هي سنڌ سلامت رهڻِي آ (نظم)

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌي دوستو ۽ ساري دنيا جا سنڌي ساٿيو، هي شاعري جنهن کي مون ” هِي سنڌ سلامت رهڻِي آ“ جو نالو ڏئي نظم جي شڪل ڏني حقيقت ۾‌ هي شاعري قديم سنڌ جا جديد نعرا آهن، نعرا ڇا آهن هن نظم جي هر بند ۾ هڪ دُعا آهي، ساڌا ۽ آسان لفظ ڪتب آندا اٿم، در اصل هي شاعري اڄ چانڊوڪي بابا جي ڏنل سنڌي لنڪ ۾ اڄ مشاعري ۾ سنڌي لنڪ جي دوستن سان شيئر ڪرڻي هُئم پر واپڊا زنده آباد، بجلي وارا زنده آباد جو ڄاڻايل وقت تي مائِي بجلي صاحبه ڪنهن رُسڻي محبوبه وانگر ٺينگو (آڱوٺو) ڏيکاري وئي، جڏهن بجلي صاحبه آئي ته اڄ آچر جو ڏينهن هو ساري شهر ۾ شادين جون دعوتون هيون ان ڪري شاديون کاڌيون سين اجهو هينئر واندو ٿيو آهيان هن شاعريءَ کي تصويري شڪل ڏئي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان سڀني سنڌي دوستن سان ونڊ پيو ڪريان، دوستو ڪالهه جڏهن هن نظم جي تخليق ٿي پئي اُن وقت ٽنڊو محمد خان شهر جو بهترين راڳي ماسٽر جانب علي بلاولي مون وٽ موجود هو، اڃان هن نظم جو مطلعو ۽ ڪچو هڪ بند تيار مس ٿيو هو ته ماسٽر جانب علي بلاولي اڄ ڪلهه جي مشهور بلوچي ڌُن ليوا واري ڌُن تي هن نظم جي هڪ بند کي ڪمپوز ڪري ڇڏيو سو انهي وقت يوليڊ ۾ ماسٽر جانب بلاولي جي آواز کي ڪمپوز ڪري ڇڏيم اهو پڻ آڊيو جي صورت ۾ هن نظم سان گڏ توهان سان ونڊ پيو ڪريان۔
    پيش آهي سنڌ سلامت جي اڱڻ جي پنهنجي شاعري ” هي سنڌ سلامت رهِڻي آهي”​

    [​IMG]

    [MP3]http://www.fileden.com/files/2009/12/2/2672587/see.mp3[/MP3]​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هي سنڌ سلامت رهڻِي آ (نظم)

    جي ادا ناز، سنڌ سدا سلامت رهڻي آ، رب جي رضا سان پنهنجي پيٽان پئدا ڪيل ماڻهن جي لئه پنهنجي ڪک مان سدائين ساوا سلا ڪڍندي رهندي، پنهنجي گهراين مان پاڻي جي امرت ڌارا ڪڍندي رهندي، پنهنجي سينڌ جي جڳهه وٽان سنڌو کي وهائيندي رهندي، پنهنجي ٿر جي وارياسي مان گرمي ۽ پنهنجن جبلن مان ٿڌاڻ ڏيندي رهندي ۔۔۔ ۽ دعا آهي ته منهنجو سمورو ايندڙ نسل سنڌ ۾ ئي پئدا ٿئي ۽ سنڌ سان ئي وابسته رهي ۔۔۔ آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    جواب: هي سنڌ سلامت رهڻِي آ (نظم)

    ”نرمل“ کوهارو

    اچو ته سنڌ جا ٿيون سلامي ،
    جهمريون پائي جيئون جاني.
    ڳايون گيت سنڌڙي جا،
    فرض نڀايون جندڙي جا،
    آ ماٿي لايون مٽڙي جا،
    سڀ وير ڀلايون دلڙي جا،
    قرض چڪايون امڙي جا،
    اچو ته سنڌ جا ٿيون سلامي،
    جهمريون پائي جيئون جاني.

    نعرا لڳايئي نينهن وڌايون،
    جمالو ڳائي خوشيون ملهايون،
    گهوٽ ڀٽائي ڪر تون سڻايون،
    پيغام تنهنجي کي سيني لايون،
    دعا لاءِ تنهنجي در ٿا ٻاڏايون
    اچو ته سنڌ جا ٿيون سلامي ،
    جهمريون پائي جيئون جاني.

    ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ قلندر، ڀيڄ بخاري،
    شال آباد ڪرين تون سنڌڙي ساري،
    فيض قيام تائين رهندو تنهنجو جاري،
    نيٺ خوشحال ٿيندي سنڌڙي ناري،
    چارو طرف مچندي هتي گل گلزاري،
    اچو ته سنڌ جا ٿيون سلامي ،
    جهمريون پائي جيئون جاني.

    ”نرمل“ لائي رکج پريت جي آس،
    چڙهڻو پوي جيڪر توکي ٽياس،
    نه ٿجي تون ڪنهن وقت اداس،
    دشمن ٿيندو هڪ ڏينهن ناس،
    ڪوري ڇڏين ڀل تنهنجو ماس،
    اچو ته سنڌ جا ٿيون سلامي ،
    جهمريون پائي جيئون جاني.
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي سنڌ سلامت رهڻِي آ (نظم)

    مهرباني ادا نثار ابڙا جو منهنجي ئي هن نظم جي تسلسل کي برقرار رکندي تو سموري سنڌ کي ۽ سنڌين کي شاهه سائين جي انهي  بيت وانگر “سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار” تو پڻ کوڙ ساريون دعائون ڏنيون، الله سائين ۾ آس اٿم ته دُعائن سان گڏ اسين سڀ سنڌي جيجل سنڌ جي جياپي ۽ آجپي لا پنهنجا ڳچين ڳاٽ به سنڌ مٿان قربان ڪري سنڌ جي حقيقي اولاد وارو فرض نڀائينداسين (آمين)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي سنڌ سلامت رهڻِي آ (نظم)

    ادا نرمل اها منهنجي تمام گهڻي خوشنصيبي آهي جو منهنجيءَ شاعري کي پڙهي توهان جي دل بي اختيار اهو چوڻ تي مجبور ٿي پئي ته ” اچو ته سنڌ جا ٿيون سلامي، جهمريون پائي جيئون جاني“ پيارا نرمل سنڌ جيجل لاءِ جيترو به ڪريون تمام ٿورو آهي، اسان سنڌ حلالي پُٽن ۽ نياڻين تي اهو فرض آهي ته سنڌ جا گيت ڳلي ڳلي ڳايون، سنڌ جي جياپي لاءِ وڙهون ۔ لک لائق۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: هي سنڌ سلامت رهڻِي آ (نظم)

    هي روزِ اول کان رهڻي آ
    هي روز ازل تا رهڻي آ
    هر دور ۾ طاقت رهڻي آ
    هي سنڌ سلامت رهڻي آ


    محترم سائين نثار احمد ناز صاحب بلڪل سنڌ سلامت تا قيامت رهڻي آ تمام بهترين ۽ لاجواب لفظن سان سَرشار اوهان جي هي شاعري واقعي لاجواب آهي۔
    سنڌ سلامت رهڻي آ سنڌ سلامت رهڻي آ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هي سنڌ سلامت رهڻِي آ (نظم)

    جيتوڻيڪ اسانکي ناز ئي نوائي وڌو هو پر مٿان وري نرمل به پنهنجي اوت سان اسانجي دلين تي جا پلوٽ ڪئي سا به انتهائي وڻندڙ ۽ اتسهائيندڙ آهي ۔۔۔ خوشنصيب آهي سنڌ سلامت جو هي اڱڻ جنهن تي سنڌ جا سڄڻ ڪٺا ٿين ٿا ۽ پنهنجي گفتار سان اسانجي ستل روح کي جهونجهاڙن ٿا ۔۔۔
    سلام دوستو! سلام دوستو!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هي سنڌ سلامت رهڻِي آ (نظم)

    الله سنڌ سلامت رکي تا قيامت
    سنڌ دشمنن جي منهن ۾ ڌوڙ
    ناز صاحب لا جواب
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي سنڌ سلامت رهڻِي آ (نظم)

    پيارا عبدالستار چنا شال جُڙيو هجين ۔ لکين مهربانيون تنهنجيون جو منهنجي هن شاعري کي لاجواب چيو، ان کان علاوه منهنجي شاعري کي پڙهي تو به مٺي سنڌ کي دُعا اها به دلي دُعا ڏني ۔ بيشڪ منهنجي سنڌ تُنهنجِي سنڌ سدا سلامت رهڻي آ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي سنڌ سلامت رهڻِي آ (نظم)

    پيارا طاهر سنڌي تنهنجي منهن ۾ سنڌ ڌرتي جا کنڊون ۽ کير ، سنڌ سدا سلامت رهندي ۽ دشمنن جي مُڻهن ۾ سدائين ڌُوڙ پوندي۔ تنهنجي مهرباني مٺا جو هن شاعري کي تو لاجواب چيو۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    جواب: هي سنڌ سلامت رهڻِي آ (نظم)

    انتهائي خوبصورت لفظ، آواز ۽ شاعري ۔ مزو اچي ويو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هي سنڌ سلامت رهڻِي آ (نظم)

    سائين نثار ناز اوهان جي هن لازوال نظم ته سنڌ سلامت جي مطلب کي دوستن جي اڳيان وائکو ڪري ڇڏيو۔۔۔ اصل ۾ پنهنجي هن فورم جو هي نالو ئي انهيءَ مقصد سان رکيل آهي ته سنڌ جي ٻوليءَ ۽ تهذيب جي بقا جي لاءِ جيڪا جاکوڙ ڪجي ان تي سنڌ سلامت لفظ ئي ٺهڪي ٿو۔۔۔
    سائين نرمل جي شاعري به پنهنجي سوچن کي لفظن ۾ پيش ڪري سنڌ امڙ جي لاءِ سچي سنڌين جو ڪردار پيش ڪيو آهي۔۔۔ جيئي سنڌ۔۔۔ جيئن سنڌ وارا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي سنڌ سلامت رهڻِي آ (نظم)

    مهرباني ادا وحيد سمان جو توکي منهنجي هن غريباڻي شاعري مان آنند مليو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي سنڌ سلامت رهڻِي آ (نظم)

    ادا مست همت افزائين جا ٿورا سنڌ آهي ته ساٿ سلامت آهي، پنهنجي فڪر ۾ پنهنجي فهم ۾‌ پنهنجي دل تي، پنهنجي زبان تي اچو صرف سنڌ کي خوبصورت بنائڻ سنڌي ماڻهن جا ڏک ۽ اهنج دور ڪرڻ جا وچن ڪريون،
    سنڌ منهنجي امان سُونهن تُنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان
    هڪ قلم هڪڙو مان ڪيئن پورو پوان ڇا لکي ڇا لکان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو