• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي مڙني سياسي، سماجي ۽ قومي تنظيمن ڏانهن هڪ مختصر کليل خط

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ جي مڙني سياسي، سماجي ۽ قومي تنظيمن ڏانهن هڪ مختصر کليل خط

عبد القدير ميمڻ

سنڌ جي موجوده صورتحال لاء ايئن چئي سگجھي ٿو ته ، سنڌ جي حقيقي ، سنڌ دوست ، محب وطن قيادت ختم ٿي چڪي آهي. انهيء حقيقي محب وطن سياست کي تباه ٿيڻ ۾ صرف ڪجھ ڏهاڪا لڳا آهن. انهيء مجموعي صورتحال ۾ اڄ سنڌ کي ” شيطان صفت درندا “ حاڪميت ۽ مالڪي ڏيکارڻ لڳا آهن، انهن وٽ شيطانيء جون سموريون وصفون موجود اهن .
جيڪڏهن اهي ” شيطاني صفت درندا “ اڄ اعلانيا يا انهن سان ٻٽ يارانه رکندڙ ” شيطان صفت درندا “ اڄ هڪ مومن سنڌ جي سنڌ جي ماڻهون جا حق غضب ڪري ، کين ننگو الف اگھاڙو ڪري ، پنڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن ته انهيء صورتحال ۾ توهان ڪنهن جو ساٿ ڏيندا ، ” شيطان صفت درندن “ جي يا پنهنجي انهيء مسڪين ، اٻوجھ مومن سنڌيء جو ساٿ ڏيندا ؟
جڏهن ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جو عوام اهو سڀ ڪجھ ڏسي رهيو آهي ، جنهن ۾ توهان ڀاڙي بزدل ، اوور ايج ، چور ، ڪرپٽ ، بي ايمان ، جاهل وڏيري ۽ ايجنسين جي پڇ لٽڪائن جي حڪومت جي سنڌ اندر مسلسل ظاهري طور تي ۽ انهن جي نالائقيء ۽ انهن جي طرفان ٿيندڙ سنڌ جي تباهي ، بربادي يا ٽوڙ ڦوڙ تي توهان ليڊرن ٻاهر ميدان تي اچي هڪ به احتجاج ڇو نه رڪارڊ ڪرايو آهي.
توهان جي خاموشي به اڌ اقرار ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي .
توهان سڄڻن مان ڪهڙي ڌر اڄ بينر ، جھندا کڻي ، نادار ، ٻوڙو ، گونگو ،وزير اعلي سنڌ جي ست سالن کي روڊن تي اچي سندس حاڪميت کي چئلينج ڪيو آهي ؟
ڪهڙيء ڌر اڄ موجوده وزير اعلي سنڌ جي استيعفا جي گھر ڪئي آهي ، جيڪو پنهنجي غير فطري اتحاديء جي اچڻ جي خوف کان ” ٽيبل “ هيٺان لڪي ويندو آهي ؟
خدارا ! ڊڄو انهيء ڏينهن کان جنهن ڏينهن توهان کي ٻيهر اٿاري اهو سوال ڪيو ويندو ته توهان ته قوم جا اڳواڻ ۽ رهبر ٿيا هيا ، توهان پنهنجي قوم جي لاء ڇا ڪيو ۽ قوم جي ترقيء بجاء توهان انهن جي تباهي ۽ بربادي ڪري ، پنهنجا گھر ڀريا ، قوم جي اولاد کي بکيو ۽ ننگو رکي توهان ، قوم دشمن حاڪمن کان ” تحفا “ ۽ رياعتون ۽ مراعتون ڪهڙي حساب ۾ وٺندا هئا ؟
ياد رکو ! ته توهان انهن ڏوهن مان هتي ته نڪري بچي ۽ عياشي ڪري وٺندا باقي يقين سان سمجھو ته ان حساب ڪتاب واري ڏينهن توهان وٽ ڪو به جواب نه هوندو ۽ واقعي توهان ظالمن مان هوندئو ۽ انهيء ”قومي جرم “ ۾ توهان کي هميشه لاء ” دوزخ جو دنبو “ بڻائي باه جي حوالي ڪيو ويوندو جنهن ۾ توهان رڙندا ، رنڀندا ۽ هميشه لاء سڙندا رهندا ۽ بيشڪ ظالمن ۽ مظلوم جي داد رسي نه ڪندڙن لاء دوزخ جي باه تيار ڪئي وئي آهي.
 
Back
Top