12 جون 1959 تي چي گويرا ڪيوبا کان سندس باڊر گارڊ جوز آ گوڊن ۽ ٻين سرڪاري اهلڪارن عمر فرنينڊس ۽ فرانسسڪو گارشيا سان روانو ٿيو. قاهره ۾ هن وفد سان سيلواڊور ولاسڪا، هڪ رياضي دان به شامل ٿي ويو ۽ بعد ۾ اُهي هندستان پهتا جتي جوز پارڊو نالي هڪ صحافي پڻ شامل ٿي ويو. هو يوگوسلاويه، مراڪو، مصر، سوڊان، سري لنڪا، هندستان، انڊونيشيا ۽ جاپان کان گذريو. هو پاڪستان به آيو ۽ 1965 ۾ چين ويندي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان آيو. سال 1959 اونهاري جي مُند ۾ چي گويرا جن ملڪن جو دورو ڪيو اُهي سياسي ۽ معاشي لحاظ سان ڪيوبا لاءِ اهم هئا. پر پاڪستان اچڻ جو مقصد ڪجهه مهينا اڳ سي آءِ اي جي مدد سان آيل آمريت ڏسڻ هو.