• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سچ چيو اٿن ٿه قانونن ۽ عدالتن ڪن ، زبانون ۽ اکيون ڪو نه هونديون آهن .

26 سالن جي ريحانه جبار نالي هڪ ايراني عورت تي هڪ ايراني انٽيليجنس جي اهلڪار نالي مرتضى عبددالعلي زوري زنا ڪرڻ جي نيت سان حملو ڪيو ، پاڻ بچائيندي نينگري کي هڪ ڇري هٿ اچي ويئي ، جيڪا ان جنسي ڏاڍ ڪندڙ کي هڻي ڪڍي ۽ ان جي زخم سان هو مري ويو. اهو دنيا جو اصول آهي ته ڪو به ماڻهو پنهنجي يا ڪنهن ٻئي انسان جو بڄاءُ ڪندي ڪو ماڻهو ماري ٿو وجهي ته ،اهو ان جو ڏوه ناهي هوندو .پرايراني قانون ۽ عدالت حد ڪري ڇڏي . بجاءِ پنهنجي لڄ بچائيندڙ عورت کي آزاد ڪرڻ جي ،موت جي سزا ٻڌائي ڪاله ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو. سڄي عالمي دنيا جي اپيلن کي رد ڪندي انڌي ،گونگي ۽ ٻوڙي هجڻ جو مثال ڪري ڇڏيو. اسان ته سمجهندا هئاسين ته پاڪستاني قانون ۽ عدالتون انڌيون ،گونگيون ۽ ٻوڙيون آهن ،پر ايران پاڪستان کي ڀي ماري ويو .
 
Back
Top