• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻه ـ لساني صوبي بابت مواد ھٽائڻ جي اپيل

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌ جي نازڪ صورتحال کي ڏسنديَ مون اڳ به دوستن کي اپيل ڪئي هئي ۽ هاڻ به دل جي گھراين سان اپيل ڪريان ٿو ته جن دوستن جي فيس بوڪ ۽ ويب سائيٽن تي حُب علي، بغض معاويا ۾ اهو ڪوڙو مواد لڳل آهي ته 1972 واري ٻوليءَ جي بل ۾ سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏنو ويو هو سي اهو مواد ترت هٽائي ڇڏين ڇاڪاڻ ته سنڌ اسيمبليءَ کان پاس ٿيل انهيءَ ايڪٽ ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه هئي ۽ اهو چٽي ريت لکيل آهي ته سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي سنڌي رهندي ـ

سنڌي ٻوليءَ جي دشمنن جو مطالبو هو ته سنڌ کي ٻه لساني صوبو بڻايو وڃي جيڪو نه مڃڻ جي صورت ۾ ٻوليءَ جا فساد ٿيا هئا نه ته فساد ڇو ٿين ها؟ جن کي شڪ آهي، سي ايڪٽ پڙهن ۽ ڪجھه سياسي ليڊرن جي بيانن تي ڀروسو نه ڪن ـ

مواد هٽائڻ جي انهيءَ ڪري اپيل ڪئي اٿم جو لساني تنظيم وارا سنڌ کي ٽوڙي مهاجر صوبو ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهن ۽ ٻه لساني صوبي واري اهڙي ڪوڙي پروپئگنڊا کين هٿي ڏيندي ـ
 
Back
Top