خبرون آهن ته عربي سمنڊ ۾ اٿيل سامونڊي طوفان نيلوفر ۾ تيزي اچي چڪي آهي. هن وقت اهو طوفان عمان جي ويجهو آهي ۽ ڪراچي کان 1200 ڪلوميٽر پري آهي. ان اٿيل طوفان لاء چيو وڃي ٿو ته گجرات، عمان يا سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي سان ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي. ان خوف سبب گوادر، پسني، اورماڙه، ڪراچي، بدين ۽ ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ قلم 144 لڳائي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ماهيگيرن کي سمنڊ مان واپس اچڻ جو چيو ويو آهي. موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سامونڊي پٽي ۾ تيز طوفان ۽ بارش جو پڻ امڪان آهي. سي ويو ۽ ڪلفٽن تي ماڻهن کي اچڻ کان روڪيو ويو آهي ۽ ساڳي وقت اتي موجود دڪان پڻ بند ڪرايا ويا آهن.
ڪراچيءَ جا ماڻهو هن وقت به اهو سمجهي سامونڊي پٽيءَ تي ٻارين ٻچين تفريح ڪري رهيا آهن ۽ اهو ٿا سمجهن ته (دلي دوراست )ڪراچيءَ کان طوفان پري آهي .
ساگر سهندڙو لکي ٿو سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته سمونڊ مان اٿيل طوفان کي نيلو فر ڇو سڏيو ويو آهي ۽ اهو نالو ڪنهن رکيو؟ ۽ ٻيو سوال اهو آهي ته سمونڊ مان اٿيل طوفانن کي ڪڏهن سونامي، ڪڏهن هُد هُد ته ڪڏهن نيلو فر ڇو سڏيو ويندو آهي ۽ انهن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ نالا رکڻ وقت ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويندو آهي ته ڪير ان نالي تي اعتراض به نه ڪري ۽ اهي نالا عام جام ۽ پسند ڪيا ويندڙ هجن. گهڻا نالا عورتاڻا آهن پر ڪجهه مرداڻا نالا به آهن، پکين جي نالن سميت مختلف راندين ۽ ثقافتي شين جا نالا به آهن. سمونڊ مان اٿيل اهڙن طوفانن تي نالا رکڻ جو فيصلو سال 2000 کانپوء پاڪستان، ڀارت سري لنڪا،بنگلاديش عمان، ٿائلينڊ ۽ نيپال گڏيل اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ اهو طئي ٿيو ته هر ملڪ پنهنجي پنهنجي پاران 30 کان وڌيڪ نالا ڏي جيڪي طوفانن تي رکيا وڃن، هر ملڪ پنهنجا پنهنجا نالا موڪليا. هاڻي جڏهن به انهن ملڪن ۾ طوفان ايندو آهي ته واري واري سان هر ملڪ جو موڪليل نالو ان طوفان مٿان رکيو ويندو آهي. نيلو فر پاڪستان پاران موڪليل نالو آهي، ان کان اڳ ڀارت پاران موڪليل نالو هُد هُد رکيو ويو هو. نالو رکڻ جو فيصلو ان ڪري ويو ته جيئن ماڻهن ۽ ميڊيا کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ۽ مستقبل ۾ جڏهن به انهن طوفانن جي ڳالهه ٿئي ته ماڻهو جلد ۾ سمجهي وڃن ته ڪهڙي طوفان جي ڳالهه ٿئي پئي.
نيلوفر هڪ طوفان آهي پر هن نالي وري مذاق ۽ مشڪري لڳائي رکي آهي. انهن مان هڪ وال پيپر هي به آهي .... بس الله پاڪ خير ڪري
محترم محمد سليمان وساڻ ڪي سوال پاڻ اٿاريا آهن ۽ ڪن جا جواب ڀي پاڻ ڏيئي ويا آهن . ڪي شيون هڪ جهڙيون به هونديون آهن ته انهن ۾ فرق به هوندو آهي . مثال طور 1 سونامي ، 2 سائيڪلون ،3 واچوڙو ۽4 ڀونروغيره ،هر لفظ ۽ نالي جي پنهنجي اهميت ۽ معنى يا مطلب هوندو آهي . سڀ کان پهريائين انهن جي معنى يا تشريه ڪجي ،پوءِ فرق واضع ۽ چٽو ٿي سمجه ۾ ايندو .. 1. سونامي .......سمونڊ اجي اندر جڏهين زلزلو ايندو آهي ، ته ان هنڌ جي زمين جڏهين ڌرتيءَ جو سينو چيري ٻرندڙ لاوي يا مٽيءَ جي رڌل ڀت وانگر پٽرو مادو ٻاهر نڪري سمونڊ واري پاڻيءَ کي هٽائي ان جي جڳه والاريندو آهي ته ، ان پاڻي کي هٽائڻ جي لاءِ زور سان ڌڪو ڏيندو آهي . اهو پنهنجي جڳه تان هٽيل پاڻي هڪ گول دائري ۾ پنهنجي جڳه بنائڻ جي لاءِ هڪ وڏي لهر يا ڇوليءَ جي صورت ۾ وڏي رفتار سان ڪاه ڪندو آهي . ان لهر يا ڇوليءَ کي سونامي سڏبو آهي . اها سونامي جيڪڏهين ڪنهن زمين جي ويجهو هوندي آهي ته اتي وڏي تباهي مچائيندي آهي . 2. سائيڪلو...3 . واچوڙو ِيا 4 ڀونر .. .. گرمي ۽ سرديءَ جي ڪري سامونڊي پاڻي ۽ هوا ۾ وهڪرا پيدا ٿيندا آهن ، گرم جگه تان هوا يا پاڻي هلڪو ٿي ٿڌي هند ڏانهن ويندو آهي ،ته ان هٽيل هوا يا پاڻي جي جڳه کي ڀرڻ لاءِ ،ٿڌي هنڌن واري هوا يا پاڻي وهڪري جي صورت ۾ ان هنڌ ڏانهن وهندو يا ويندو آهي . سمونڊ جي مٿان گرمي درجي وڌڻ جي ڪري گهڻي هوا مٿي اڏامي ويندي آهي ۽ ان هٽيل هوا جي جڳه کي ولارڻ جي لاءِ ٿڌن علائقن واري هوا يا پاڻي پيدا ٿيل خال ڏانهن ڌوڪيندي آهي ته ان هوا يا پاڻي ۾ ان جڳه جي ولارڻ جي لاءِ ويڙه شروع ٿيندي آهي . جنهن جي نتيجي ۾ سائڪلون ، واچوڙو يا ڀونر پادا ٿيندا آهن . سمونڊ جي پاڻيءَ سان گڏ جڏهين هوا به گڏ گولائي ءَ ۾ جڏهين تيزي سان گهمندي آهي ، ته ان جي نتيجي ۾ ٺهندڙ طوفان کي سائڪلون چئبو آهي . واچوڙو، آگ بگولو يا ٽارپيڊو....جتي پاڻي نه هجي رڳو خشڪيءَ تي هوا جو اهڙو گول چڪر ٺهي ته ان کي سنڌيءَ ۾ واچوڙو ، اردو ۾ آگبگولا ۽ انگريزيءَ ۾ ٽارپيڊو چوندا آهن . ڀونر يا ڪن ........جتي رڳو پاڻيءَ ۾ (پوءِ اهو پاڻي کڻي سمونڊ جو هجي يا درياءَ جوهجي ) اهڙي قسم جو گول چڪر ٺهي ته ان کي پونر يا ڪن سڏبو آهي .
رهيو سوال نالن رکڻ جو ..........هر شيءِ جيڪا قدرتي يا هٿرادو عمل سان وجود وٺي ٿي ته انسان انهن جي سڃاڻپ جي لاءِ انهن تي نالارکندو آهي . قدرتي طوفانن جو اچڻ هڪ لازمي عمل آهي . ڪٿي نه ڪٿي اهڙا طوفان يا زلزلا ايندا آهن .ڪي قومون .ملڪ يا فوجون ڪن ٻين تي حملن ۽ ڪاهن يا آپريشنن ڪرڻ جي لاءِ به نالا رکنديون آهن ،ته جيئن انهن کي ڪاميابي سان پورو ڪري سگهجي . تنهن ڪري طوفانن جي تباهي کان بچڻ جي لاءِ به ملڪ گڏجي يا انفرادي طور انهن تي نالا رکندا آهن . ڪجه سال اڳي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن گڏجي سامونڊي طوفانن تي نالن رکڻ جو پروگرام يا منصوبو جوڙيو، جنهن ۾ هر ملڪ پنهنجي پسند جو نالو ڏيندو آهي ،پوءِ واري واري سان نمبر اچڻ تي جڏهين ڪو طوفان ايندو آهي ته خود به خود اهو نالو ان طوفان تي پئجي ويندو آهي . هن دفعي پاڪستاني نالو اچي ويو نيلوفر اهو هڪ گل جو نالو آهي . گذريل طوفان جو نالو هدهد هيو ايندڙ نالو سري لنڪا جو پوندو . ٻيو مزي جي ڳاله ته اهڙا وڻندڙ نالا طوفانن تي ان ڪري رکيا ويندا آهن ته جينئن انسانن تي پوندڙ تباه ڪن نتيجن جي اثرن کي گهٽائي سگهجي يا انهن جو خوف ۽ ڊپ انسانن جي ذهنن ما گهٽائي سگهجي .
عربي سمونڊ ۾ اٿندڙيا ٺهندڙ طوفانن کان ڪراچي جو گهٽ نقصان ٿيڻ جو سبب . عبدالله شاه غازي ناهي پر ان جي بيهڪ آهي . دنيا جو نقشو کڻي ڏسو ته ڪراچي شهر عربي سمونڊ جي ان ڪناري تي واقع آهي ، جيڪو هڪ نار يا خليج جي شڪل ۾ واقع آهي جنهن کي ايراني نار جي نالي سڏيندا آهيون . جڏهين به هندي يا عربي سمونڊ ۾ اهڙو ڪو طوفان اٿندو آهي ته ڪراچي شهر ان طوفان جي لپيت يا زد کان پري هوندو آهي ۽ ان جو ٿورو يا گهٽ اثرهجڻ ڪري نقصان به گهٽ ٿيندو آهي . پر اسان جا پر متڙيا ماڻهو ان کي مذهبي رنگ ڏيئي پنهنجا مفاد حاصل ڪندا آهن . ۽ ان جو تازو مثال سنڌ اسيمبيليءَ جي اسپيڪر جو اهو بيان ته ڪراچيءَ کي ان طوفان کان عبدالله شاه غازي بچائيندو .آهي نه مزي جي ڳاله .
دوستن لاء خبر آهي ته نيلوفر جي رفتار ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي ۽ موسميات کاتي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته نيلوفر طوفان هن وقت ڪراچي کان 650 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي ۽ اهي امڪان آهن ته اهو طوفان ڪراچي کي نه لڳندو. پر پوء به ڪراچي، بدين ۽ ٺٽي جي سامونڊي پٽي تي بارش جو امڪان آهي ۽ مهاڻن کي سمنڊ ۾ وڃڻ کان احتياط ڪرڻ جو چيو ويو آهي.
ادا توهان نيلوفر بابت معلومات ڏني ان لاءِ مهرباني يار اها نيلوفر ته وڏي خطرناڪ آهي تازا ترين اطلاع آهن ته نيلوفر جو رخ انڊيا ڏانهن ٿي ويو آهي ان ڪري ڪراچيء کي خطرو نه آهي البته تيز بارش جو امڪان آهي