• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بي بي سي اردوءَ جي شرارت

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
بي بي سي اردو، لساني تنظيم ايم ڪيو ايم جي هڙتال جي حوالي سان لکيو آهي: ڪراچي ۽ سنڌ جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ڪراچي، سنڌ جو تخت گاهه آهي سو لکڻ کپندو هو: ڪراچي سميت سنڌ، ۽ نه ئي ڪراچي ۽ سنڌ، جنهن کان تاثر ملي ٿو ته ڪراچي سنڌ ۾ ناهي ـ
ڇا بي بي سي وارا ٻڌائيندا ته هنن ڪڏهن اهو چيو آهي: لاهور ۽ پنجاب، پشاور ۽ خيبر پختونخوا يا ڪوئٽيا ۽ بلوچستان ـ بي بي سي اردوءَ کي گھرجي ته اها انهيءَ غلطيءَ تي سنڌين کان معافي وٺي ـ سنڌين کي گذارش آهي ته هو بي بي سي اردو جي ويب سائيٽ تي وڃي، بي بي سي اردوءَ جي اهڙي شرارت تي احتجاج ڪن ۽ کين چون ته هو سنڌين کان معافي وٺي ـ مون به وٽن اهڙي شڪايت رجسٽر ڪرائي آهي ـ
 
Back
Top