منهنجي احتجاج تي بي بي سي اردو پنهنجي غلطي درست ڪري ورتي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
بي بي سي اردو، لساني تنظيم ايم ڪي ايم جي هڙتال بابت خبر ۾ ڄاڻايو هو: ڪراچي ۽ سنڌ ................جنهن تي مون شديد احتجاج ڪيو هو ته ڪراچي، سنڌ کان الڳ ناهي ۽ کانئن پڇيو هو ته ٻڌائين ته ڇا هو لاھور ۽ پنجاب، ڪوئٽيا ۽ بلوچستان ۽ پشاور ۽ خيبر پختونخوا لکندا آهن؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ هو ڪراچي ۽ سنڌ ڇو ٿا لکن؟
مون بي بي سي جي ويب سائيٽ تي وڃي ۽ اي ميل موڪلي کانئن سنڌي قوم کان معافيءَ جو به مطالبو ڪيو هو جنهن جي موٽ ۾ بي بي سي اردو پنهنجي خبر ۾ تبديلي آندي آهي ۽ هاڻ لکيو اٿن؛ ڪراچي ۽ اندرون سنڌ ـ
 
اوهان هميشه ان قسم جي غلطين تي اخبارن، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي ادارن کي لکندا رهندا آهيو .. اوهان کي جس هجي.
 
Back
Top