ڇا توهان کي خبر آهي ته ونڊوز ۽ ميڪ ڪمپيوٽر وانگر اينڊروائيڊ فون کي به سيف موڊ ۾ کولي سگهجي ٿو.. ؟
جي نه ته Power / Sleep بٽڻ کي پريس ڪندي هولڊ ڪريو.. توهان جي سامهون ٻين آپشن سان گڏ Power Off به هوندو.. جنهن تي ٽيپ ڪندي هولڊ ڪريو ته توهان اڳيان موبائيل کي سيف موڊ ۾ ريسٽارٽ ڪرڻ جو پڇيو ويندو .. Ok پريس ڪري اجازت ڏيو..
جڏهن فون سيف موڊ ۾ هوندي هيٺين ڪنڊن طرف روايتي Safe Mood لکيل نظر ايندو..
دوستو مون کي توڙي ٻڌائيندي ڪافي دير ٿي چڪي آهي پر ممڪن آهي گهڻا دوست اڃان سمارٽ اينڊروائيڊ فونز ۾ نوان هجن.. بحرحال اينڊروائيڊ طرفان سيف موڊ وارو آپشن ڪيترائي سال اڳ ان ڪري ڏنو هو ته توهان اينڊروايئڊ جا ڪجهه مسئلا فون کي ريسٽور فيڪٽري ڪرڻ کان سواءِ به سلجهائي سگهو... اهڙن مسئلن مان ٻه ته بلڪل عام آهن..

- جيڪڏهن توهان جي فون اسٽارٽ اپ دوران ڪريش يا هينگ ٿي ٿئي يا وري اڪثر پاڻهي ڄاڻهي ريسٽارٽ ٿي ٿي وڃي ته ان کي سيف موڊ ۾ کوليو ۽ اها آخري ايپليڪيشن جيڪا توهان انسٽال ڪئي هجي جنهن سان مسئلا ٿيا هجن کي ان انسٽال ڪري ڇڏيو.. پر جيئن ته توهان سيف موڊ ۾ آهيو ان ڪري توهان صرف فيڪٽري انسٽالڊ ايپس ڏسي سگهندا هوندا.. پر جيڪڏهن توهان Settings -> Apps ذريعي چيڪ ڪندو ته توهان کي انسٽال ٿيل سموريون ايپس نظر اينديون.. جتان تازو ڊائونلوڊ ٿيل ايپليڪيشن کي ان انسٽال ڪري ڇڏيو..
- جيڪڏهن توهان کي اينڊروائيڊ فون کي استعمال ڪندي ڪجهه وقت گذريو آهي ۽ هاڻي فون پهرين کان وڌيڪ سست ٿي وئي آهي.. ڇو ته وقت به وقت توهان ان ۾ مختلف ايپس، ٿيم ۽ وجيٽ جو انسٽال ڪيا آهن.. اهڙي صورت ۾ ڪڏهن ڪڏهن ضروري اي ميل چيڪ ڪرڻ، برائوزنگ ڪرڻ، نقشا يا ڪيلينڊر ڏسڻ به مشڪل ٿيو وڃي.. ان صورت ۾ توهان بغير ڪنهن ريسٽور فيڪٽري آپشن کي استعمال ڪرڻ جي عارضي طور سيف موڊ ۾ فون استعمال ڪندي ڪمي وانگر سست فون کي سهڙ وانگر چست بڻائي سگهو ٿا.. ڇو ته سيف موڊ ۾ توهان پنهنجي سيٽ جي رفتار ۾ واضح فرق محسوس ڪندو...