محمد خان سيال
سينيئر رڪن
اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ گذريل ڇھن ورهين کان 90 ـ ورهين جي ڄمار وارو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه سنڌين کي سوکڙيءَ طور ڏنو آهي جيڪو سنڌين لاءِ ڪنهن به عذاب کان گھٽ ناهي ـ شهيد بينظير ڀُٽي کيس وڏو وزير بڻايو هو ته ڪجھه مهينن اندر کيس هٽائي ڇڏيائين ـ پڇڻ تي چيائين ته سيد قائم علي شاهه سرڪاري گڏجاڻين ۾ به ستو پيو هوندو آهي ـ
خبر ناهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ منجھس ڪهڙي مڻيا ڏٺي آهي جو کيس سنڌين مٿان عذاب سمجھي مڙهي ڇڏيو اٿس ـ سنڌ، بدنام ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ پنهنجي تاريخ جي بدترين بيڊ گورننس کان لنگھي رهي آهي ـ سنڌ سرڪار جي هر اداري ۾ بي مثال ڪرپشن عروج تي آهي پر مجال آهي جو هن 90 ورهين جي هچا کان سنڌين جي جند آجي ٿئي ـ ڪجھه وقت اڳ مشهور اينڪر ڪامران خان جو جيو ٽي وي تي چوڻ هو ته بلاول ڀٽي زرداري هن مان سنڌ جند آجي ڪرڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي پر هو ناڪام رهيو ـ