موڪل جو گهنڊ ڪامران اڪبر سومرو سائين اسلام اعليڪم، ڀلي ڪري آيا... ڳوٺ جي هڪ پراڻي عمارت ۾ ٺهيل ٻن ڪمرن واري پرائمري اسڪول جي هڪ ڪلاس روم ۾ شاگرد اٿي بيهي پنهنجي استاد محترم جو استقبال ڪن ٿا جيڪو صبح جو 10 بجي اسڪول پهچي ٿو! “واعليڪم سلام، ويهو، ويهو...” استاد شاگردن کي ويهڻ لاءِ چئي، پاڻ به پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهي ٿو ۽ حاضريءَ جو رجسٽر کڻي شاگردن جي حاضري ڀري ٿو. 100 مان ڪل 25 شاگرد حاضر، باقي غائب! “اڙي ولو، وڃ وارو ڪر، منهنجي لاءِ گهران ناشتو کڻي آ، ڏاڍي بک لڳي آ... ۽ ها، لسيءَ جو گلاس به ڀريون اچجانءِ!” استاد هڪڙي شاگرد کي حڪم ڏيندي چيو. ولو، حاضر سائين چئي تکو تکو پنهنجي گهر ڏانهن ڀڳو. استاد ڄنگهون ڊگهيون ڪري ڪرسيءَ تي ليٽي پئي ٿو. ڪرمو، هيڏي آ پٽ، اچي مونکي ڪلهن تي زور ڏي... شابس سڌوري کي... اڙي اربو، آلو ڪپڙو ڪري بورڊ کي صاف ڪر ۽ اڄ جي تاريخ ۽ حاضري لکي ڇڏ... “سائين، اڄ اسانکي ڪهڙو سبق پڙهائيندوء؟” هڪڙي پتڪڙي شاگرد، سليٽ کي سيني سان لاهيندي، معصوم انداز سان پنهنجي استاد کان پڇيو. استاد جيڪو اکيون بند ڪري زورن جا مزا وٺي رهيو هو، اوچتو اکيون کولي، رڙ ڪري چيئين، “اڙي هي ڪير هيو، هان! وڏو آيو آ پڙهڻ، چپڙي ڪري ويهي رهه! اڙي توهان سڀئي سليٽان ڪڍي ا کان ي تائين لکو! او نڀاڳا نظرو، تون ڇا تي ڪلاس جو مانيٽر ٿيو آن، اٿ، ڏس سڀ ڇوڪرا پنهنجو پنهنجو ڪم ڪن ٿا يا نه! ۽ ها، هاڻي ڪوئي به مون کي سڏ نه ڪري! ” استاد پنهنجا حڪم جاري ڪري اکيون ٻوٽي وري آرام ڪرڻ لڳو! “سائين، او سائين، اسان راند کيڏون” هڪڙي ننڍڙي شاگرد استاد جي سامهون اچي نماڻو عرض ڪيو! “اڙي، چيم جو مونکي نه جاڳائجو! وڃو هاڻي، وڃو، کيڏو، پر گوڙ نه ڪجو!” استاد ڪاوڙ ۾ فرمان جاري ڪري خراب موڊ ۾ اخبار کڻي پڙهڻ ويهي رهيو. ڪرمو کيس اڃا زور ڏيڻ ۾ مگن آهي. “اسلام اعليڪم سائين! ڪهڙا حال آهن؟ خير ته آهي نه؟ موڊ صحيح نه پيو لڳي توهانجو!” حاجن، استاد جو ڳوٺائي سنگتي ڪلاس روم ۾ اچڻ سان ئي سوالن جا حملا ڪرڻ شروع ڪيا. “اچو ، اچو حاجن سائين، خير آ، مڙئي مٿي ۾ سور آ ٿورو... ڪيئن ڀلجي پيا آهيو ڀلا، مس مس اسان غريبن کي ياد ڪيو اٿوَ، اچو ويهو هن ڪرسيءَ تي... اڙي ڪرمو ڇڏ هاڻي زورن کي، وڃ ولوءَ واري هوٽل تان چانهه جي هڪ چينڪ وٺي آ... ٻيو ٻڌايو حاجن سائين، سڀ خيريت آ؟ هائو استاد، مالڪ جا احسان آهن... ڳوٺ ۾ ته امن آ نه؟ ها، بس هڪ اڌ جهيڙو ٿيو هو... جهيڙو! وري ڪنهنجو؟ ڪنهن سان؟ او ڳوٺ ۾ مڪن نه رهندو آ... ڪهڙو مڪن؟ اڙي منهنجا سائين، مڪن، جيڪو ڪڪڙن جو شوقين آ... ها، ها، هاڻي سڃاتم...ڇا ٿيو هن کي؟ ٿيو وري ڇا! هن جو ڪُڪُڙ ڍير تي کوٽائي پيو ڪري ته مٿان وري وڏيري جو ڪڪڙ به اچي ڍير تي پهتو... سائين وڏيري وانگر وڏيري جو ڪڪڙ به خارباز، سو اچي مڪن جي ويچاري ڪڪڙ تي حملو ڪري ڏنائين! پوءِ ڇا ٿيو؟ پر سائين مڪن جو ڪڪڙ به اهڙو تهڙو ٿورئي هيو! هو به بادامين جو پليل هيو! سو اهڙيون کڙان هنيئين وڏيري واري ڪڪڙ کي جو سندس هڪ اک ڪڍي ڪاڻو ڪري ڇڏيئينس! آفرين، آفرين هجي مڪن واري ڪڪڙ کي! پوءِ وڏيري ڇا ڪيو؟ سائين وڏيرو جو ڪڪڙ کيس پنهنجي اولاد کان به وڌيڪ پيارو هيو، سو پنهنجا سمورا باڊي گارڊ وٺي وڃي مڪن ويچاري جا مٿا ٻٿا ڦاڙي آيو... چچچچ، اڙي ويچارو مڪن! ايتري ۾ ڪمو چانهه کڻي پهچي ويو،، ٻئي چانهه پيئڻ لڳا. سائين، توهان ٻڌايو، شاگردن کي ڪيترو پڙهايو اٿوَ؟ (ٽهڪ)ڪيترو پڙهايو آ... اڙي چريا، هي پڙهي ڪري ڇا ڪندا... هروبرو هنن چرين، مٿي ڦرين سان مٿو هڻان! پڙهندا نه ته مونکي پگهار نه ملندي ڇا؟ ڇت هيٺان ويٺا آهن اهو ئي ڪافي اٿن، نه ته وتن ها ڳوٺ ۾ رلندا... هاها، هاها (هوا ۾ ٽهڪ گونجن ٿا، سامهون بينچن تي ويٺل ٻارڙا خاموش ٿي کين ڏسن ٿا) ايتري ۾ موڪل جو گهنڊ وڄي ٿو... سڀ ٻارڙا هل مچائيندا، رڙيون ڪندا، بينچن تي ٽپا ڏيندا وڃن ٿا، هٿن ۾ ٿيلها کڻي ايئن ٿا ڀڄن ڄڻ ڪنهن قيد مان ڇُٽيا هجن! استاد به پنهنجي دوست سان گڏ روانو ٿئي ٿو! ختم ٿيو!