• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماڳ جو نالو:آري چنگهڻ (لٺ) -1

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
ماڳ جو نالو:آري چنگهڻ (لٺ) -1

ماڳ جو قسم: پاھڻي منارو

ماڳ جو دور: اسلامي

ماڳ جو هنڌ: ديھ مول تعلقو ٿاڻو بولا خان ضلعو ڄامشورو

هي ماڳ هڪ پٿر جو اڻ گهڙيل منارو آهي،جيڪو 3.40 ميٽر اوچو ۽ ان جي ويڪر 1.30 ميٽر(قطر) آهي. هي ماڳ اڻ سروي زمين ۾ آري پير کان اولھ ۾ اٽڪل ٻن ڪلوميٽرن تي آهي ۽ ڏکڻ ۾ نئين مول اٿس.هي ڳول قسم جو کتل پٿر آهي،جنهن تي عربي زبان ۾ ڪجھ لکيل آهي.هندي ۾ به ڪا لکت اٿس.عربي لکت ڪوفي خط ۾ آهي.اصولي طور اهيو قبل از تاريخ جو هجڻ کپي پر عربيءَ واري لکت هن جي قدامت تي اثر انداز ٿئي ٿي.وڏي ڳالھ ته پٿر ڀر ۾ ٺھيل کروٿ جي اولھ ۾ ليک آهي.عربي ۽ ٻين لکتن تي تحقيق جاري آهي.اڳ ۾ هن ماڳ جو ڪٿي به ذڪر ناهي آيل.هي ماڳ بدر ابڙي سان گڏجي ڏٺو ويو.

(سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري تان ورتل)
 
Back
Top