• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پرين هيل ڏياري اکين۾ ٻري ٿي۔۔۔۔۔۔سڀاش

پرين هيل ڏياري اکين۾ ٻري ٿي۔ .....ٻري ميڻ وانگي ڳلن تان وهي ٿي۔
اڃان روح پنهنجو ڀٽن ۾ رلي ٿو!.......مٽي جي گهرن ۽ ڪکن ۾ رهي ٿو!
صفا ڪاڪ جهڙو سندو ڳوٺ اهڙو!...چري دل چوي ٿي وري ڳوٺ موٽان!
ڪنڀارن جي پاڙي وٺي ٻار سارا.......وري اڄ وڃان مان! لٿي آهي آوي
کڻي آء ڦوليان! صراحيون نيون ۽ پيالا نوان ڪي!ٺڪر جا نوان ٿانو ڳوليان! ۽ ڪاڪي ِڏني کان
گلابي چٽن سان نوان ديپ آڻيان!......ٿئي رات جنهن پل گهرن ۽ گهٽين ۾ اهي ديپ ٻاريان!
سڄو ساٿ ساريان! بتيون ميڻ واريون ڀتين سان لڳائي!
ستارا ستارا سندو گهر سجائي........ جڏهن ٻار جهومن تڏهن گنگنايان!
پرين هيل ڏياري اکين۾ ٻري ٿي۔۔۔۔ .....ٻري ميڻ وانگي ڳلن تان وهي ٿي
 
Back
Top