• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جا سلامي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نرمل
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نرمل

سينيئر رڪن
اچو ته سنڌ جا ٿيون سلامي
”نرمل“ کوهارو

اچو ته سنڌ جا ٿيون سلامي ،
جهمريون پائي جيئون جاني.

ڳايون گيت سنڌڙي جا،
فرض نڀايون جندڙي جا،
آ ماٿي لايون مٽڙي جا،
سڀ وير ڀلايون دلڙي جا،
قرض چڪايون امڙي جا،
اچو ته سنڌ جا ٿيون سلامي،
جهمريون پائي جيئون جاني.

نعرا لڳايئي نينهن وڌايون،
جمالو ڳائي خوشيون ملهايون،
گهوٽ ڀٽائي ڪر تون سڻايون،
پيغام تنهنجي کي سيني لايون،
دعا لاءِ تنهنجي در ٿا ٻاڏايون
اچو ته سنڌ جا ٿيون سلامي ،
جهمريون پائي جيئون جاني.

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ قلندر، ڀيڄ بخاري،
شال آباد ڪرين تون سنڌڙي ساري،
فيض قيام تائين رهندو تنهنجو جاري،
نيٺ خوشحال ٿيندي سنڌڙي ناري،
چارو طرف مچندي هتي گل گلزاري،
اچو ته سنڌ جا ٿيون سلامي ،
جهمريون پائي جيئون جاني.

”نرمل“ لائي رکج پريت جي آس،
چڙهڻو پوي جيڪر توکي ٽياس،
نه ٿجي تون ڪنهن وقت اداس،
دشمن ٿيندو هڪ ڏينهن ناس،
ڪوري ڇڏين ڀل تنهنجو ماس،
اچو ته سنڌ جا ٿيون سلامي ،
جهمريون پائي جيئون جاني.
 
Back
Top