عرض اهو آهي ته ”نادرا“ جي قانون تحت مستقل ائڊريس هيٺ ڏنل شرطن تي مٽجي سگھجي ٿي جنهن کان پوءِ هر ان شهريءَ جو ووٽ ان مستقل ائڊريس تي درج ڪيو ويندو آهي. نمبر هڪ ته: ڪو به اهڙو شهري جيڪو ٽن سالن کان وڌيڪ پنهنجو ڳوٺ، اصلوڪو شهر ڇڏي ڪنهن ٻي شهر يا هنڌ نوڪري يا ڪاروبار جي سلسلي ۾ رهائش ڪري ٿو سو پنهنجي مستقل ائڊريس تبديل ڪرائڻ جو حق رکي ٿو. نبمر ٻه ته: هو ڪابه پراپرٽي سند، نوڪريءَ جو آرڊر، ڪوارٽر جي الاٽمينٽ سرٽيفيڪيٽ يا اهڙو ڪو به دستاويز پيش ڪندو جنهن سان سندس رهائش سرڪاري حساب سان گذريل ٽن سالن کان وڌيڪ ڏيکاريل هجي ته هو سندس ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ تي درج ڪيل پراڻي ائڊريس مٽي مستقل ائڊريس نئين شهر جي ڪندا. هاڻي مٿين شرطن کي جي ڏسجي ٿو ته اسان جا سنڌي ڀائر گذريل ڪيئي سالن کان ڪراچي ۾ روزي ڪري رهيا آهن. پر سندن شناختي ڪارڊ ساڳيا ئي سندن ڳوٺن يا شهرن جا ٺهيل آهن. اها مڪمل اسان جي لاغرضائي آهي، جنهن جو ڏوهه نه ته آصف زرداريءَ جو آهي نه وري قائم علي شاهه جو! اها مڪمل طور تي اسان جي ذميواري آهي جيڪا صرف اسان پاڻ ئي ڪري سگھون ٿا. سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته ”پڄي آءُ نه سگھان ۽ لعنت وري گوڏن کي“! ڪجھ پنهنجا به فرض سڃاڻو. الائي ڪٿان جا ڌاريا اچي سڙڪن، اگھاڙن روڊن تي سمهي پنهنجا شناختي ڪارڊ ڊوميسائيل ۽ پاسپورٽ ٺهرائڻ ۾ مگن آهن پر اسان جي حالت اها آهي ته گھر کان نڪري اهو ڪم ڪونه ڪندا سين! اليڪشن جو وقت ايندو ته ڳوٺ ڀڄڻ جي ڪبي ڄڻ ته اسان وارو نام نهاد ”ڍينگڙو خان مٽيئرو“ اسان جي ووٽ کان سواءِ سر سامونڊي پيو ڳائيندو... ”سر نسريا پاند اتر لڳا آءُ پرين....“ مهرباني ڪري پنهنجي دل پڪي ڪريو، عيدن مرادن تي ڳوٺ اوهان کان سواءِ چنڊ ضرور اڀرندو، هاڻي اها پراڻ پرستي بند ڪريو. هاڻي پاڻي اچي سيني تي بيٺو آهي، وارو وارو نه ڪندئو ته ويندي سنڌ هٿن مان... سو مڙسي ڪريو.. ڪراچي نه ڇڏيو. ڪيترا مرنداسين؟ ٻه سئو؟ ٽي سئو؟ هڪ هزار؟ ٻه هزار؟ گهڻا؟ کوڙ کرڙيون هڻندي مرن ٿا... هر روز ڪتي موت واهيات رسمن تي الائي ڪيترا مرن ٿا.. خير آهي... اوهان ڪونه مرندا، اوهان سدائين جيئرا آهيو، جيئرا ئي رهندا... سو مهرباني ڪري اجائي ”وطن (ڳوٺ) جي اڪير“ کي پاسيرو ڪري ڪراچيءَ کي به پنهنجو ڪريو. اتي عيدون ملهايو، اتي رهي پئو.... الله به آهي سائين! سنڌ پنهنجي آهي، پنهنجي ئي رهندي! ڪراچيءَ جا اصل وارث اسان آهيون، ڪوبه ٻيو ناهي! خدا خدا ڪريو! يار پنهنجي ڍڳي ڪهيو ڌاريا ويٺا ٿا هوڪا ڏين ۽ اسان پرتي بيٺا تماشبين ٿي حڪمرانن ٿي لعنت ملامت ڪرڻ کان سوا ڪيون ڇا ٿا؟ سو مڙسي ڪريو.... پنهنجا شناختي ڪارڊ ڪراچيءَ جا ٺهرايو، ووٽ اتي داخل ڪرايو، پنهنجي ٻولي سنڌي لکرايو. عيدون ڪراچيءَ ۾ ملهايو... ها عيد گذري ته ڪجهه ڏينهن ڀلي ڳوٺان نوان تاذا ٿي وڃو. بس اهو عرض ڪرڻو هئو.... ياد رکو، صبحاڻي الله پناهه ڏي، ڪراچي جي هٿان وڃي ٿي ته اوهان به ان ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ ليکبئو.
هتي بنگالين يا ڌارين کي ته ڪارڊ فوري طور تي ٺهي ملي ٿو پر لوڪل ماڻهن کي ايترو ته خوار ڪيو وڃي ٿو وڃي جو ڪارڊ ٺهرائڻ کان ئي دل کڄي ٿي وڃي هتي لوڪل ماڻهن هر ميدان ۾ ائين ئي خوار ڪيو وڃي ٿو چاهي پو هو تعليم جو حصول هجي يا نادرا مان ڪارڊ ٺهرائڻ اسپتالن مان علاج حاصل ڪرڻ يا ڪنهن به اداري مان ڪجه به حاصل ڪرڻ شل نه ڪنهن اداري ۾ ڪم پوي بس پو ته هفتي جي ڪم لا مهينو ڇٽومهيني جي لا ڇه مهينا ڇٽا باقي ڌارين جو ڪم بغير ڪنهن تڪليف جي ٿي وڃي. بحرحال هتي ڇا بحث ڪجي...... باقي نادرا جون پاليسيون آهن اهي هڪ حصاب سان به آهن ته تڪليف زده به آهن. منهنجو چوڻ ته اهو آهي ته ٻولي ئي هر قوم جي سڃاڻپ آهي جيڪو علائقي جي حصاب سان اُهڙي ٻولي ڳالهائي سگهي ان کي بغير تڪليف جي مسئلو حل ڪيو وڇي..........
ادا ڪراچيء ۾ سالن کان رهندڙ ڏهاڪن کان نوڪريون ڪندڙ ” سنڌين “ پنهنجا ڊوميسائيل ، پي آر سي ، شناختي ڪارڊ ڇو نه ٺهرايا آهن ۽ انهن پنهنجا ووٽ انهن ڪراچيء ۾ ڇو داخل ناهن ڪرايا ، جڏهن ته اهي پنهنجي ڳوٺ ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ پنهنجي توهين ۽ قومي عداري تصور ڪري ، قوم کي ٻتي غلاميء ۾ ڌڪي ، سنڌي قوم جو ” رت “ ڇو ته پي رهيا آهن ؟
مٿين لفظن کي توهان سنڌين جي بزدلي چوندي بيوقوفي يا جهالت ڪم عقلي جو اسان جي قوم ۾ قوميت جو شعور ڪونهي
نادرا جا به عجيب نخرا برداشت ڪرڻا ٿا پون . شناختي ڪارڊن ٺهڻ جي شروعات 1973 ع کان ٿي ، ان وقت ڪو به ناز نخرو ڪو نه هيو . ،بس پوسٽ آفيس وارو به ٻه رپيا فيس جا وٺي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيندو هو . پر هن وقت نادرا جڏهين جوان ٿي آهي ته ان جا نخرا به ناقابل برداشت ٿيندا ٿا وڃن . مثال طور ڪنهن بيوه ڪراڙي جي شناختي ڪارڊ جي تاريخ ختم ٿي ويئي ، ان کي نئون ڪرائڻ جي لا جڏهين نادرا جي دفتر پهتي ، فيس وٺڻ ۽ تفصيلن لکڻ کان پو ان کي هڪڙو ڪاڳر(پرچو) هٿ ۾ ڏيئي چيائونس ته هي تصديق ڪرائي اچ ۽ هنن ۾ جيڪي ڳالهيون يا شرط لکيل آهن اهي به پورا ڪري اچ . شرط وري ڪهڙا ؟ 1 . ڪمپيٽرائيزڊ برٿ (پيدائشي) سرٽيفڪيٽ . 2 . ڪمپيوٽرائيزڊ نڪاح نامون . هاڻي سائين ڏيو منهن . جنهن عورت ان اداري جي پيدائش کان اڳي جنم ورتو هجي ۽ اڳ ۾ ئي شادي ڪئي هجي . اهي ٻيئي شيون ڪٿان آڻي . لازمن رشوت ڏئي يا ٻيئي سرٽيفڪيٽ ڪنهن کان ڪوڙا ٺهرائي . ٻيئي ڪم قانون مطابق ڏوه ،پر نادرا جو ضد ته بس سائين فائيلن جو پيٽ ڀرڻو آهي ۽ سرڪاري شرط ته پورا ڪرڻا آهن نه .
ڪراچي ۾ رهندڙ سني سنڌين کي گذارش ! جن به سنڌين کي ٻار ڄمن ٿا ته ڇهن مهينن جي اندر انهن جا ڪمپيوٽرائيزڊ پيدائشي سرٽيفڪيٽ ۽ فارم ٻي ٺهرائي ڇڏين . يا جن جون شاديون ٿين ٿيون ،اهي به نڪاح پڙهائيندڙ مولوي ۽ جنهن هنڌ اهو نڪاح نامون رجسٽر ٿئي ، ان مولوي جي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي وٺي حد جي يونين ڪائونسل کان ڪمپيوٽرائيزڊ نڪاح نامي جو فارم وٺي تصديق ڪرائي اهو به يعني ڪمپيوٽرائيد نڪاح نامون ٺهرائي ڇڏين ،نه ته ڏاڍين ڏکيائن کي ڏسندا .
ڪجه ڏينهن اڳ منهنجي نياڻيءَ جي شناختي ڪارڊ جي تاريخ ختم ٿي ويئي ، ان کان اڳ انهي ئي نياڻيءَ کي ڇوڪرو به ڄائو هيو ، ان جوبه پيدائشي سرٽيفڪيٽ اهو به (ڪمپيوٽرائيزڊ )ٺهرائي ڇڏيو هو . مون کي نادرا جي افعالن جي اڳيئي ڄاڻ هئي . تنهن ڪري ان سان لاڳاپيل معاملن کي وقت سر پورو ڪري ڇڏيندو آهيان . ان نياڻيءَ کي ڊيوٽيءَ تان موڪل ڪرائي ، سندس ڄاول پٽ جي فارم بي ۽ سندس شناختي ڪارڊ جي تاريخ وڌائڻ سان گڏوگڏ ائڊريس تبديل ڪرائڻ جي لاءِ سفوران واري نادرا جي دفتر پهتس ، ٽوڪن وٺڻ جي لاءِ قطار ۾ بيهڻو پيو ، جڏهين کڙڪي تي پهتس ته ان تي موجود ويٺل صاحب فرمايو ته سائين پهريان هن کڙڪيءَ تان چيڪ ڪرايو ته مان اوهان کي گهربل شين جي لاءِ ٽوڪن ڏيئي سگهان ٿو يا نه ، جن به ڪمن جي هو اجازت ڏيندو صرف ان ڪم جي لاءِ پيسا وٺي ٽوڪن ڏيندس .اها قطار ڇڏي وڃي ٻي ۾ بيٺس ، واري اچڻ تي ان دريءَ (کڙڪيءَ ) واري چيو ته سائين پهريائين رڳو شناختي ڪارڊ جي تاريخ وڌندي ، ٻئي دفعي ٻار جو بي فارم ٺهندو ۽ ٽئين دفعي ائڊريس بدلبي ، فارف بي جا 500 رپيه ، تاريخ وڌائڻ جا 1500 رپيه ۽ ائڊريس بدلائڻ جا 1500 رپيه لڳندا ، خير پيسن جي ته پرواه نه پر نياڻيءَ کي هر دفعي موڪل ڪرائڻ ، قطار ۾ بيهڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو عمل ۽ محترمه نادرا کي ڏسو ته ڪمائي ڪرڻ جا ڪهڙا نه طريقا ڳولهي لڌا اٿائين .
پر سائين پر سائين اهو ب سچ آهي ت اسان ڪوشش ب ت ن ٿا ڪيون ن۰ ڀلا جي ڪوشش ڪيون ت سۇ مۇن ڏھ ت ٺهندا پنج ت ٺهندا۰ مخالفت ۽ مقابلي واري حالت ۾ دانهن جي بدرۇن ڪوشش ڪجي ت چڱون ن