• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قصيده

bewas ali hassan

سينيئر رڪن
منظر قربلا جا ياد جو پيا
روئيندي نيڻ منهنجا آلا ٿيا
يزيدي فوج هئي چوڌاري
انهي وچ ۾ امامي حوصلا هيا
پياس پاڻي جي نه هئي هت
هي رگو محرمي روضا هيا
آ پياسِ سڪينه هڪ امتحان
بازو ءِ عباس ڪٽجندا رهيا
لرزيو آسمان ڌرتي ڌٻي
گل اسلام جا ڦٽجن پيا
او شمرٿي نه بي شرم ايڏو
اولادِ علي نبي جو ڪر حيا
دين ناني جو بچائڻ جي لاءِ
سڀ ساٿ مون ڪهاءِ چڏيا
جن کي غمِ شبير ناهين بيوس
پوءِ لگ اهي يزيدي ٿيا
طالبِ دعا بيوس علي حسن چڍڙ
 
Back
Top