦ. ﺍﺩﺏ، ﺛﻘﺎﻓﺖ، ﻣﺎﮖ ﻣڪﺎﻥ، ﺷﺎﻋﺮﻱ، ﺁﺭڪﻴﺎﻻﺟﻲ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﺍﻫڙﺍ ﻣﻮﺿﻮﻉ ﻫﺌﺎ، ﺟﻦ ﺗﻲ ﻫﻦ ﺍﻳﺘﺮﻭ ﺗﻪ ﻣﻮﺍﺩ ﻫﭣ ڪﻴﻮ ﺁﻫﻲ، ﺟﻮ ﺍﻥ ﻣﺎﻥ ﺍﭸﺎ ﺑﻪ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ڪﺘﺎﺏ ﻟﮑﻲ ﺳﮕﻬﺠﻦ ﭤﺎ. ۱۹۳۸ﻉ ۾ ﺷﻴﺦ ﺍﻟﻬﺒﭽﺎﺋﻲ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ۾ ﺟﻨﻢ ﻭﭠﻨﺪڙ ﻣﺤﻤﺪ ﺳﻮﻣﺎﺭ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻴﺸﻲ ﺟﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﮐﺎﻥ ﺗﻪ ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﻫﻮ، ﭘﺮ ﻫﻦ ﺟﻲ ڏﺍﻫﭗ، ﻋﻠﻢ ۽ ﭘﻮﺭﻫﻴﻮ ﺳﻮﻳﻦ ﺍﺩﺏ ۽ ﺁﺭڪﻴﺎﻻﺟﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﻫﺮﻥ ﮐﺎﻥ ﻣﭥﻲ ﻫﻮ . ﻏﺮﺑﺖ ﻭﺍﺭﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ ۾ ﺭﻫﻨﺪﻱ ﺑﻪ ﻫﻦ ﺍﻫﻮ ﺳﭛ ڪﺠﻬﻪ ڪﻴﻮ، ﺟﻴڪﻮ ڪﺮﻭڙﻳﻦ ﺭﭘﻴﻦ ﺟﻲ ﺑﺠﻴٽﻦ ﺑﺎﻭﺟﻮﺩ ڪﻴﺮ ﻧﺎﻫﻲ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻴﻮ . ﻫﻦ ﻻڙ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﻟﮑﻲ، ﺛﻘﺎﻓﺖ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻮ، ﻣﺎﮘﻦ ﻣڪﺎﻧﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﻴﻮ . ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺭﺣﻪ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﺤﺒﻮﺏ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺭﻫﻴﻮ. ﻫﻦ ﺑڙ ﺟﻲ ﮂﻭﺭﻱ ﺟﻲ ﻓﻘﻴﺮﻥ ﮐﺎﻥ ﭜٽﺎﺋﻲ ﺭﺣﻪ ﺟﻲ ﺑﻴﺘﻦ ﻭﺍﺭﻭ ﮔﻨﺞ ﻫﭣ ڪﻴﻮ، ﺟﻴڪﻮ ﺍﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ۱۹۸۹ﻉ ۾ ﺷﻬﻴﺪ ﻣﺤﺘﺮﻣﻪ ﺑﻴﻨﻈﻴﺮ ﭜٽﻮ ﺟﻲ ﻫﺪﺍﻳﺘﻦ ﺗﻲ ﮀﭙﺎﻳﻮ ﻭﻳﻮ ﻫﻮ. ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﻪ ﭘڪ ﻳﺎﺩ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺍﻫﻮ ۱۹۷۶ﻉ ۽ ۱۹۷۹ﻉ ﻭﺍﺭﻭ ﻻڙ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ﻣﻴﻠﻮ، ﺟﻴڪﻮ ﻻڙ ﺟﻲ ﺧﻄﻲ ۾ ﻣﺤﻤﺪ ﺳﻮﻣﺎﺭ ﺷﻴﺦ ﺟﻲ ڪﻮﺷﺸﻦ ﺳﺎﻥ ﻟﮙﻮ . ﻫﻦ ﻣﻠڪ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺣﺼﻲ ۾ ﻻڙ ۽ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﺟﻲ ﺗﺮﺟﻤﺎﻧﻲ ڪﺌﻲ . ﻫﻦ ﭘﻴﺮﻳﻦ ﭘﻨﮅ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻗﺪﻳﻢ ﻟڪﻞ ﺗﻬﺬﻳﺐ ۽ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺟﺎ ﭘﻴﺮﺍ ﮐﻨﻴﺎ . ﺳﻮﻣﺮﺍ ﺩﻭﺭ ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺷﺎﻋﺮﻩ ﻣﺮﮐﺎﻥ ﺷﻴﺨﮡ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ، ﮘﻴﭻ ۽ ﺳﻬﺮﺍ ﻫﭣ ڪﺮﻱ ﻫﻦ ﺍﻥ ﻣﻮﺍﺩ ﮐﻲ ﺑﻪ ڪﺘﺎﺑﻲ ﺷڪﻞ ڏﻧﻲ. ﻫﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺭﺣﻪ ﺟﻲ ﺳﻤﻮﺭﻥ ﺳﺮﻥ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺑﻴﺘﻦ ﮐﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺟﻲ ” ﮀﻨﺪ ﻭﺩﻳﺎ“ ﺟﻲ ﺍﺻﻮﻟﻦ ﺗﺤﺖ ﺭﺳﺎﻟﻮ ﺗﺮﺗﻴﺐ ڏﻧﻮ، ﺟﻴڪﻮ ﭘﮡ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﺟﻲ ﻫڪ ﺷﺎﻫڪﺎﺭ ﺗﺨﻠﻴﻖ ﺁﻫﻲ، ﺍﻥ ﮐﻲ ﺑﻪ ﮀﭙﺮﺍﺋﮡ ﺟﻲ ﺿﺮﻭﺭﺕ ﺁﻫﻲ . ﭔﻮﻟﻲ، ﺻﻮﺗﻴﺎﺕ، ﻟﻮڪ ﺍﺩﺏ، ﭔﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﺍﺩﺏ ﮐﺎﻥ ﻭﭠﻲ ﻟﻮڪ ﻗﺼﻦ ڪﻬﺎﮢﻴﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﻨﺪﺱ ﺍﻫڙﻳﻮﻥ ڪﻴﺌﻲ ﺍﺩﺑﻲ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ﺗﺨﻠﻴﻘﻮﻥ ﺁﻫﻦ، ﺟﻴڪﻲ ﻫﻮ ﮀﭙﺎﺋﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ. ﺳﺘﻢ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﻫﻲ ﺍﺩﺑﻲ ﻓﻦ ﭘﺎﺭﻩ ﺁﻫﺴﺘﻲ ﺁﻫﺴﺘﻲ ﻣٽﻲ، ﺍڏﻭﻫﻲ، ﻣﻴﻨﻬﻦ ۽ ﺍﺩﺏ ﺟﻲ ﭼﻮﺭﻥ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﭤﻲ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ. ﺍﻥ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟڏﻫﻦ ﺍﺳﻴﻦ ﺑﺪﻳﻦ ﺟﻲ ﺍﻃﻼﻋﺎﺕ ﮐﺎﺗﻲ ﺟﻲ ﺁﻓﻴﺴﺮ ﺟﻲ ﺁﻓﻴﺲ ۾ ﻭﻳﭡﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ، ﺗﻪ ﺳﻨﺪﺱ ٽﻴﺒﻞ ﺗﻲ ﻫڪ ڪﺘﺎﺏ ﭘﻴﻞ ﻫﻮ، ﺑﺪﻳﻦ ﺟﻲ ﻫڪ ﺧﺎﻧﺪﺍﻥ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ۽ ﺷﺠﺮﻱ ﺑﺎﺑﺖ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﺎﻥ ﻫڪ ﺻﺎﺣﺐ ﻣﻮﺻﻮﻑ ﺟﻲ ﺩﺭﺧﻮﺍﺳﺖ ﭘﮡ ﻫﺌﻲ . ﺿﻠﻌﻲ ﺭﺍﺑﻄﺎ ﺁﻓﻴﺴﺮ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ڪﺘﺎﺏ ﻫﻮ ﻏﺮﺑﺖ ﺳﺒﺐ ﻧﻪ ﭤﻮ ﮀﭙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ . ﺟڏﻫﻦ ﺍﻫﻮ ڪﺘﺎﺏ ﮐﻮﻟﻲ ﭘڙﻫﻴﻮﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ﻗﻠﻤﻲ ﻧﺴﺨﻮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﺳﻮﻣﺎﺭ ﺷﻴﺦ ﺟﻲ ﻫﭣ ﺍﮐﺮﻥ ﺳﺎﻥ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮ ۽ ﺟﺘﻲ ﺟﺘﻲ ﺷﻴﺦ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻮ ﺫڪﺮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺍﺗﻲ ﻳﺎ ﺗﻪ ﻣﺲ ﻫﺎﺭﻳﻞ ﻫﺌﻲ ﻳﺎ ﻭﺭﻱ ﺍﮐﺮ ڊﭠﻞ ﻫﺌﺎ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺑﻴﻮﺍﺟﺒﻲ ﮐﺎﻥ ﺟڏﻫﻦ ﺍﻃﻼﻋﺎﺕ ﮐﺎﺗﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺎﻣﻲ ﺍﺳٽﺎﻑ ﮐﻲ ﺁﮔﺎﻫﻪ ڪﻴﻮﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﭼﻮﮠ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺗﻪ، ﺍﻫڙﺍ ڪﻴﺌﻲ ﻧﺎﻳﺎﺏ ﻧﺴﺨﺎ ۽ ڪﺘﺎﺏ ﺑﻠڪﻞ ﺁﺳﺎﻧﻲ ﺳﺎﻥ ﻣﺤﻤﺪ ﺳﻮﻣﺎﺭ ﺷﻴﺦ ﺟﻲ ﭘﻮﻧﺌﻴﺮﻥ ﮐﺎﻥ ﻣﻠﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ ۽ ﮔﻬﮣﺎ ﺋﻲ ﺍﻫڙﺍ ڪﺘﺎﺏ، ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺎﻟﻲ ڪﺮﻱ ﭼڪﺎ ﺁﻫﻦ. ڪﻴڏﻱ ﻧﻪ ﺑﻴﻮﺍﺟﺒﻲ ﺁﻫﻲ ﻫڪ ﺍﻫڙﻱ ﺷﺨﺺ ﺳﺎﻥ، ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻤﻮﺭﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﻫﻦ ﺧﻄﻲ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ۽ ﺗﻬﺬﻳﺐ ﺟﻲ ﻟڪﻞ ﺭﺍﺯﻥ ﮐﻲ ﮘﻮﻟﻴﻨﺪﻱ ﮔﺬﺍﺭﻱ، ﺳﻨﺪﺱ ﺍﻥ ڪﻢ ﮐﻲ ﭼﻨﺪ ﻣﺨﺼﻮﺹ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻭﺭﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺎﻟﻲ ڪﺮﻱ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ. ﻫﻮ ﺍﻫﻮ ﺷﺨﺺ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﺩﺑﻲ ﺗﻮڙﻱ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ﺗﺨﻠﻴﻘﻦ ﺟﻮ ﻣﻠﻬﻪ ﻧﻪ ﺟﺎﭼﻴﻮ . ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڪﻢ ۽ ﻋﻤﻞ ﺟﻮ ﺳﻮﺩﻭ ﭘﺌﺴﻦ ﻋﻴﻮﺽ ﻧﻪ ڪﻴﻮ . ﻫﻦ ﻏﺮﺑﺖ ﮐﻲ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﻧﻪ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ . ﭘﻴﺮﻥ ۾ ﭼﭙﻞ ۽ ڪﺎﻟﺮ ﭰﺎٽﻞ ﻗﻤﻴﺺ ﺳﺎﻥ ﺍﻳﻮﺍﻥِ ﺻﺪﺭ ۾ ﺟڏﻫﻦ ﻫﻦ ﻣﻠڪ ﺟﻮ ﺍﻋﻠﻲٰ ﺗﺮﻳﻦ ﺻﺪﺍﺭﺗﻲ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ﻭﺻﻮﻝ ڪﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻓﺨﺮ ﺳﺎﻥ ﺍﻫﻮ ﭔﮅﺍﺋﻴﻨﺪﻭ ﻫﻮ ﺗﻪ، ” ڪﻨﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﺍﮄﺍﺭﻱ ﻭﺭﺗﻞ ﺟﺘﻲ ۽ ﺟﻮڙﻱ ﮐﻲ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺿﻤﻴﺮ ﻣﻌﺎﻑ ﻧﻪ ڪﺮﻱ ﻫﺎ .“ ﺳﻨﮅﺍﻻﺟﻲ ﭘﺎﺭﺍﻥ ﺳﺎﻝ ﺟﻲ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ڪﺘﺎﺏ ”ﺑﺪﻳﻦ ﺿﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ“ ﺗﻲ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ﺣﺎﺻﻞ ڪﻨﺪڙ ﻫﻦ ﻋﻈﻴﻢ ﺍﻧﺴﺎﻥ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﻋﻤﺮ ﺟﻮ ﻓﺮﻕ ﻧﻪ ﺭﮐﻴﻮ . ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﺗﻌﻠﻘﺎﺕ ڊﺍڪٽﺮ ﻧﺒﻲ ﺑﺨﺶ ﺑﻠﻮﭺ ﺳﺎﻥ ﺑﻪ ﺭﮐﻴﺎ ﺗﻪ ﻋﺜﻤﺎﻥ ڏﻳﭙﻼﺋﻲ ﺳﺎﻥ ﺑﻪ. ﻏﻼﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﮔﺮﺍﻣﻲ ﮐﺎﻥ ﻭﭠﻲ ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﺍﻻﻧﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ، ﺳﭛ ﺳﻨﺪﺱ ﺩﻭﺳﺖ ﺭﻫﻴﺎ. ﻫﻦ ﭘﻴﺮﻳﻦ ﭘﻨﮅ ﻭﭸﻲ ﺍﻭﻃﺎﻗﻦ ۽ ﻣﭻ ڪﭽﻬﺮﻳﻦ ﻣﺎﻥ ﺍﻫﻮ ڪﺠﻬﻪ ﻫﭣ ڪﻴﻮ ﻫﻮ، ﺟﻴڪﻮ ﺧﺰﺍﻧﻮ ﺍﭲ ﻧﺌﻴﻦ ﻧﺴﻞ ﻻﺀِ ﻧﺎﻳﺎﺏ ﺁﻫﻲ. ﺳﭟ ۽ ﺳﺘﺮ ﺟﻲ ڏﻫﺎڪﻲ ۾ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڪﻮﺷﺸﻦ ﺳﺎﻥ ﻫڪ ﺍﻫڙﻭ ﺣﻠﻘﻮ ﭠﺎﻫﻲ ﻭﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻧﺎﻟﻲ ﻭﺍﺭﺍ ﺍﺩﻳﺐ ﺑﻪ ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﺷﻴﺨﺎﮢﻲ ﮔﻬﺎڙﻱ ﻭﺍﺭﻭ ﻓﻘﻴﺮ ﻧﺎﭤﻮ ﺑﻪ. ﺭﺋﻴﺲ ڪﺮﻳﻢ ﺑﺨﺶ ﻧﻈﺎﻣﺎﮢﻲ ﺑﻪ ﻫﻮ، ﺗﻪ ﺷﻴﺦ ڪﺮﻫﻴﻲ ﺟﻮ ﭼﺎﭼﻮ ﺧﻤﻴﺴﻮ ﺷﻴﺦ ﺑﻪ. ﻫﻦ ﺟﻲ ڪﻢ، ﻣﺤﺒﺖ، ﺳﻨﮕﺖ ﺟﻲ ﺍﺛﺮ ﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻲ ﺍﺳﺮﻧﺪڙ ﺍﺩﻳﺒﻦ ﮐﻲ ﻫڪ ﻧﺌﻮﻥ ﺍﺗﺴﺎﻫﻪ ڏﻧﻮ. ﻫﻦ ﺍڪﻴﻼﺋﻲ ۽ ﺍﻧﻔﺮﺍﺩﻳﺖ ﮐﻲ ﺗﺮﺟﻴﺢ ڏﻳﻨﺪڙ ﻗﻠﻤڪﺎﺭﻥ ﮐﺎﻥ ﻫٽﻲ ڪﺮﻱ ٽﻴﻢ ﻭﺭڪ ﮐﻲ ﺗﺮﺟﻴﺢ ڏﻧﻲ . ﻣﺤﻤﺪ ﺳﻮﻣﺎﺭ ﺷﻴﺦ ﭴﺎﺗﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻣٽﻲﺀَ ۾ ﭘﻴﻞ ﺳﻮﻥ ﺟﻲ ﺫﺭڙﻥ ﮐﻲ ڪﻴﺌﻦ ﮀﻨڊﻱ ﭰﻮڪﻲ ﭔﺎﻫﺮ ڪﮃﺟﻲ . ﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻥ، ﺳﮕﻬڙﻥ، ﻓﻨڪﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﻣﺎﻟڪﻲ ڪﺌﻲ، ﺍﻧﻬﻦ ﻻﺀِ ﺍﺩﺍﺭﻥ ﮐﻲ ﻟﮑﻴﻮ. ﺳﻨﺪﺱ ﺍﻫﻮ ڪﻤﺎﻝ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻫڪ ﺋﻲ ﻭﻗﺖ ﮔﻬﮣﺎ ﺳﺮ ﻭﭴﺎﺋﻴﻨﺪڙ ﻣﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻟﻨڊ ﺟﻲ ڪﻢ ﺟﻲ ﺑﻪ ﻫﻦ ﻣﺎﻟڪﻲ ڪﺌﻲ ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺻﺪﺍﺭﺗﻲ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ﻣﻠﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺭﻭﭘﺎ ﻣﺎڙﻱ ﮐﺎﻥ ﻭﭠﻲ ﺳﻴﻒ ﺍﻟﻤﻠﻮڪ ﺟﻲ ﻭﺍﺋﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﻗﺪﻳﻢ ﺁﺛﺎﺭﻥ ﺗﻲ ﺑﻪ ﺗﺤﻘﻴﻖ ڪﺮﻱ ﺍﻥ ﮐﻲ ﻋﻮﺍﻡ ﺁڏﻭ ﺭﮐﻴﻮ. ۲۴ ﺁڪٽﻮﺑﺮ ۱۹۸۶ﻉ ﺗﻲ ﺟﻴﺮﻱ ﺟﻲ ڪﻴﻨﺴﺮ ﺳﺒﺐ ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻭ ﺍﺳﭙﺘﺎﻝ ﺟﻲ ﻫڪ ﻭﺍﺭڊ ۾ ﺩﻡ ﮄﮢﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ڪﻨﺪڙ ﻻڙ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻟﻌﻞ ﭘﻮﻧﺌﻴﺮﻥ ۾ ﭔﻪ ﺑﻴﻮﺍﻫﻮﻥ، ﭔﻪ ﭘٽ، ﻫڪ ﻧﻴﺎﮢﻲ ﮀڏﻱ. ﻫﻦ ﻋﻈﻴﻢ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻲ ﭘﻮﻧﺌﻴﺮﻥ ﺟﻲ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺳﺎﺭ ﻧﻪ ﻟﮅﻱ، ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺳﻨﺪﺱ ﺍﻭﻻﺩ ﻣﺌٽﺮڪ ﮐﺎﻥ ﺍﮘﺘﻲ ﻭﮄﻱ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ. ﺳﻨﺪﺱ ﭘﻴﻨﺸﻦ ﺟﻲ ڪﺠﻬﻪ ﺭﻗﻢ ۽ ﻓﻨڊ ﺟﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ ۲۵ ﺳﺎﻝ ﮔﺬﺭﮠ ﺑﺎﻭﺟﻮﺩ، ﺍﭸﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﻪ ﺣﻞ ﭤﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﺳﻨﺪﺱ ﮔﻬﺮ ﭜﺎﺗﻴﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﮣﻴﻦ ﺩﺭﺧﻮﺍﺳﺘﻦ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ڪﺠﻬﻪ ﺳﺎﻝ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺍﮘﻮﮢﻲ ڊﻱ ﺳﻲ ﺍﻭ ﺑﺪﻳﻦ ﺳﻨﺪﺱ ﻫڪ ﭘٽ ﮐﻲ ﺑﺪﻳﻦ ﺟﻲ ﻻڙ ﻣﻴﻮﺯﻳﻢ ۾ ڪﭽﻲ ﻣﻼﺯﻡ ﻃﻮﺭ ﭘٽﻴﻮﺍﻟﻮ ڪﺮﻱ ﺭﮐﻴﻮ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻴﻮﺯﻳﻢ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﺍﭲ ﮐﺎﻥ ۲۵ -۳۰ ﺳﺎﻝ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺳﻨﺪﺱ ﻭﺍﻟﺪ ﺭﮐﻴﻮ ﻫﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﭘﻮﻧﺌﻴﺮ ﺍﭲ ﺑﻪ ڪﺴﻤﭙﺮﺳﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﮔﺬﺍﺭﻳﻨﺪڙ ﺁﻫﻦ. ﭤﻴﮡ ﺗﻪ ﺍﺋﻴﻦ ﮐﭙﻲ ﺟﻮ ﺳﻨﺪﺱ ﺍﻭﻻﺩ ﮐﻲ ﻣﺴﺘﻘﻞ ﺭﻭﺯﮔﺎﺭ ڏﻧﻮ ﻭﭸﻲ. ﺷﻴﺦ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﻻﺋﺒﺮﻳﺮﻱ ۾ ﭘﻴﻞ ۳ ﻫﺰﺍﺭﻥ ﮐﺎﻥ ﻣﭥﻲ ڪﺘﺎﺑﻦ ﺟﻲ ﺳﺮڪﺎﺭ ۽ ﺭﻳﺎﺳﺘﻲ ﺍﺩﺍﺭﺍ ﻭﺍﺭﺛﻲ ڪﻦ . ﺳﻨﺪﺱ ﺭﻫﻴﻞ ڪﺘﺎﺏ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺑﻲ ﺑﻮﺭڊ، ﺳﻨﮅﺍﻻﺟﻲ، ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲ ﺟﻲ ﺑﺎﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ﺍﺩﺍﺭﻱ ﭘﺎﺭﺍﻥ ﮀﭙﺎﺋﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺭﺍﺋﻠٽﻲ ﺳﻨﺪﺱ ڪٽﻨﺐ ﮐﻲ ڏﻧﻲ ﻭﭸﻲ