• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انقلاب ۽ عوامي جذبات

وقاص منگي

سينيئر رڪن
انقلاب ۽ عوامي جذبات
پاڪستان جو عوام جنهن مشڪلاتن مان گذري رهيو آهي تنهن مشڪلاتن مان نڪرڻ لاءِ هميشه ڪنهن انقلاب جو منتظر رهيو آهي. مهانگائي، بيروزگاري، ڪرپشن، حڪمرانن جي بي حسي، پوليس جا مظالم ۽ بدامني جهڙا ناسور عوام کي انقلاب لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. اهڙي ۾ جيڪو ماڻهو انقلاب جو نعرو لڳائي ٿو ته اهي ماڻهو ان جي سڏ تي گهرن کان ٻاهر نڪري اچن ٿا. علامه ڊاڪٽر طاهرالقادري صاحب جڏنهن انقلاب جو نعرو لڳايو تڏنهن لکن جي تعداد ۾ پاڪستان جي انهن ماڻهن شرڪت ڪئي جيڪي ملڪ جي موجوده نظام مان انتهائي بيزار هيا ۽ هو حقيقي انقلاب گهرن پيا. ساڳئي نموني سان عمران خان به آزادي ۽ نئين پاڪستان جي ڳاله ڪئي ۽ عوام جو ڀرپور ساٿ ان کي به مليو، ٻئي انقلابي ۽ آزادي پسند ماڻهو پاڻ سان گڏ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو وٺي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ پهنجا پهنجا مطالبا حڪومت آڏو پيش ڪيا، ڪافي ڏينهن تائين ته ڊيڊلائينس ڏيڻ جو سلسلو جاري رهيو، ۽ حڪومت به ڪافي پريشر ۾ نظر آئي ۽ اهو پريشر حڪومت مٿان ٻن وڏن سببن ڪري هيو. هڪ عمران خان صاحب جو 2013 جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي الزام ۽ ٻيو ڊاڪٽر طاهرالقادري جي طرفان ماڊل ٽائون واقعي جي شهيدن سان انصاف جي ڪري. اهي ٻئي تلوار ٿي حڪومت جي ڳچي ۾ لڙڪڻ لڳا، ۽ پوءِ حڪومت مذاڪرات ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ۽ مذاڪرات جو سلسلو گهٽ ۾ گهٽ ڪم و پيش 27 ڀيرا هليو جنهن ۾ وزيراعظم جي استعفي واري مامري حڪومت غير آئيني ڄاڻائي نان نيگوشئيبل لکندي آئي ۽ اهو ئي مذاڪرات ۾ ڊيڊلاڪ جو به سبب بڻيو. بحرحال ان کان پوءِ 30 آگسٽ جي رات وارو اهو فيصلو جنهن ملڪ جي ان انقلابي عوام جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا رونما ٿيو. جيڪو خان صاحب ۽ ڊاڪٽر صاحب جو غلط فيصلو چيو وڃي ٿو. جنهن کانپوءِ هزارين ماڻهو گولين ۽ آنسو گيس کان بچڻ لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ گهڙيا ۽ اتي خيما کوڙي ڪافي ڏينهن تائين ويٺا رهيا. پر حڪومت انهن جا مطالبا مڃڻ لاءِ بلڪل به تيار نه هئي. ابتڙ انجي سڀ پوليٽيڪل پارٽيون پارليامينٽ ۾ متحد ٿي ويون ءِ معزو جمهوريت کي بچائڻ جي حامي ڀرڻ لڳيون. بحرحال باڪي جيڪو ڪجه ٿيو اهو ته سڀبي جي آڏو آهي پر جيڪو ڪجه ڏينهن پهريان قادري صاحب ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته ڪافي انقلابي ان فيصلي تي ناراض نظر آيا، جيڪي ماڻهو انقلاب لاءِ جان ڏيڻ لاءِ تيار هيا اهي 70 ڏينهن ڌرڻي ۾ ويهڻ کانپوءِ به بنا انقلاب آڻڻ جي واپس وڃي رهيا هئا ان لاءِ انهن غصو جائز به هيو پر ان ۾ حڪومت جي بي حسي به زميوار آهي، پر انهن ماڻهن جي صبر کي سلام آ ته هو 70 ڏينهن تائين ويٺا رهيا. هڪ ڳاله ضرور سچ آهي ته ڌرڙن عوام ۾ ڪافي شعور پيدا ٿيو ماڻهو پهنجي حقن لاءِ ڳالهائڻ لڳا، ماڻهن کي خبر پئي ته آئين ڇا آهي ۽ آئين جي مطابق اسان جان حقوق ڪهڙا آهن ۽ "گو نواز گو" جو نعرو عوام کي مليو جيڪو نه صرف پاڪستان پر اقوام متحده سميت سڄي دنيا ۾ گونجيو. پر ان سڀ ڳالهين جي هوندي به قادري صاحب پهنجو تئه ڪيل حدف حاصل ڪرڻ ۾ بظاهر ته ناڪام رهيو. ڊاڪٽر صاحب شروعاتي ڏينهن کان ماڊل ٽائون جي شهيدن سان وفاداري جا قسم کڻندو رهيو، پر ماڊل ٽائون واقعي جا ٻيا مجرم ته ٺهيو پر مرڪزي مجرم گلو بٽ به ضمانت تي آزاد آهي. بحرحال انقلاب جي ضرورت پاڪستان ۾ ضرور آهي پر ان لاءِ پاڪستانين جي جذبات سان کيڏڻ به هڪ وڏو گناه آهي.
 
رسول الله صلي الله عليه و سلم جي نالي تي ڪوڙ هڻندڙ اگر ٺڳ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top