ماءُ جي هنج زندگي گذارڻ جو سليقو سيکاري ٿي

'سنڌياڻي' فورم ۾ چانڊوڪي طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2010۔

  1. چانڊوڪي

    چانڊوڪي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماءُ جي هنج زندگي گذارڻ جو سليقو سيکاري ٿي
    نسرين تبسم پونجاڻي

    چوڻي آهي ته ماءُ جي هنج هڪ بهترين تربيت گاهه ثابت ٿئي ٿي، ٻار جي سکڻ جي شروعات ان جي مٺڙي امڙ جي هٿن سان ٿئي ٿي، زندگيءَ جي مختلف مرحلن جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ماءُ پنهنجي ٻار کي صبر، ميٺ، محبت جو درس ڏئي ٿي. ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي، اهي لفظ ته اسين ٻڌندا رهندا آهيون پر ان جنت کي حاصل صرف ماءُ جي خدمت سان ڪري سگهجي ٿو، ممتا جي ان مورت کي ڪهڙو نانءُ ڏجي، جيڪا بي غرض ٿي ڪري اولاد کي پيار ڪري ٿي، پاڻ سختيون سهي به پنهنجي ٻچڙن لاءِ خوش رکي ٿي، پر نئين ٽيڪنالاجي جتي انسان کي هڪ مشين جيان بڻائي ڇڏيو آهي، ڪٿي اسين ان سفر جا راهي ته نه بڻجي ويا آهيون، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڪٿي اسين ان ڪاميابيءَ جي چمڪندڙ پهرن ۾ پنهنجن عظيم رشتن جي اهميت کي ته نه ڇيهو پهچائي رهيا آهيون. ماءُ اسان سان گڏ آهي ته زندگي روشن آهي، زندگي جنت آهي، پڇي ڏسو انهن کان، جن وٽ مائرن جو پيار ناهي، انهن جي ڏک کي محسوس ڪري ڏسو، جيڪي يتيم آهن، اهي ڪهڙي طرح ان هستيءَ کي ياد ڪندا هوندا، ان هستيءَ جي اهميت کان واقف هوندا. وقت وڏو ويري آهي، ڪٿي توهان جي لاپرواهي ان وقت کي پري نه ڪري ڇڏي، ان مٺڙي امڙ سان پيار جو اظهار ڪريو ۽ دعائون وٺو. نوجوان نسل تي نظر پئي ٿي ته اکيون لڙڪن سان ڀرجي پون ٿيون، ڇو اڄ جو نوجوان نسل ماءُ جي عظيم هستي کي بي معنيٰ سمجهڻ لڳو آهي ۽ پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ زندگيءَ جي هن خوبصورت رشتي کي وساري رهيو آهي، اها ماءُ ئي آهي جيڪا پنهنجي اولاد جي راهن ۾ هميشه خوشين جا گلاب نڇاور ڪندي رهندي آهي. انسان ڇا ماءُ جي عزت جو مرتبو طئي ڪندو ته ماءُ کي ممتا ۽ محبت جي مٽيءَ مان بڻايو ويو آهي، ان جي اندر پيار جو هڪ اونهو احساس جياريو ويو آهي. زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ جو راز هي آهي ته صبح جو اٿندي رب پاڪ کي ياد ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ماءُ جو چهرو ڏسو، ان کان دعائون وٺو، ڪڏهن به ناڪامي نصيب نه ٿيندي، پر جيڪا خوشي اسان جي اندر ۾ گهر ڪندي، اها خوشي هڪ سچي سڪون جي محل جيان هوندي، جنهن ۾رهي سڄي زندگي خوشين سان مهڪي پوندي.( ڪاوش نازڪ جي ٿورن سان)
    [​IMG]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ماءُ جي هنج زندگي گذارڻ جو سليقو سيکاري ٿي

    لاجواب .......
     
  3. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: ماءُ جي هنج زندگي گذارڻ جو سليقو سيکاري ٿي

    ادي چانڊوڪي ماءُ جهڙي عظيم شخصيت تي ڳالهائڻ لاءِ مون ناچيز وٽ لفظ ناهن۔
    پر مان هڪ ماءُ کي سڃاڻا ٿو جنهن جي نوجوان پٽ جا ٻئي گُڙدا بلڪل (فيل) ختم ٿي ويا هئا ڊاڪٽرن چيو ته جلد هڪ يا ٻنهي گُڙدن جو انتظام ڪيو نه ته اوهان جي مريض جو بچڻ مشڪل ٿي ويندو۔ تڏهن ان نوجوان جي ماءُ ڊاڪٽر کي چيو ته ڊاڪٽر صاحب منهنجا ٻئي گُڙدا منهنجي پٽ کي ڏيو ۽ منهنجي پٽ جي جان بچايو۔ سلام آهي اُن ماءُ کي جنهن اهو نه سوچيو ته جيڪڏهن مان پنهنجا ٻئي گڙدا پنهنجي پٽ کي ڏيندس ته منهنجو ڇا ٿيندو۔۔۔۔۔۔۔؟؟؟
    ۽ پوءِ ڊاڪٽرن ان نوجوان جي ماءُ جو هڪ گُڙدو ان نوجوان کي لڳايو۔ ۽ تقريباَ هڪ سال کان پوءِ اهو نوجوان هي فاني دنيا ڇڏي ويو۔۔۔
    ماءُ ته آهي ئي عظيم پر افسوس جو اڄ جو نوجوان نسل دنيا جي ان عظيم ترين شخصيت جي عظمت جي لتاڙ ڪرڻ ۾ دير ئي نه ٿو ڪري !!!!!!!!!!!!
    پر هڪ چوڻي آهي
    با ادب با نصيب بي ادب بي نصيب ​
     
  4. تسليم جاويد

    تسليم جاويد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2010
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ماءُ جي هنج زندگي گذارڻ جو سليقو سيکاري ٿي

    اسلام عليڪم؛ چانڊوڪي صاحبه جي محنت تمام سٺي لڳي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو