آرزو
سينيئر رڪن
سورن جو سفر سنڌيڪار؛ شڪيل احمد جھلڻ
ظلم ڪڏهن به گهڻو وقت نه رهندو آهي، ظلم جي واڳ واقعي وڏي ٿيندي آهي، پر آخر ۾ هميشه ڪتي جي موت مرندو آهي، ڪتو وفادار ته هوندو آهي پر جڏهن ڇتو ٿيندو آهي ته مالڪ جي سڃاڻپ به نه ڪندو آهي، ظالم جي ظلم جي ڳالهه پئي هلي ته هي سچي ڪهاڻي سوء سيڪڙو سچ عوام آڏو آڻيان ٿو، ٿر جي ڌرتي امن آشتي،سک شانتي جي ڌرتي آهي پر هتي ڪيترا ئي قانون جي محافظن جي روپ ۾ جلاد ۽ مسيحائن جي روپ ۾ قاتل آهن .!
اها جنوري 94 19ع جي ڳالهه آهي، هڪ پناهگير عورت پڪڙي وئي ڏيپلو واري علائقي مان 15 بنگالين سان گڏ پڪڙجندڙ اها عورت پناهگير هئي،پناهگير لاءِ سنڌي جي هيءَ سٽ ٺهڪي ٿي ته ڳڀي جي ڳولها ۾ سارو جڳ ڳولهين، اسان ٿري آهيون اسان به پناهگير آهيون ڏڪار ۾ سائي سنڌ جي بئراج واري علائقي ڏانهن پنڌ ڪندا آهيون، ونگي پوسٽ جي علائقي ۾ ٿر رينجرس جي هڪ چيڪ پوسٽ جي پنجابي جوانن 15 بنگالين کي پڪڙيو جن ۾ اها عورت به شامل هئي، جنهن جي ڪهاڻي هيءَ آهي، هڪ سهڻي سيبتي عورت هئي، سونهن ڪنهن جي ميراث ناهي هوندي، گودڙي جي لعل واري ڳالهه کي پناهگير عورت زندگي جي سفر ۾ جياپي جي ڳولها ڪندي حيوانن جي ور چڙهي ونگي چيڪ پوسٽ جي 15 جوانن پنهنجي پاڻ پنجابي هئڻ جو ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ ان غريب تي انسانيت سوز ظلم ڪيو، الشمس ۽ القمر جي غُنڊن وانگي آزادي جي ٻولي ٻولڻ جي بنگالين اڳ ۾ سٽي هئي، ٻه لک مظلوم عورتون انهن نام نهادن۔۔۔۔۔ .....جي هٿان ظلم جو نشانو بڻيون، انهن عورتن جي هڪ ڀيڻ گنگا جل واري ڌرتي، ٽئگور واري ڌرتي نظرالاسلام جي ڌيءَ ونگي پوسٽ جي ويران ڪمري ۾ رڙيون پئي ڪري، ٿورو پري ٻي ڪمري ۾ ڀت سان ٽيڪ لڳايو ڪنن ۾ آڱريون وجهيو اکيون بند ڪيو، اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا هئا، جوان مڇون وٽينداپنهنجو پاڻ کي قانون جو محافظ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ٻاهر ٿي نڪتا، هڪ نا معلوم ۽ گمنام زبان ۾ واڪا! ۔۔۔۔سڏ۔۔۔۔۔۔۔ ديوارون سُڻي رهيون هيون جهوپن ۾ ڪچهري متل ٿريا اوچتو ماٺ ٿي ويا،ڳُجهارتون اڌوريون رهجي ويون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شاه جا شعر ڪنن تائين پهچڻ کان اڳ ۾ انهن رڙين ٽوڙي ڇڏيا، ٿرياڪنڌ هيٺ ڪري ڪجهه وقت خاموش رهڻ بعد اڀ ڏانهن نظر ڪري اجرڪون کٿا ڇنڊي هليا ويا.
صبح ٿيو مال وريا،چاڏا ڀريا کيکڙي جو آواز هارن سان گڏ اچڻ لڳو ونگي پوسٽ جا اٺ جوان 15 قيدين کي ساڻ وٺي آيا۔ جن کي لٺيون هڻي کيکڙي جي ڊالي ۾ چاڙهي مٿن رائفلون تاڻي ويٺا ڄڻ ته اجهو ٿا ڀڄي وڃن کيکڙي جي پٽين سان ٽيڪ لڳائي ويٺل هڪ عورت الاءِ ڇاڇا ڀُڻڪي رهي هئي، رات جو افسانو، سندس لباس ۽ وارن مان ظاهر هو !۔۔۔۔۔۔۔، نامعلوم زبان مان نڪرندڙ اهي لفظ ٻڌي بنگالي هڪ ٻئي کي ڏسي پوءِ ٻاهر ڏسڻ لڳا، کيکڙي جو سفر شروع ٿئي ٿو جهٽڪا لوڏا ان خاموش عورت جي چهري تي ڪو به تاثر پيدا نه ٿا ڪن ڄڻ ته هوءَ ان کان وڌيڪ ظلم سهي آئِي هُجي، کيکڙي جو سفر هڪ وڳي جڏهن ڏينهن تتل هو ڏيپلو جي بس اسٽاپ تي ختم ٿيو ڇهه ڪلاڪ هڪ جڳهه تي ويهڻ جي ڪري سڪي ويل بنگالي قيدي اٿڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا، ته کين بندوق جا ڪُنداق لڳن ٿا مري جُهري هيٺ لهن ٿا ته ڍڪ ڏانهن مال ڪاهڻ وارن جيان سپاهي کين ڏيپلو ٿاڻي تي آڻين ٿا جتي قانوني ڪارواين بعد انهن کي پوليس جي حوالي ڪيو ٿو وڃي، تعلقه آفيس جي ولهه طرف ٺهيل هڪ ڪمري جي جيل ۾ ٻڪرين وانگرسلهاڙي انهن کي وڌو ويو. ڊيوٽي تي ويٺل سپاهي قيدين جو ائين جائزو وٺڻ لڳي ٿو جيئن ڪاسائي ٻڪرين جو وٺندو آهي،هن جي نظر اجڙيل ڪارونجهر جهڙي اجڙيل سونهن واري ڇوڪري تي بيهي ٿي، حوس هن کي انڌو ڪري ڇڏي ٿي چاٻي ڪڍي هو ان نامعلوم ڇوڪري کي گهلي ٿو ڀرسان پنهنجي ڪوارٽر تي پنهنجي دوستن سان ويهي ٿوشهر جي ڪيبن جي آڙ ۾ هلندڙ گتي تان شراب جي بوتل ساڻ هڪ ڪامڻي ڦُلن جهڙي ڇوڪري ٻيهر وحشي درندن جو شڪار ٿئي ٿي، صبح جو بيهوش ڇوڪري جيل جي اندر موجود آهي ۽ صوبيدار صاحب قيدياڻيءَ جي بيهوشي جو ٻڌي انهيءَ کي ڊاڪٽر تائين پهچائڻ جو حڪم ڏيئي ٿوزنده لاش قيدياڻي جڏهن ٿر جي مسيحا تائين پهچي ٿي ته ڊاڪٽر ڇرڪي پوي ٿو۽ صوبيدار کي رازداڻي نموني سان چوي ٿو ته تنهنجي سپاهين شايد هن تي جبري تشدد ڪيو آهي. صوبيدار جوانن تي الزام ٿو هڻي ۽ ڊاڪٽر کي علاج لاءِ ٿو چوي، ڊاڪٽر زوري زنا جو نالو کڻي علاج کان انڪار ڪري ٿو، زندگي جي تلاش ۾ آيل ان عورت جو سفر پوءِ پنهنجي ساٿين سان مٺي ضلع هيڊ ڪوارٽر ڏانهن ٿئي ٿو، سندس ساٿي جيل ۾ ۽ هُوءَ اسپتال ۾ پوليس جي پهري هيٺ شايد ان تي به پوليس جو تشدد ٿيو هو ليڪن سول اسپتال جي هڪ وارڊ ۾ ان عورت جو زنده لاش ليڙون ليڙون ڪپڙا دروازي تي بيٺل سپاهي ڏانهن اشارو ڪري چوي ٿو پنهنجي ٻولي ۾ شايد هن مونسان ظلم ڪيو آهي، زندگي جي تلاش ڪندڙ ان عورت پنهنجي نامعلوم زبان ۾ الاءِ ڇا ٿي چوي، ايلاز، احمر جون درخواستون ڪندڙ جديد دور ۾ حيواني درندن ۽ قانون جي محافظن جو شڪار ٿي آهي، ڇرڪندڙ عورت جا مسلمان هئي انهيءَ کي انهيءَ مذهب جي درندن ريپ ڪيو، جنهن مذهب ۾ عورت جي عزت سڀني مذهبن کان وڌيڪ آهي، جنهن مذهب ۾ عورت جي پيرن هيٺان جنت آهي، ڌيءَ جي روپ ۾ رحمت زال جي روپ ۾ برڪت ۽ ڀيڻ جي روپ ۾ عزت آهي، ناڪام قانون جي شڪار اها عورت مٺي اسپتال جي وارڊ ۾ دم ٿي ڏئي، جنهن جي روڳ جو علاج ڪو به ڊاڪٽر نه ڪري سگهيو، سخت تشدد جنهن کي انسانيت جو ننگو ۽ آئينو ڏيکاريندڙ مجسمو ڪري ڏيکاريو، مٺي جي قبرستان ۾ هڪ لاوارث دفن ٿِي آهي، جنهن جي قبر تي ڪو به ڪتبو نه آهي، ڀارت مان ڏتڙجي بنگال مان زندگي جي خيرات پنڻ لاءِ آيل عورت مٺي اسپتال تائين زندگيءَ جو دم ٽوڙي ويٺي قانون جي محافظن ۽ پوليس جي ظلم جو شڪار جنهن جو اکين ڏٺو شاهد ٿرجو عوام آهي، ڊاڪٽر آهن ۽ محافظن جا ضمير آهن. اڃا گهڻو وقت ناهي ٿيو 18 جنوري جي ڪاوش ميگزين ۾ ٿر واسين اهو پڙهي عجب جو اهو اظهار ڪيو هو ليڪن مون جهڙن جن هن ظلم کي ڏيپلو جي بس اسٽاپ کان ڏيپلو اسپتال تائين ۽ مٺي اسپتال تائين ڏٺو هو تن رت جا لڙڪ لاڙيا هئا، مون سوچيو هو ڪاش اسان مظلوم قومون جن جا محافظ به اسان جي قوم جا آهن مظلوم فردن تي ظلم ڪندي ڪجهه سوچون ها ته مون جهڙا حساس شخص ٻن راتين جي ننڊ نه وڃائين ها ۽ ڇرڪ نه ڀرين ها.
هر شخص ڪهاڻي آهي،
ڏک جي پڄاڻي آهي،
تون مان ئي اياڻا هون،
دنيا ته سياڻي آهي.