• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آڍي خان ٻڍي خان جو مقبرو.

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
ماڳ جو نالو: آڍي خان ٻڍي خان جو مقبرو.

ماڳ جو قسم: مقبرو

ماڳ جو دور: ڪلهوڙن جي صاحبي

ماڳ جو هنڌ: ميان نور محمد ڪلهوڙي جو قبرستان _ ڳوٺ ۽ ديهه ميان نور محمد تعلقو دولتپور، ضلعو نوابشاهه. هن جي ڌکڻ ۾ اٽڪل هڪ ڪلو ميٽر پنڌ تي نم جو ڳوٺ آهي، هن جي اوڀر ۾ اٽڪل هڪ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي لنڊ ڪي ڪئنال وهي ٿو، اولهه ۾ ٻن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي ڳوٺ مقيم ڏاهري ۽ موري جو شهر ، اٽڪل 16ڪلو ميٽر نور محمد جي قبرستان کان پري آهي. هي مقبرو ڊيگھه ۽ ويڪر ۾ هڪ جيترو5.65x5.65 ميٽر آهي، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ اوچائي 10ميٽر ماپي وئي، اڏاوت ۾ پڪيون سرون، گل گارو، ڪاشيءَ جون سرون۽ چُن استعمال آهي.مقبرو رٿ ۾ چوڪنڊو آهي. چار ڪنڊي ونگائين لنگھه مٿان گھڻ _ راسيون ونگون پانيلن تي ٺهيل آهن. مهاڙي گھڻ _ ونگن ۽ مستطيل پانيلن سان ٺهيل آهي، هر پاسو مستطيل گھڻ _ راسين ونگاون پانيلن سان آهي.چار عدد برجيون مهاڙي واري ڀت تي رنگين ڪاشيءَ جي سرن سان ۽ ٻيڙ ٻنو ڪنگرن سان سجايل آهي، اٺ ڪنڊي ڳِچ (Drum) جي پلويڙن تي ڪاشيءَ جو گول گنبذ رکيل آهي، جنهن جي مٿان ڪوڻيءَ جو ابتو ٿيل گل ۽ گل جي مٿان ڪلس ٺهيل آهي، جنهن تي به ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي، اندر سڄي سجاوٽ پانيلن ۽ گھڻ راسين جي آهي.محراب جهڙا طاق اندر تي اوبر کان سواءِ هر طرف ڏنل آهي، مقبري جي گنبذي ڇت جو(Drum) ڳچ اٺڪنڊوآهي ، جنهن جي هر ڪند تي برجي آهي، مقبرو اندران روغن ٿيل آهي، گنبذ هن وقت سٺي حالت ۾ آهي. لنگھه وارو دروازو ۽ ڪنگرا ڪٿان ڪٿان ڊهي پيا آهن، هي مقبرو محڪمه آثارِ قديم وارن محفوظ ڪيو آهي.
(سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري مان ورتل)
 
Back
Top