پر هاڻي مداري ڪراڙو ٿي چُڪو آهي.هيء ڪالم جناب وسعت الله خان جو ضرور پڙهندا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏28 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ڇا ته سٺو زمانو هو، جڏهن انگريز آرام سان رنجيت سنگهه جي پنجاب جو هڪ حصو الڳ ڪري اتر اولهه سرحدي صوبو ٺاهي ڇڏيندو هو ۽ پوءِ ان ئي پنجاب جا وڌيڪ ٻه ٽڪر ڪري ٻن آزاد ملڪن کي دان ۾ ڏئي ڇڏيندو هو. ٽالپرن جي سنڌ کي بمبئ پريزيڊنسي ۾ غائب ڪري اٺاسي سالن کانپوءِ وري پنهنجي کُڏ مان ڪبوتر وانگر ڪڍي وٺندو هو، گڏيل بنگال کي ڪَٽي وري جوڙي وري ڪَٽي وٺندو هو.

    گوري جي خوبي هيءَ هُئي جو ان هٿ جي صفائيءَ جو فن حڪيمي نسخي وانگر پاڻ وٽ نه رکيو پر ڪارن وارثن کي سيکاري ويو ۽ وري ڪارن شاگردن انهيءَ فن ۾ اهي اهي هٿ ڏيکاريا جو گورو استاد به ششدر ٿي ويو.

    مثال طور پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪراچي سنڌ جي نقشي تان غائب ٿي ڪيترن ئي سالن کانپوءِ وري اڀري آئي. وري اڻويهه سئو پنجونجاهه جي ڪنهن ڏينهن مدارين جي ڪسنور شيم چارئي صوبا وفاق جي انتظام هيٺ علائقي ۽ ڪاغذي خودمختيار رياستين کي بوتل ۾وجھي چڱي نموني لوڏيو ۽ ان کي ڦڙ ڦڙ ڪندڙ هڪ ون يونٽي اولاهين پاڪستاني ڪبوتر ٺاهي ڇڏي ڏنو. پندرهن سالن کانپوءِ اهو ئي ڪبوتر ٻيهر کڏ ۾ وجھي جو وري ڪڍيو ويو ته کڏ مان ٽن پراڻن سان گڏوگڏ هڪ نئون صوبو بلوچستان به برآمد ٿي ويو. پنجين صوبي بهاولپور کي پنجاب جي ٻلي کائي وئي. اهو تماشو جڏهن ڇهين صوبي اوڀر پاڪستان ڏٺو ته عددي اڪثريت باوجود گهٻرائجي ويو ۽ پيرن تي زور ڏئي ڀڳو.

    پر هاڻي مداري ڪراڙو ٿي چُڪو آهي ۽ هاڻي ان ۾ اهڙو دم نه رهيو آهي. کڏ به زبون ٿي ويو آهي. ۽ صوبا به اهڙي قدر بدتميز جو نه وڏن جي عزت نه ننڍن جو لحاذ، پوءِ به تماشائين جي پرزور اسرار تي مداري وفاقي ڀڃ ڊاهه جو ڪرتب ڏيکارڻ به چاهي ته ڪيئن ڏيکاري. ان پاڻ اڻويهه سئو ٽيهتر جي آئين جي ڳري زنجير ۾ پاڻ کي ڦاسائي رکيو آهي.

    ڀلا ڪهڙي لقمان حڪيم چيو هو ته موجوده صوبن جي حدن ۾ تبديلي ۽ نوان صوبن جي جوڙ جڪ لاءِ آئين ۾ آرٽيڪل 239 وجھو. جيڪي ماڻهو نئين صوبي جو مطالبو ڪري رهيا آهن ۽ جيڪي مخالفت ڪري رهيا آهن، ڇا ٻنهي آرٽيڪل 239 غور سان پڙهيو آهي.

    پاڪستان جو آئين هن وقت چار وفاقي يونٽ تسليم ڪري ٿو، يعني نئون صوبو يا وفاقي يونٽ ٺاهڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي ۽ ترميم جو طريقو هي آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ پنهنجي الڳ الڳ اجلاسن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان نئون صوبو ٺاهڻ جو ٺهراءُ منظور ڪن. ان کانپوءِ جنهن صوبي جي ڪاٽ ڪوٽ گهربل آهي ان جي اسيمبليءَ پنهنجي علائقي ۾ نئون صوبو يا نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ ٺهراءُ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان منظور ڪندي.

    جڏهن ٽيئي ايوان انهيءَ نقطي تي متفق ٿي ويندا تڏهن اهو ٺهراءُ آئيني ترميم جي بل جي شڪل ۾ صدر ڏانهن صحيح لاءِ موڪلي ويندي ۽ صدارتي صحيح ٿيڻ کانپوءِ صوبا وجود ۾ اچي ويندا. پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ڪيڏو نه سنئون سڌو ۽ آسان طريقو آهي پر اڄوڪي پاڪستان ۾ نسلي، مذهبي، علائقائي، اقتصادي، سماجي ۽ سياسي وڏي دل جي جيڪا شڪل آهي. ڇا ان جي هوندي آئين جي آرٽيڪل 239 تحت ڪو نئون صوبو يا صوبا کل خوشيءَ سان وجود ۾ اچي سگهندا! جيڪڏهن ممڪن هجي ته ٻڌايو وڃي، جي نه ته پوءِ هي کيل تماشو ڇا لاءِ ۽ ڇو صاحب!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو