• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان سنڌي ڪيترن شعبن ۾ گھڻو پٺتي ڇو آهيون؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
اسان سنڌي ڪيترن شعبن ۾ گھڻو پٺتي آهيون ـ جيڪڏهن اسان هر شعبي ۾, ڪنهن سان مقابلو نه ٿا ڪري سگھون ته اُتي اسان جي پنهنجي گھٽ ۾ گھٽ نمائندگي ته هئڻ گھرجي پر افسوس ته اها به ڪانهي. اسان وٽ ته رڳو سياسي لٻاڙ تي زور آهي پر ٻين شعبن ۾ عملي طرح خدمتن ڪرڻ جي ڄڻ ته ڀينگ لڳي پيئي آهي ـ

تازو مون گوگل ۾ اهو لکي سرچ ڪئي: قران شريف ۽ ان جو آواز وارو ترجمو، ته اردو جا ته سوين لنڪ نڪري آيا پر سنڌيءَ جو آواز سان ترجمي وارو هڪ لنڪ به ڪونه مليو ـ ڀلا، آواز سان سنڌي ترجمو رڪارڊ ڪري لڳائڻ ۾ ڪهڙي تڪليف آهي؟ اسان وٽ ته ڪيتريون مذهبي شخصيتون ۽ ادارا موجود آهن سي اهو خير جو ڪم سولائيءَ سان ڪري سگھن ٿا جيڪو ڪو گھڻو مهانگو سودو به ناهي ـ

ٻئي طرف، هڪ سنڌي اخبار ڪاوش جنهن جا مالڪ پاڻ کي ڌرتيءَ تي خدا سمجھندا آهن، تن جي حالت اها آهي ته ڪيترن سالن کان اخبار جي صفحن تي جيڪي نمبر لڳائيندا آهن سي به غلط جاءِ تي ـ سندن ٽي وي چينل ڪي ٽي اين تي هڪ ڀيري اوچتو ڏٺم ته ڪجھه سنڌي اسيمبلي ميمبرن جا انٽرويوز هلي رهيا هئا ۽ حيرت انگيز طور انهن ميمبرن جاعام روايت جي خلاف نالا به لکيل ڪونه هئا. اهي ننڍڙيون ڳالهيون سولائيءَ سان درست ڪري سگھجن ٿيون پر ڪري ڪير؟ وڏا قصا ته پري جي ڳالهه آهي....سا اها آهي اسان جي ڪجھه ادارن جي ڪارڪردگي....!!
 
اوهان جيڪي مثال ڏنا اهي به ان مسئلي ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن پر ڏسجي ته ڪنهن به طرح اهڙن مثالن جي کوٽ ناهي.
اسان کي محروميون ورثي ۾ مليل آهن مڃيوسين
اسان جنهن مُلڪ ۾ آهيون اڻ ۾ اڻ برابري جون ڳالهيون وفاقي سطح تي به ٿين ٿيون مڃيوسين
احتجاج، حقن جي گهُر تي سڀني سان ساڳيو ورتاءُ ڪونهي مڃيوسين
باربار آزمايل هڪ ئي پارٽي اسان کي اوترو ڊليور نه ڪيو جيترو ڪري پئي سگهي يا ٿي پئي سگهيو . . . . .

هاڻي اچون ٿا ڪُجهه سوالن طرف

ڇا اسان وٽ منصوبه بندي نالي ڪا شئي آهي؟؟؟؟
ڇا اسان سوڙ آهر پير ڊگهيڙڻ جي فهم کي سمجهي به اُن تي عمل ڪريون ٿا؟؟؟؟
ڇا اسان اُن ماڻهو جو وؤٽ بئنڪ نه ٿا وڌايون جيڪو چار نا اهلن کي نوڪريون ڏياري يا چار چپر ڇڏائي سگهي؟؟؟؟
ڇا اسان پنهنجي ملڪيتن جيان سرڪاري املاڪ جي حفاظت ڪريون ٿا؟؟؟؟

جيڪڏهن مٿين سوالن مان اوهان سميت ڪنهن هڪ به سنڌي جو جواب ”نه“ ۾ آهي ته پوءِ آئون غلط منهنجي ماٺ.

هاڻي سوال آهي ته ڇا ڪرڻو آهي؟؟؟؟؟
ڏسجي ته هن وقت يا ماضي ۾ اسان جهڙي حالت ۾ رهندڙ انهن قومن ڇا ڪيو جيڪي هن وقت پنهنجي نمايان ۽ سُڌريل هُجڻ جي حيثيت ۾ آهن.

گهڻا ڪم ڳڻائي سگهجن ٿا پر جيڪو اهم آهي اهو آهي هر فرد کي پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان ڪرڻ جي جرات پيدا ڪرڻ. ٺيڪ آهي واپڊا، اينتي ڪرپشن، ريوينيو يا پوليس کاتن ۾ اهو سڀ ڪرڻ ڏُکيو آهي. پر نا ممڪن ناهي. اوهان لاءِ گند جو حصو ٿيڻ لازمي آهي پر گهٽ ۾ اک ڏٺي مک پاڻ ته نه ڳڙڪايو. باقي جتي ڪم ڪرڻ ۽ ايمانداري سان ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي اُن ۾ ڪهڙي مشڪل آهي سواءِ هڏ حرامي ٿيڻ جي. رُڳو ڪُجهه سال اهو وساري ته اسان ڪهڙي محرومي يا مظلومي ۾ آهيون پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان ڪرڻ شروع ڪجي ته تبديلي ۽ بهتري پاڻ مراد نظر ايندي. سڀني کي ايڌي ٿيڻ جي به ضرورت ڪونهي. بس جتي آهيو اُتي پاڻ تي فرض ٿيل ڪم پورو ڪريو. ڪرڻ لاءِ ڪُجهه ناهي ته به مفت جي ماني کائي گهر ويهي کٽُن ٽوڙڻ بجاءِ رضاڪارانه ڪم ڪجن پر ڪجن ضرور.
پر اسان کي بس لٻاڙ هڻڻ تي زور، هر ڳالهه ۾ سامراجي سازش نظر اچڻ ۽ پاڻ کي مظلوم سڏائڻ جي ٻيو ڪُجهه نه ٿو سُجهي.
 
سائين حفيظ توهان جون ڳالهيون سورنهن آنا سچيون..
توهان سان سئو سيڪڙو متفق آهيان..
صرف هڪ ڳالهه جو اضافوڪرڻ لازمي سمجهان ٿو، ۽ اها هي ته منهنجي خيال ۾ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ وارو مرحلو بعد ۾ ايندو.. بنيادي ڳالهه آهي، غلطي تسليم ڪرڻ .. اسان کي پنهنجي روين کي درست ڪرڻو پوندو.. اسان مان هر فرد پاڻ کي مومن سمجهندوآهي ۽ ٻئي جي ايمان تي هرڪنهن قسم جا بيان ڏيڻ ۾ ڪونه ڪيٻائيندوآهي.. پاڻ ايماندر ٻيو بي ايمان.. پاڻ عالم ٻيو جاهل.. دنيا جون سڀ خوبيون پاڻ ۾ ۽ برايون ۽ خاميون ٻين ۾..
جيستائين اها سوچ تبديل نه ٿي ٿئي سڌارو آڻڻ مشڪل آهي..
توهان چئو ٿا ايمانداري سان ڪم ڪيون.. جيڪڏهن مان پاڻ کي ايماندر سمجهي ڪري ماٺڙي ڪري ويهي رهان ته ڪهڙي تبديلي ايندي.. پر جيڪڏهن مان ٻروچڪي ڇڏي ۽ اهو مڃڻ لاء تيار ٿيان ته ٻيلي مون ۾ ايتري ايمانداري به ڪانهي.. ڪٿي نه ڪٿي ڪا بي ايماني آهي.. ان کي ڇڏجي ۽ صحيح دڳ تي اچجي..
پنهنجو پاڻ کي بي ايمان چوڻ يا مڃڻ لاء وڏي دل ۽ حوصلو کپي.. ان لاء اسان وٽ نه ڪا سوچ آهي ۽ نه ئي تربيت..
ڳالهه پڌري پَٽ آهي، وڌيڪ ڪجه چوڻ بيڪار آهي
 
Back
Top